“ثناءُاللہ ثنائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ بابا سائين“.
گل حيات اداري ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل پي ايڇ ڊي مقالن جو هڪ الڳ ڪارنر آھي جنهن ۾ کوڙ ساريون پي ايڇ ڊي جون ٿيسزون موجود آھن .جھڙوڪ ڊاڪٽر ڪليم اللہ لاشاري جي علي نواز وفائي تي مقالو،ادل سومري جو سنڌي ادبي سنگت تي مقالو، ڊاڪٽر ممتاز بخاري جو سنڌ مدرسي تي مقالو، فيروزا سمون جو ٻاراڻي ادب تي (ايم فل) مقالو، امداد حسين سھتي جو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا 10 سال جي موضوع تي لکيل مقالو، مولانا محمد ادريس جو ديني عالمن جي ادبي خدمتن تي مقالو، مظھرالدين سومري جو تحريڪ آزادي ۾ ديني عالمن جي خدمتن تي مقالو ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو مولانا ثناءُاللہ ثنائي جي شخصيت ۽ شاعري تي مقالو وغيره. ڪارنر سڄو ڀريو پيو آھي پر مون چند اڻ ڇپيل مقالن جا نالا ڏنا آھن.
اڄ 26ڊسمبر آھي ۽ سال 1976 ۾ ھن تاريخ تي مولانا ثناءُ اللہ ثنائي وفات ڪئي.جڏھن مان يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس ۽ بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو تڏھن بابا وٽ جيڪي پي ايڇ ڊي ڪندا ھئا يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري ڪم ۾ مدد ۽ رھنمائي وٺندا ھئا انھن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد بہ ھڪ ھيو.ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۾ پھريون شاگرد ھو. بابا سائين تحقيقي رھنمائي جي حوالي سان اھو تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو تہ ھن وٽ پيءُ ۽ پٽ پي ايڇ ڊيون ڪيون. بابا سائين ڊاڪٽر بشير جو گائيڊ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ ٿي رھيو. بابا جي ان رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ڪيترائي سال لڳندا.اھڙي نموني سان تحقيق تاريخ ۾ بابا سائين اھو رڪاڊ بہ قائم ڪيوتہ جنهن شاگرد سندس رھبري ۾ ايم فل ڪئي تہ انھي ئي پي ايڇ ڊي بہ وري بابا سائين وٽ ڪئي پروفيسر ڊاڪٽر امدا سھتي قائد اعظم يونيورسٽي مان بابا جي رھنمائي ۾ ايم فل جي ڊگري ورتي ھئي ۽ پوءِ وري شاھ لطيف يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري بہ بابا سائين جي رھنمائي ۾ڪئي.
ڊاڪٽر شاد اسان جي تر جي شاعر مولانا ثناءُ “ثنائي“ جي شخصيت ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ھي مقالو تحقيق ۾ ھڪ ماڊل جي حيثيت رکي ٿو تہ ڪنهن شاعر جي حيثيت ۽ عظمت جي اندازي لڳائڻ لاءِ ڪھڙيون ڪسوٽيون ڪم آڻجن. مولانا ثناءُ اللہ “ثنائي“ وڏن ۽ اھم ديھاتي شاعرن مان ھڪ ھيو.ھو بابا جي چاچا (جنهن جو نالو بابا تي رکيو ويو) مرحوم در محمد “درل“ جو يار ھيو.ٻئي شاعر ھيا ۽ سندن کوڙ ساري شاعري سندن دوستاڻي واقعن ۽ مشاھدن تي بہ ملي ٿي. مولانا ثنائي ديني ۽ روحاني خاندان جو اولاد ھيو ۽ ھن وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. بابا سائين جون ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھو بابا سائين سان زماني جي بي قدريءَ جون جڏھن شڪايتون ڪندو ھيو تہ بابا سائين ھن کي اھو آٿت ڏيندو ھيو تہ “ تنهنجو ۽ تنهنجي خدمتن جو نالو روشن ڪرڻ ۾ مدد ڪندس “. پوءِ جڏھن بشير احمد شاد سنڌالاجي ۾ اچي پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ جي لاء بابا کي گذارش ڪئي ۽ ڪا ٽاپڪ بہ تجويز ڪرڻ لاءِ چيو تہ بابا سائين کيس مولانا ثنائي جي شخصيت ۽ شاعري جو موضوع بہ ڏنو ۽ پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ تي بہ رضامندي ڏيکاري. ڊاڪٽر بشير شاد ان وقت تحقيقي ڪم ھٿ ۾ کنيو جڏھن شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪو ھيو.ان ڪري ھن وقت تي پي ايڇ ڊي جو مقالو پورو ڪيو. مون کي ياد آھي تہ ھڪ دفعي يونيورسٽي جي ڪنٽرولر بابا سائين سان ڪچھري ڪندي کيس چيو تہ پيءُ پنهنجي پٽ جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿي نٿو سگھي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي والد جو نالو بہ درمحمد آھي ۽ انهي تي ڪنٽرولر صاحب کي غلط فھمي پيدا ٿي ھئي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بابا کيس ٻڌايو تہ بشير احمد شاد ڄمار ۾ مون کان ڪيترائي سال وڏو آھي ھا بلاشڪ منهنجو ۽ سندس والد جو نالو ساڳيو آھي. ڊاڪٽر بشير شاد ۽ سندس اولاد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سٺي آبياري ڪئي آھي ۽ اڄ ڪلھہ لا ڙڪاڻي ۾ سندن خاندان علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي.(ممتاز پٺاڻ)