09 - 01- 1946
 
 
" هند جي ٻال ساهت جو سرمور نقاد -مني ڪهاڻيون جوڙيندر - مُحقق ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي"
   ✍🏻  ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
  
 هند جي ٻال ساهتيه جو سرمور نقاد, ڪهاڻيڪار, ناٽڪ نويس, مضمون نگار ,ڪالم نگار ,ترجمان , سمپادڪ, مُحقق , شاعر ,ٻهوگڻي شخصيت جو مالڪ, ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جو جنم 9 جنوري 1946 ۾ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيء جي گهر ۾ ٿيو.
هوندراج بلواڻي هڪ سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد سمورو ڪٽنب اچي احمدآباد ۾ وسيو,بلواڻي اسڪولي تعليم پرائيندي , بي . ايڊ ,  ايم اي , پي ايڇ ڊي ۽ هنديء ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما ان جرنليزم ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي ڊپلوما جا ڪورس ڪيائين. 
ڊاڪٽر  بلواڻي گجرات اسٽيٽ بورڊ آف اسڪول ٽيڪسٽ بوڪس ۾ آفيسر جي عهدي تي براجمان رهيو ۽ انڪيڊمڪ سيڪريٽريء جي پد تان رٽائر ڪيو.جڏهن ته  گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء چئرمن جو پد سنڀاليندي, بخوبي نڀايائين. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي سنڌي, هندي ,گجراتي, اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو آهي.۽ سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ مان نه ٿي ڀانيان ڪنهن به ساهتڪار جو ساهتيه  ڪو ايترن ٻولين  سنڌي ,هندي, گجراتي, اردو ,راجسٿاني ,تامل, پنجابي, ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
هندستان جي سنڌي ساهتيه ۾ لگهو ڪٿا ,مني ڪهاڻي ۽ فلئش ڪهاڻي ,ننڍين ننڍين ڪهاڻين تي ڪيترن اديبن قلم هلايو آهي. ڪجه اديبن محض ٽوٽڪا لطيفا لکندي, مني ڪهاڻي جو ليبل لڳايو.جڏهن ته ڪجه ئي اديبن مني ڪهاڻي جي فارم کي سمجهو ,پرکيو, گنڀيرتا ۽ سجديه سان قلم هلايو. تن ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جو ممتاز درجو رهيو آهي. هن جون مني  ڪهاڻيون جدا جدا مخزن رسالن ۾ شايح ٿيل آهن جڏهن ت سندس پهريون ڪتاب 
 "زندگي جا عڪس"  جنهن ۾ ڊاڪٽر بلواڻيء مني ڪهاڻي جي ادبي وصف ڏيندي , طور طريقا سمجهائيندي گويا ٻين ساهتڪارن لاء  نئون رستو ميسر ڪيو آهي.
جڏهن ت  سندس ٻيا مجموعا شايح ٿيل آهن. جنهن ۾ سندس خاص ڪتاب   "ارد گرد" ۽ "اکر ڀوري"
 بلواڻي جي  مني ڪهاڻين جي حوالي سان  انءُ هت سنڌ هند جي سرمور نقاد هيرو شيوڪاڻي جو حوالو ڪوٽ ڪريان
ان کان پهرين آنءُ هڪ ڳاله واضح ڪري ڇڏيان. 
جيئن ته عالمن ساهتيه جي نثر ۽ نظم  شاخن کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي هڪ وڏن لاء ساهتيه ۽ ٻيو ٻال ساهتيه ته اُن حساب سان موجود دور ۾ "هيرو شيوڪاڻي ساهتيه جو سرمور نقاد" آهي. پر شيوڪاڻي وڏن جي ساهتيه جو سرمور نقاد آهي شيوڪاڻيء ٻال ساهتيه تي تمام تمام ٿوري ۾ منعا نه جهڙي تنقيد ڪئي آهي. پر سنڌ هند ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي نه فقط ٻال ساهتيه تي سڀ کان پهرين پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پر ڊاڪٽر بلواڻيء جا ٻال ساهتيه تي بيشمار تنقيدي مقالا, ليک ,مضمون ۽ مجموعا شايح ٿيل آهن جنهن ڪري مون ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي لاء " ٻال ساهتيه جو سرمور نقاد" جو لقب استعمال ڪيو آهي. جنهن جي شاهدي سنڌ هند جو سمورو ٻال ساهتيه ڀري ٿو.
