مُحقق - ڊاڪٽر روشن گولاڻي 
  ✍🏻ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
 
ڀارت جي سنڌي ساهتيه جي اتهاس ۾ ٻه  ڏهاڪا کن پٺيان جا ورق ڏسبا ته  اڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان ڏسڻ ايندا جن سنڌي ساهتڪ کيتر ۾ قدم رکندي ئي ڪاميابيء جي اوچاين کي ڇهيو.
 جن ۾ خاص آهي نوجوان پيڙهيء جو ساهتڪار , سنڌ هند جي ڃاتل سڃاتل شخصيت , ساهتيه اڪاڊمي انعام يافت, ٻال ساهتيه رچيندڙ , مضمون نگار , ترجمان , ڪالم نويس, شاعر محقق ۽ ٻهوگڻي شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جنهن کي هن سال مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جي ٻال ساهتيه انعام سان نوازيو ويو. 
روشن گولاڻيء جو جنم احمداباد ۾ شري لکميچند گولاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر گولاڻيء جا ماتا پتا سنڌيت جا شيدائي , سنڌيت پريمي آهن. جن پنهنجن ٻارن ۾ سٺا سنسڪار اوتيندي سنڌي ٻولي , سڀيتا ۽ سنسڪرتي جا ٻج پوکيا. جنهن جو اثر روشن جي ٻال هرديه تي ننڍپڻ کان ئي پيو . ننڍپڻ ۾ ماتا پتا وٽان مليل سٺن سنسڪارن جو ٻج  سلو ٿي اُڀرڻ لڳو. جنهن سلي کي اسڪولي ڪاليجي اُستادن تعليمي گيان ڏيندي پاڻي ۽ ڀاڻ ڇٽڪائڻ جو ڪم ڪيو. جنهن ڪري هي ننڍپڻ کان پڙهڻ ۾ تيزفهم هو. روشن گولاڻي پرائمري تعليم مونسپل اسڪول مان پڙاهائيندي, سيڪنڊري تعليم مهاتما گانڌي هاء اسڪول مان حاصل ڪندي ,ايڇ.  ڪي آر ڪاليج مان بي اي ڪئي. جڏهن ته ايم اي پڙهڻ واسطي هن کي ممبئي يونيورسٽيء م داخلا وٺڻي پئي ڇو جو احمدآباد ۾ هيل تائين ڪو ڪاليج يا ڪا يورنيورسٽي  نه آهي.  جتي ايم اي جي ليول تي سنڌي وشيه پڙاهيو وڃي. ۽ اڳتي هلي ڊاڪٽر روشن گولاڻي پنهنجي همٿ محنت لگن ۽ حوصلو بلند رکندي اڳتي اڳتي ۽ ڪاميابيء سان  تڪرا قدم هلائيندو رهيو. جهڙو نالو روشن اٿس اهڙا سندس گڻ روشندار اٿس.
بنيادي طور ڊاڪٽر روشن ٻال ساهتيه جي واقفيت سان سڃاتو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ روشن گولاڻي اها ٻهوگڻي شخصيت آهي جو هو جيترو ساهتيه لاء سرگرم آهي اوترو ئي احمداباد جي سنڌي سماج جو سجاڳ ڪارپوريٽر رهندي بلڪل فرحتائي سان نه فقط عهدو بخوبي نباهيو. پر احمدآباد جي سنڌي سماج جا اهم مدا جيڪي  ڪيترن ئي سالن کان ٺپ ٿيل هئا تنهن لاء هن تمام گهڻي سنگرهش ڪندي, هرهڪ ڪم کي سرانجام ڏيندي ۽ احمدآباد جو لاڏلو ڪارپوريٽر ثابت ٿيو. حالانڪ هن وقت هي ڪارپوريٽر ڪونه آهي . پوء به احمدآباد جي سنڌي قوم کي مونسپل مان پورا حق ڏيارڻ جي لاء جاکوڙ اڃا سندس جاري آهي. سياستدان ۽ سماج سڌارڪ  جي حيثيت ۾ هن جي هٿان ڪيل ڪمن جي فهرست ايتري ته تمام وشال ۽ وسيح آهي جو هن تي ٻيو وڏو مقالو لکجي وڃي. پر هت منهنجو اهو وشيه نه آهي.
