FB IMG 1546250967786

 

“انگريزي دور جون سماجي تنظيمون..“
( بابا سائين جي نوٽس مان.)
 بابا سائين اڄ ڪلھہ “ڊيلي گزيٽ “ مان ورتل نوٽس جي بنياد تي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 1884 کان وٺي 1947 تائين پاڻ جيڪو مطالعو ڪيو اٿن انهي کي ذھن ۾ رکي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جنهن ۾ 4 ڪالم آھن1. موضوع يا عنوان.2. اخبار ۾ ڪھڙي تاريخ تي ڇپيو 3. اھو ڪھڙي صفحي تي ڇپيو آھي4 . تہ اھو مواد محقق کي ڪھڙي ڪم ايندو. 
مان انهي ترتيب ڏنل انڊيڪس ۽ نوٽس تي جڏھن نظر وجهان ٿو تہ ائين ٿو لڳي تہ جيئن انگريزن جي دور  ۾ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سماجي تنظيمن جو ڄار وڇايل ھيو جن جي ڪارڪردگي نھايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آھي. مثال طور لائبرريون قائم ڪرڻ مختلف موضوعن تي ڄاڻو ماڻھن کان تقريرون ڪرائڻ،ھنگامي طور تي پيدا ٿيل سماجي مسئلن جو حل ڪڍڻ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ وغيره. سنڌ ۽سنڌي ماڻھن جا ٻولي،ثقافت، تعليم ۽ ملازمت سان لاڳاپيل اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ انهن تنظيمن جا خاص مقصد ھئا.اھي تنظيمون برادري جي بنيادن تي بہ قائم ٿيل ھيون تہ قومي انداز ۾ بہ جوڙيل ھيون. برادرين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمون جھڙوڪ پئنچاتن جو جديد روپ ھيون جن ۾ برادري کي وڏن شھرن ۾ پيش آيل مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو ھيو ۽ اھي خاص ڪري انهن ھندن جون قائم ٿيل ھيون جيڪي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن منجهان ملازمت يا تجارت سانگي حيدرآباد يا ڪراچي ايندا ھئا. قومي نوعيت يا اھميت واريون تنظيمون سياسي تنظيمن جي فعال ٿيڻ کان اڳ وڌيڪ سرگرم رھيون ۽ انهي ڪميءَ کي پورو ڪيائون.  جڏھن سياسي پارٽيون سرگرم ٿيون تہ سماجي تنظيمن پاڻ کي فقط سماجي ۽ ثقافتي ڪمن تائين محدود رکيو. اڄ اسان وٽ“ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن “قائم آھي ،پر مزي جي ڳالھہ اھا آھي تہ انگريزن جي دور ۾ بہ انھي نالي سان ھڪ تنظيم موجود ھئي.ذاتين جي بنياد تي قائم ٿيل تنظيمن کانسواءَ مذھبي بنيادن تي بہ سماجي تنظيمون جڙيل ھيون جن ۾ مسلمانن،ڪرستانن،ھندن ۽ سکن جون کوڙ ساريون تنظيمون ھيون. سموري قسم جي مکيہ تنظيمن مان جيڪي وڌيڪ فال ھيون انهن جو تعداد سون ۾ آھي،پر ڪي نالا ھن ريت آھن. ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن، سٽيزنس ايسوسيئيشن، سھتا سڌار ايسوسيئيشن،گروسنگھہ سڀا،ينگ سنڌي ايسوسيئيشن، ڪڇي ميمڻ سڌارڪ منڊل،سنڌ سناتن ڌرم منڊل، بنڌو منڊل، مسلم مارواڙي سلاوٽ جماعت، گوئان يونين پريم منڊلي،ھندو شيوڪ منڊل،  آريا سماج منڊل، ھندو ٽائون پيپلز ايسوسيئيشن، ڪراچي سٽيزنس ايسوسيئيشن، حيدر آباد سٽيزنس ايسوسيئيشن، برھم مترا منڊل، ساٿ سڌار منڊل وغيره.
انهن تنظيمن جي ڪارڪردگي ڏاڍي دلچسپ ۽ توجه ڇڪرائڻ واري آھي. مثال طور اھي تنظيمون ڪڏھن سرڪاري ملازمن جي پگھارن وڌائڻ جا مطالبا ڪنديون ھيون تہ ڪڏھن اجمير ۽ ٻئي اھڙي طرف ويندڙ زيارتن جي ڪراين ۾ گھٽتائي جا مطالبا ڪنديون ھيون. ڪراچي جي سٽيزنس ايسوسيئيشنس بامبئي يونيورسٽي کان مطالبو ڪيو ھو تہ سنڌي کي گريجوئيشن جي سطح تي تدريسي مڃتا ڏني وڃي. ڪيچ مڪران طرف وڏيون تباھيون آيون تہ اتان ڪيترا ماڻھون ڪراچي لڏي آيا جن کي آباد ڪرڻ ۾ سماجي تنظيمن اھم ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي سماجي تنظيمن جو وڏو ڪارنامو ھي آھي تہ انهن ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا اسڪول قائم ڪيا ۽ نسواني تعليم جيڪڏھن عام ٿي ۽ سنڌ جون نياڻيون ڪاليجن ۾ پھتيون تہ ان ۾ سماجي تنظيمن ۽ انهن طرفان قائم ڪيل تعليمي  ادارن جو وڏو ھٿ آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ انهن تنظيمن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي تہ ڪارڪنن ۽ عھديدارن جي زندگين جا احوال گڏ ڪيا وڃن ۽ انهن جي ادبي. تعليمي ۽ ثقافتي خدمتن تي ڪم ٿيڻ گھرجي. ڇو تہ ان منجهان سنڌ جي سماجي شعور سوچن ۽ لوچن جي شاندار تاريخ جڙي ويندي. بابا سائين ان حوالي سان ڪم ڪيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. بابا سائين اڪيلي سر ڪم ڪيو آھي پر اھو چڱن ڀلن ادارن جي ڪم کان گھڻو آھي. جنهن انڊيڪس تي بابا ڪم ڪري پيو اھا مڪمل ٿي ويندي تہ ان منجهان اسان کي انگريزن جي دور جي سماجي تنظيمن ۽ سندن خدمتن جو اندازو لڳائي سگھبو. (ممتاز پٺاڻ)
 

Good Wishes