ڊاڪٽر بلواڻيء جي مني ڪهاڻيون جي ڏس ۾ "اکر ڀوري" ڪتاب تي هيري شيوڪاڻي رايو لکيو اهي.
" الڳ الڳ موضوعن تي لکيل هي سڀ مني ڪهانيون اسم جي گهيري ۾ باقاعدي اچن ٿيون .انهن مان ڪيتريون مني ڪهاڻيء جي وصف موجب پڇاڙيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن چرم سيمائن سان چابڪ دستيء سان نباهيل آهن مني ڪهاڻي پنهنجي اختصار ۾ هڪ هڪ لفظ , انهن جي جوڙجڪ ۽ پوء عروج تي پهچي , ڌماڪيبازيء کانسواء ڪنهن هڪ انڪشاف سان پوري ٿئي , سرجناتمڪ پيوستگي creative Fusion طلبي ٿي اها وري به بلواڻيء جي مني ڪهاڻين سميت سنڌيء ۾ برثواب ٿيندي نظر اچي ٿي" 
هيرو شيوڪاڻي جو رايو  بلواڻيء جي گهري اڀياس ۽ سندس ڪيل تحقيقي ڪم جي شاهدي ڀري ٿو. 
بلواڻيء جي ٻال ساهت کي نه فقط هند ۾ وڏي اهميت مليل آهي. پر سنڌ مان پڻ هن جي ٻال ساهت لاء کيس وڏي مهانتا ملندي رهي آهي.
 هت غور طلب آهي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي  ٻال ساهت جو سرمور نقاد ت آهي ئي 
 ۽  مني ڪهاڻيون جوڙيندر آهي. پر گڏوگڏ هن وڏن لاء پڻ  چڱو چوکو معياري ساهتيه جوڙيو آهي.ڏٺو وڃي ته بلواڻي ساهت جي هرهڪ صنف تي قلم آزمائي ڪندي ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف ۽ وڏن جي ساهتيه تي پڻ ڪهاڻيون, ناٽڪ, ڪالم , تنقيدي ليک,  مقالا ۽ شاعريء  تي ڪاميابيء سان قلم هلائيندي, جديد موضوع استعمال ڪيا آهن. سندس شايح ٿيل ناٽڪن جو بهترين مجموعو "جنگهل" جنهن ۾ هي ڀن ڀن جديد  موضوع کڻندي, عنوانن ۾ نواڻ اوتيندي,  ڪردارنگاريء پڻ بهترين انداز ۾ پيش ڪئي اٿائين ليک جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت سندس هڪ ئي ناٽڪ جون  ڪجه جهلڪيون پيش ڪريان ٿي. جنهن مان پاٺڪ به جديد موضوع جو احساس محسوس ڪندا.
 ڊاڪٽر بلواڻيء جو بهترين ناٽڪ "هن گهٽيء کان هُن گهٽيء تائين"
عام طور ڪڏهن ڪڏهن انسان ستن سمنڊن جا مفاصلا به آساني سان پار ڪري ويندو آهي. پر ڪڏهن وقت اهڙو برو ايندو آهي ۽ ماڻهون جو حالات اهڙي اچي بيهندي آهي جو هو ايترو لاچار ۽ بيوس ٿي ويندو  جو معامولي ٻه قدم پار ڪرڻ به نهايت ئي مشڪل مسئلو بڻجي پوندو آهي.
جڏهن ته موجود دور ۾ آنتڪ جو خوف ماڻهون جي ارد گرد  ڦڙي ٿو ۽ سياست جون غلط روايتون, غلط طور طريقا جيڪي ڪڏهن به بند نه ٿيندا. ڏينهنون پوء ڏينهن پاڻ وڃن پيا وڌندا. اهڙي حالت ۾ عام انسان جو جيئڻ محال آهي.