ڊاڪٽر روشن گولاڻي ڪيترن ئي الڳ الڳ شهرن جي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سنسٿائن طرفان  ڪوٺايل  سيمينار 
سميلن  ۾ ڀاڳ وٺندي  پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته کيس ڪيترن ئي عزتدار انعامن سان نوازيو ويو آهي. هن هيل تائين  جيڪي ڪتاب لکيا آهن گهڻو ڪري کيس هر ڪتاب تي انعام عطا ٿيل آهي. جيڪا شاهدي سندس معياري قلم ڏئي ٿو.  
روشن گولاڻي پي ايڇ ڊي اجمير يونيورسٽيء مان ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جي رهبريء ۾ 2014  ۾ ڪئي.
هن سنڌ هند جي سڃاتل شخصيت ,سنڌ لوڪ ادب جو کوجنيڪ , ناٽڪ نويس , ڪهاڻي نويس, ترجمان, مضمون نگار , ڪالم نويس, اداڪار , هدايتڪار , شاعريء جي صنف ڇهه اکري جو کوجنيڪ محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي شخصيت تي ڪئي جنهن جو عنوان آهي "ساهتيه ۾ ڪٽنب , سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو"
 هڪ ڳالهه جا خاص هت غور طلب آهي سنڌي ساهتيه جي کيتر  ۾ سنڌ هند ۾  پهريون ڀيرو ڪنهن جي ٿيسز تي تنقيدي جائزي جو ڪتاب شايع  هجي ۽ جنهن ڪتاب  ۾ سنڌ هند جي اعليا تعليمدانن, نقادن جا ٿيسز تي ليک ڇپايا هجن جنهن ته سنڌ جي عظيم شخصيتون ڊاڪٽر غلام علي الانا , شوڪت حسين شورو , ڊاڪٽر سليم ميمڻ , ڪمال ڄامڙو ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جڏهن ته هند جون عظيم شخصيتون ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي , ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي , واسديو موهي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي , ڊاڪٽرديال آشا , ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي ته اهو شرف سنڌ هند جي لاڏلي فقط ڊاڪٽر روشن گولاڻيء کي حاصل ٿيل آهي.
 "ادبي تنقيد"  جي نالي سان  2017 ۾ اهو ڪتاب  سنڌ ۾ شايح ٿيو. 
جڏهن ت 2019 ۾ ٻ ڪتاب شايع ٿيا  " اندر ڀوڄواڻي " ۽ "هيرو ٺڪر ٻهو گڻي شخصيت" جن ڪتابن جو سمپادڪ روشن گولاڻي آهي . 
ڊاڪٽر روشن گولاڻي مقالي جي ورهاست جملي ستن بابن ۾ ڪئي آهي.
