“سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر.“
(بابا سائينءَ جي نوٽس مان)
مذھب ماڻهپي ۽ انساني ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ جو ذريعو آھي. پر ھر مذھب ۾ جنونيت جا پوئلڳ ۽ پيروڪار بہ ٿين ٿا جيڪي مذھبي رواداريءَ کي مجروح ڪن ٿا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جا نمائندا جڏھن سنڌ ۾ پھتا تہ انھن مذھبي ڪٽرپڻي کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٖ ان ڪري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي ھنن سنڌي ماڻھن کي مذھبي بنيادن تي ورھايو۽ ويڙھايو. تاريخي شاھديون ملن ٿيون تہ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ستت پوءِ مسلمانن طرفان ڪجھ اڳرايون ٿيون.اتر سنڌ ۾ ھندن کي اھڙي صورتحال مان نقصان پھتو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڀڄي جند ڇڏائڻي پئي ۽ ان جي بدلي وٺڻ لاءِ نائون مل کي سنڌي حڪمرانن سان غداري ڪرڻي پئي. انگريز جڏھن حڪمران ٿيا تہ انھن پنهنجي دين جي عالمن ۽ ادارن کي تبليغ ڪرڻ جي وڏي ڇوٽ ڏني پر ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي اختلاف پئدا ڪرڻ لاءِ وڏئ عقلمندي ۽ حڪمت عملي کان ڪم ورتائون. ان ڪري ھنن ڪڏھن ھندن جي تہ ڪڏھن مسلمانن جي ڪلھي تي بندوق رکي ھلائي. بابا جي ورتل نوٽس جي اوراق گرداني ڪندي 1912 جي “ڊيلي گزيٽ“ مان ورتل نوٽس منهنجي اڳيان آھن .جن جي پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذھبي مناظرا ٿيندا ھيا پر ان لاءِ پليٽ فارم ھندن جو استعمال ٿيو. اھڙين تنظيمن مان “آريا ينگ مينس ايسوسيئيشن“، ڪراچي بہ ھڪ آھي. انھيءَ تنظيم جي پليٽ فارم تان ھفتن جا ھفتا مذھبي مناظرا ٿيندا ھئا.انھي سلسلي ۾ “ مڙدي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترائي ھفتا ھليو ۽ 22اپريل 1912 تي ختم ٿيو.ٻيو مناظرو وري 27 اپريل 1912 کان شروع ٿيو جنهن جو عنوان ھيو“روح لافاني آھي يا مادو لافاني آھي“ ھن مناظري جي ابتدا رام شيوڪ لال جي تقرير سان ٿي ھئي. مسلمانن طرفان ڪراچيءَ جي مذھبي تنظيم “انجمن ضياءُالاسلام“ انهن مناظرن ۾ گھڻو حصو وٺندي ھئي. اھڙا مناظرا اڪثر ڪري آريا سماجي منعقد ڪرائيندا ھيا. جيڪي ڪرستانن جي بدران ڪڏھن ڪڏھن پاڻ بہ مسلمانن سان مناظرا ڪندا ھيا. (ممتاز پٺاڻ)