اهڙي ئي جديد موضوع تي بلواڻيء جو هي ناٽڪ جنهن ۾ ليکڪ هڪ سنڌي ڪٽنب جو منظر چٽيندي ڏيکاريو آهي هڪ سنڌي ڪٽنب ۾  هڪ نئون ٻار جنم وٺڻ لاء منتظر آهي. هوڏانهن گهٽيء ۾ آنتڪي پس منظر ڇانيل آهي اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر ڪٿان اچي ؟ اُها عورت اسپتال تائين ڪيئن پهچي؟ جنهن ڪري سندس مڙس پريشان آهي. زال جي حالت مڙس کان سهن ڪون پيئي ٿي. اهڙي حالت ۾ ڀلا مڙس ماٺ ڪري ڪيئن ويهي؟ سو هي ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ لاء مجبورن همٿ ڪندي ,موت سان کيڏيندي, گهر کان ٻاهر اڃا نڪري مس ٿو.ته ڪجه ئي پلن ۾ هو رتورت ٿيندي, گهر ۾ اچي زال اڳيان تڙڦندي تڙڦندي پراڻ تياڳي ٿو.    
ناٽڪ ۾ انتظار جي پهلن سان دل ڏاڙيندڙ گفتگو آهن جڏهن ته  خوف ائين ڇانيل آهي گويا اکين سان اهو درشيه ڏسي رهيا آهيون .هي ناٽڪ نه فقط منچن ٿي چڪو آهي پر هن ناٽڪ کي بهترين ناٽڪ جو انعام پڻ ملي چڪو اهي.
اهڙا جديد موضوعن جا مثال ڊاڪٽر بلواڻيء جي لکڻين ۾ کوڙ کوڙ  ملندا 
 ڊاڪٽر بلواڻي ڪيترن ئي ادبي  مگيزن ۽ رسالن ۾ سمپادڪ طور رهي چڪو آهي.  جنهن ته "زندگي" , "ڦلواڙي" ,"گلستان", "باغ بهار", "شرميلا","ٻال منچ", "ادبي چمن",  "سنڌي لوڪ ورثو", "اظهار" 
"سجني","ڪلي", "ڪلاڪار", ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي رسالا 
جڏهن ته روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۾ خاص ڪالم سجايا اٿائين ۽ گجرات آڪاشواڻي , دوردرشن جو تسليم ٿيل ليکڪ , هدايتڪار اداڪار ۽ شاعر پڻ آهي ۽ ڪيتريون ئي ساهتڪ , تعليمي سڀيتڪ ۽ سماجڪ سنسٿائن سان جڙيل رهندي, هن هر ڪاريه کي سرانجام ڏنو آهي.سندس قدرشناسي ۾ ڪيترن ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي وڏن عزتدار عهدن مان سنمان ۽ انعامن سان نوازيو ويو.
1992 ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي پي ايڇ .ڊي  
" ٻال ساهت جو وڪاس" جي عنوان سان ڪئي 
جيڪا ٿيسز  2005 ۾ ڪتابي صورت ۾ شايح ٿيل آهي.
هن سموري ٻال ساهتيه جي وشيه جي ورهاست 12 بابن ۾ ڪندي , ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف کي ڇهندي , هرهڪ باب جي تز نظريعيء سان هر ڪنڊ, هر پهلو کان کوجناتمڪ عينڪ پائيندي, ڇنڊ ڇاڻ ڪندي, تحقيق ڪئي اٿائين.
بابن جي ورهاست هن نموني ٿيل آهي
*باب پهريون - ٻال ساهتيه
*باب  ٻيون - ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا
* باب  ٽيون - ٻال گيت
*باب چوٿون - ٻال ڪهاڻيون
*باب پنجون - ٻال ناول
*باب ڇهون - ٻال ناٽڪ
*باب ستون - ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون
*باب اٺون - ٻارن لاء رسالا
*باب نائون- ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ
*باب ڏهون - ترجمو ٿيل ساهتيه
*باب يارهون - ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه
*باب ٻارهون ڪن محصوص جي مدنظر 
*"سنڌي ٻال ساهتيه : تاثرات"
باب پهريون چئن ڀاڳن ۾ ورهايل آهي پهرين ۽ ٻئين ڀاڳي ۾ ٻال ساهتيه جي وياکيا ڪندي, ٻارن طرف وڏن جون جوابداريون سمجهائيندي , ٻارن جي منوو وگيان تي روشني وجهندي,منووگيان جي هرهڪ اهم پهلو کي اظهاريندي , ٻارن جو ڀاشا وگيان طرف ڌيان ڇڪائيندي, ٻارن جي خوائش  ۽ مشغوليون ڪلپنا , جڳياسا , سنگره ورتي , اهم ورتي ,چٽاڀيٽي ,نقل , سرجڻ ورتي بابت تمام گهرائي سان چند مثالن سان روشني وڌي آهي.