*باب پهريون -ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جيون ۽ شخصيت 
*باب ٻيون - ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو
*باب ٽيون - ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
* باب چوٿون- مضمونن ۾ ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن
 جي ڇند ڇاڻ 
*باب پنجون - ناٽڪن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
*باب ڇهون - ٻال ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
*باب ستون -جاچنائون ۽ ضميما
*"ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جيون ۽ شخصيت"
 محقق پهرين باب کي ڏهن حصن ۾ ورهايو آهي هونئن ته ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي  شخصيت ايتري وشال ۽ وسيح آهي جو ممڪن ڪونهي 36,صفحن ۾ سمائجي وڃي پر محقق پنهنجي قلم جي جوهر سان ڊاڪٽر  لالواڻيء جي جيون ۽ شخصيت  جي سموري تصوير پيش ڪندي, جديد برش جو استمعال ڪندي ,گاگر ۾ ساگر اوتڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ جنهن ۾ هو ثابت قدم به رهيو آهي
باب جي شروعات ۾ ڊاڪٽر لالواڻيء جو جنم, ڪٽنب, سنسڪار, تعليم, نوڪري, گهرو سنسار, ساهت کيتر, ڪلا کيتر ۾ يوگدان ڏيندي, ساهتڪ سڀيتڪ تعليمي کيتر جو نڀايل جوابداريون جو اظهار لاثاني ڌنگ سان ڪندي, محقق گولاڻيء , ڊاڪٽر  لالواڻيء جي خاص هن باب کي ڀرپور پيار سڪ سان اوڌيو آهي ۽ سچ پچ  لالواڻي جي شخصيت  اُن کان به مٿائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.جڏهن ته باب جي پڇاڙيء ۾ روشن گولاڻيء جي لالواڻيء سان روبرو ملاقات مان پڻ چڱي چوکي ڃاڻ ملي ٿي جنهن ۾ سچل سرمست جا قول "مان جوئي آهيان سوئي آهيان"  ۽ ڊاڪٽر لالواڻيء جي بهترين ڪوتا خاص ڌيان ڇڪائين ٿا. جنهن مان ڊاڪٽر لالواڻيء جي سچي سنڌ سپوت جو ثبوت ملي ٿو. 
جيءُ ۾ آهي جيسين جان,
زندهه رهندي پنهنجي زبان
سنڌي توکي ڪونه ڇڏيندس
سنڌ ڇڏسين پرواهه ناهي
هند ۾ هاڻي توکي اڏيندس
*"ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو"
جئن ته بنيادي طور ڊاڪٽر لالواڻي لوڪ ساهت جو کوجنيڪ آهي.
ڊاڪٽر لالواڻي ٻنيء جي علاقن تي مهنن جا مهنا سفر ڪندي اُتان جي ٽڙکيل پکڙيل لوڪ ادب جي کوجنا ڪندي, تحقيق ڪندي, جيڪو تمام لاثاني ڪم ڪيو. تنهن جا چٽا عڪس هن باب ۾ ظاهر ٿي بيٺا اهن.
باب جي شروعات ۾ محقق روشن گولاڻيء لوڪ ادب جي صنف کي چٽو ڪندي,. ڊاڪٽر لالواڻيء جي کوجناتمڪ ڪمن جو جائزو وٺندي,  ٻني جا لوڪ گيت ,پروليون, لوڪ ناٽڪ, فوڪ لور, لوڪ ساهتيه تي ودوانن عالمن جي حوالن سان روشني وجهندي ,  ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء  جي لوڪ ادب تي رچيل کوجناتمڪ مجموعن جي ڄاڻ ميسر ڪندي, هرهڪ ڪتاب جي چڱي چوکي گهرائيء سان  ڇند ڇاڻ ڪندي ڪاميابيء سان قلم هلايو آهي.جنهن ڪري هي خاص باب مقالي جي آتما مثل اُڀري بيٺو آهي.جنهن لاء محقق کي جس هجي.
*" ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ"
هن باب ۾ محقق ودوانن جي حوالن سان ڪهاڻيء جي وصف بيان ڪندي , مختصر ۾ ڪهاڻيء جي اوسر جون جهلڪيون پسائيندي , ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جا شايح ٿيل 'ماضيء جا ڌنڌلا عڪس' , 'پوسٽ مارٽم'۽ 'ردي' ڪهاڻيء جي مجموعن جو بهترين ڍنگ سان ڇند ڇاڻ ڪندي ڊاڪٽر لالواڻيء جي ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽ چٽي نموني ظاهر ڪيا آهن تنهن لاء محقق ڪجه بهترين مثال پڻ پيش ڪيا آهن جڏهن ته محقق هنن مجموعن کانسواء ڊاڪٽر لالواڻيء جون  ميئگزن, رسالن اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪهاڻيون سيهڙي, ڇند ڇاڻ ڪندي,هرهڪ ڪهاڻيء جي الڳ الڳ تحقيق ڪندي مقالي ۾ شماريو آهي. 