باب پهرين جي ٽئين ڀاڳي ۾ ڊاڪٽر بلواڻي ڪجه سنڌي هندي ۽ گجراتي عالمن جي حوالن  سان ۽ پنهنجي روشندار سوجه ٻوجه ۽ عالمن جي راين سان ٻال اوستا کي ٽن گروپس ۾ ورهايو آهي. 
ششو اوستا - ٽن کان ڇهن ستن سالن تائين
ٻال ساهتيه - ڇهن ستن کان تيرهن سالن تائين
ڪشور اوستا - تيرهن چوڏهن سالن کان سترهن سالن تائين
ڊاڪٽر بلواڻي  ٻارن جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکندي, هن جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون، ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد جي پڻ ورهاست بهترين نموني سمجهائي ڏني آهي.
باب پهرين جي چوٿين ڀاڱي ۾ ٻال ساهتيه جي عناصر جي ڄاڻ ڏيندي ٻال ساهتيه لاء وشيه جي چونڊ مٿين ٽن گروپس جي حساب سان طئه ڪرڻ جون اهميت ۽ ضرورت سمجهائي آهي.
* ششو اوستا جي ٻال ساهتيه ۾ گهر جا ڀاتي رشتيدارن جي واقفيت ۽ پکي پسون ۽ جانورن جون ڳالهاين ننڍن ٻارن جي من کي وندرائن ٿيون. تنهن ششو اوستا جي ٻارن لاء اهڙو ئي ساهتيه ٻار جي وڪاس لاء ضروري آهي. 
*ٻال ساهتيه ينعا ڇهن ستن سالن جي ٻار لاء ڪٽنب کان ٻاهريون چيزن سان واسطو رکندڙ رچنائون ڏنل هجن 
*۽ ڪشور اوستا جي ٻارن کي سماجڪ,  اتهاسڪ ۽ وگيانڪ رچنائون طرف موڙجي ڀاشا شئلي ۽ پيشڪش ٻارن جي عمر جي انوسار ئي لفظ ڪتب اڻجن پيشڪش جي پڻ اوتري اهميت آهي ٻال ساهتيه رچندڙن کي ٻارن جي وندر ۽ آنند جو خاص خيال رکڻو ته گڏوگڏ ٻارن کي نيڪ سکيا ڏنل هجي
تنهن لاء بلواڻي صاحب جو چوڻ آهي 
"ڪنهن زماني ۾ ٻارن جي آکاڻين جي آخر ۾ سکيا ڏيڻ ضروري سمجهو ويندو هو پر هاڻي سکيا جهڙي عناصر ۾ ڦيڙو آيل آهي. هاڻي سکيا سڌي نه پر اڻ سڌيء نموني تي زور ڏنو ويو آهي.سکيا اڻ سڌي نموني به ڪو علط نه آهي. ٻال پاٺڪ کي به ائين نه لڳڻ گهرجي ته ليکڪ سکيا ڏيڻ چاهي ٿو".
باب ٻيون - "ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا"
باب ٻئين ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻال ساهتيه جو وڪاس جو مختصر حوال ڏيندي 
هوندراج بلواڻي ڄاڻائي ٿو
"  ٻال ساهتيه تمام اڳاٽو آهي در اصل جڏهن ماءُ ٻار کي لولي ڏئي ٿي جڏهن ٻار کي ڏاڏي ناني ڪهاڻي ٻڌائي ٿي جيڪو ٻال ساهتيه جو هڪ اهم حصو ئي آهي جيڪو زباني روپ ۾ موجود اهي "
ٻال ساهتيه لکڻ جي شروعاتي ليک ڪتاب رسالا ترجمو اصلوڪا تنهن جو سمورو مختصر ۾ احوالن سان احوال ڏيندي سنڌي ساهتيه جي ٻال ساهتيه جي ڇپيل روپ ۾ پهرين آکاڻي جو ذڪر ڊاڪتر بلواڻي هيئن ٿو ڪري. 