*" مضمونن ۾ ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن جي ڇندڇاڻ"
هن باب ۾ محقق مضمون نويسي جي فن تي سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي ودوانن جي حوالن سان روشني وجهندي جڏهن ته  مضمون جي ورهاست لاء ودوانن جا الڳ الڳ حوالا پيش ڪندي, مضمونن تي ڊاڪٽر لالواڻي جا 15 شايح ٿيل ڪتابن تي تحقيقي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي هرهڪ مضمون تي وستار سان جائزو ورتو آهي. جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿي بيٺي ڊاڪٽر لالواڻيء شخصي ۽ سماج جي هرهڪ موضوع تي لاثاني ڍنگ سان ڇهيو آهي ته محقق روشن گولاڻيء هرهڪ مضمون جي هرهڪ پهلوء جي چڱي چوکي ڇند ڇاڻ ڪندي ڪاميابيء جي ڏاڪو طئه ڪيو آهي.
*" ناٽڪن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽُ"
بنيادي طور ڊاڪٽر لالواڻي لوڪ ادب سان گڏ  ناٽڪ نويس طور سنڌ هند ۾ ڃاتو سڃاتو ويندو آهي. هي آحمدآباد جو اُهو پهريون سنڌي آهي جنهن کي ناٽڪ ڪلا گؤرو پرسڪار سان نوازيو ويو .
محقق گولاڻيء هن باب ۾ روايت طور ناٽڪ جي وصف پيش ڪندي, سنڌي ناٽڪ تي روشني وجهندي ,سنڌي ناٽڪ جي دورن  شروعاتي , وچون ۽ جديد تي مختصر ۾ ڄاڻ ڏيندي, ۽عالمن جي حوالن سان سٺي تحقيق ڪئي آهي.
 ڊاڪٽر لالواڻيء جي شايح ٿيل ايڪانڪي ڇهن مجموعن جي بهترين ڍنگ سان ادبي پرک ڪندي  باب جي عنوان سان واسطيدار ڪجه ناٽڪن جا ٽڪرا ڏيندي هرهڪ ناٽڪ تي چڱي چوکي ادبي ڪٿ ڪئي آهي.جنهن ۾ هو بلڪل ڪامياب قدم رهيو آهي.
.
*"ٻال ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ"
"چوندا آهن  ٻار آئيندهه جا ابا" ڊاڪٽر لالواڻي اهڙن محصومن ابهمن جي ساهتيه ڏانهن به اوترو ئي سجاڳ رهيو آهي جيترو وڏن جي ساهتيه لاء
محقق هن باب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.پهرين حصي ۾ ٻال ساهتيه جي سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر لالواڻيء جا ٻال ساهتيه تي شايع ٿيل 9 ڪتابن ۽ هڪ سمپادن ٿيل سمورن  مجموعن  تي ساهتڪ پرک سان ثابت ڪيو آهي ته لالواڻيء نه فقط لوڪ ادب جو اڀياسو ۽ ناٽڪ نويس آهي پر هو هر صنف تي
ڪاميابيء سان قلم هلائيندڙ تمام مٿائون ساهتڪار آهي.
هن حصي جي پڇاڙيء ۾ محقق ڌيان ڇڪائيندڙ حوالو ڏيندي لکي ٿو.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيء راندين کي کڻي ۽ گم ٿيندڙ لوڪ چاهي ديسي راندين تي 'ڏيهي رانديون' هڪ ٻال مضمون پڻ لکيو آهي. جيڪو راشٽريه سنڌي ڀاشا پريشد , نيو دهليء جي سنڌي ڀاشا سيکارڻ لاء هلندڙ اڀياس ڪرمن جي ڊپلوما ڪورس ۾ شامل ڪيل آهي. جيڪو نوجوان سنڌي چاهي غير سنڌي سکڻ جو اڀياس ڪن ٿا تن کي ڏيهي راندين بابت ڄاڻ ميسر ڪرائي گيان ۾ اضافو آڻي ٿو".
هن ئي باب جي ٻئي حصي جو عنوان آهي "ترجمن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽ"  جنهن ۾ محقق ترجمن جي اهميت سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر لالواڻيء جو ٻال ساهتيه ٻين ٻولين تان ترجمو خاص سنڌيء مان گجراتي لڳ ڀڳ 10 ڪتاب  تي روشني وجهندي لاثاني ڍنگ سان ڇند ڇاڻ ڪندي محقق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڊاڪٽر لالواڻيء جو ترجمي جي ڏس  ۾ پڻ زبردست يوگدان رهيو آهي ۽ اهو ثابت ڪندي محقق ڪامياب رهيو آهي.
*"جاچنائون ۽ ضميما"
جاچنائون ۽ ضميما جوڙڻ جو ڪم محقق گولاڻيء جو لاثاني ۽ ٻين محققن کان نرالو آهي. جو هن باب کي بهترين ڍنگ سان پنجن حصن ۾ ورهائيندي هرهڪ حصي سان بخوبي نباهيو آهي ۽ پڇاڙيء ۾ جيڪا ببلوگرافي ڏني اٿائين تنهن مان به محقق روشن گولاڻيء جي محنت ,  جاکوڙ, جفاڪشيء جون کوڙ کوڙ جهلڪيون ملن ٿيون. 
هي سمورو مقالو پڙهڻ بعد ڪا گنجائش ڪونه ٿي رهي ته ڪو محقق روشن گولاڻيء ,ڊاڪٽر لالواڻيء جي شخصيت جو ڪو پهلو ڇڏيو آهي.  ڊاڪٽر روشن گولاڻي شفاف ادبي عينق پائي لاثاني ڍنگ سان ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي شخصيت جي هرهڪ پهلو  کي ڇهندي , جيڪا تحقيق ڪئي آهي سان واقعي ۾ قابلي تاريف آهي.
ڊاڪٽر روشن گولاڻيء جو هيءُ مقالو اسانجي سنڌي اتهاس ساهتيه ۽ سماج ۾ هڪ انموليه خزانو آهي. جهڙو نالو روشن اٿس تهڙو ئي هن مقالي کي پنهنجي رنگمئي ڪرڻن سان هرهڪ باب کي روشندار ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهيو آهي. جنهن لاء ڊاڪٽر روشن گولاڻي کي شاباس هجي کيس کوڙ کوڙ ساريون مبارڪون آنءُ کيس دعا ٿي ڪريان شل ڊاڪٽر روشن جو مستقبل اڃا به روشن ٿيندو رهي جو سنڌي ساهتيه ۽ سنڌي قوم ۾ سدائين  چمڪندو رهي. 
***ڊاڪٽر روشن گولاڻيء کي مليل عهدا مان ۽ سنمان
* سنڌو ورثو ڪتاب - سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات 
طرفان انعام سال- 1995
* رنگبرگي گل - سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
 طرفان انعام سال - 2008
* مٺڙي مٺڙي لاڙ - سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
 طرفان انعام سال 2009
*روشن آواز - سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
 طرفان انعام سال 2002
* ٻال ساهتيه جو انعام
* يوو گورو پرسڪار ڀارت ۾ پهريون انعام 2008
* مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي - سال 2017
***ڊاڪٽر روشن گولاڻيء جي ساهتڪ پونجي 
سنڌو ورثو - 1994
رنگبرگي گل - 2007
مٺڙي مٺڙي لاڙ - 2008
روشن آواز -2011
روشن تارا - 2012
سنڌي ادبي اخبار نويسي - 2015
روشن ٻاراڻا ٻول - 2015
ٻال گلشن -2017
ادبي تنقيد - 2017
ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 2017
مور نچي ٿو - 2018
*سمپادن ٿيل ڪتاب
 رنگبرگي پوپت - 2014
مهاڳ -  2014
ادبي تصرا - 2014
اندر ڀوڄواڻي 2019
هيرو ٺڪر ٻهو گڻي شخصيت 2019
*ترجمو ٿيل ڪتاب
سنگ درشن - 2014

Good Wishes