"ڪئپتن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر 1849 ۾ ديوناگري لپيء ۾ ضميمي طور پهرين نثري آکاڻي ڇاپي هيٺ آئي.
منشي اُڌارام ٿانورداس جي لکيل اها اکاڻي مشهور لوڪ ڪٿا تي ٻڌل اکاڻي" راء ڏياچ ۽ سورٺ " جي هئي. اڳتي هلي 1861 ۾ اها اکاڻي ٻين ب ڪن اکاڻين ۾ شامل ڪري منشي اُڌارام ٿانورداس نئين صورتخطيء ۾ ڇاپي هيٺ آندو
ڪئپتن جارج اسٽئڪ جي ڪتاب ۾ ٻيون پڻ ڪهاڻيون ڏنل هيون . پر آکاڻي جي رچندڙن جا نالا ڪونه ڏنل هئا.
مٿي ذڪر ڪيل آکاڻي جو پتو اڳتي هلي پيو ته ان جو ليکڪ منشي اُڌارام هو."
عربي لپي لکڻ جي شروعات کانپوء پهريون بال ساهتيه جو مجموعو "بابنامو" 1853 ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي جي لکيل هو.تنهن کان پوء ٻال ساهتيه ۾ ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻين ٻولين تان  ترجمو ٿيو جن جا ليکڪ ته گڏوگڏ اصلوڪو ٻال ساهتيه شايح ٿيندو رهيو. ڪتابن سان رسالا به ڇاپي ۾ آيا 
ڪشچند بيوس ٻارن لاء گيت لکيا جيڪي رسالن ۾ شايح ٿيا گلستان , گل ڦل. ڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي ادب، هري دلگير جي ٻاراڻن گيتن، ٻاراڻن ناٽڪن، ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اپاءَ تي جن اديبن پاڻ موکيو تن جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي ڪتابن ۽ رسالن جو ذڪر ڪندي ٻال ساهت جي شروعات ۽ وڪاس تي روشني وڌل  آهي. 
باب ٻئين جي ٻئي ڀاڳي ۾ ڊاڪٽر بلواڻيء  ورهاڱي کان پوء جو سنڌي ٻال ساهتيه مختلف دورن  کي ٽن گروپس ۾ ورهايل اهي
1.  پنر رچنا جو دور  1947 کان 1957 تائين
2- اُميدن جو دور  - 1985 کان 1965 تائين
3.وڪاس جو دور - 1966 کان 1992 تائين
هتي آنءُ هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان
 ڊاڪٽر بلواڻي 1992 ۾ پي ايڇ  ڊي ڪئي. جنهن ڪري وڪاس جو دور 1992 تائين لکيو اٿائين.
 در اصل اهو دور هاڻي پاڻ وڌيڪ زور شور سان هلي رهيو آهي. خير وڪاس جو دور ت ڪڏهن پورو ڪونه ٿيڻو آهي. جيستائين هي سموري ڪائنات آهي.
 ورهاڱي کان پوء معنا 1947 کان 1957 جنهن کي بلواڻي صاحب پنر رچنا جو دور ڪري سڏيو آهي.
جنهن لاء بلواڻي جو چوڻ آهي ٻال ساهتيه لاء شروع ۾ تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو. پر پوء ڌيري ڌيري ادبين جو ڌيان وڃڻ لڳو.
حالانڪ شروعات ۾ نراسائي نصيب ٿي پر پوء ڌيري ڌيري ٻال ساهتيه تي پڻ قلم ازمائي ٿيندي رهي هن دور جا خاص ليکڪ ديچند بيلاڻي پرڀداس برهمچاري گڏجي اتهاسي آکاڻيون 1956 ۾ ڄيٺانند لعلواڻي پنهنجي "ڀارت جيون ساهتيه منڊل" طرفان ڪجه ڪتاب ڇپايان هن دور جا ڪتاب اجمير مان  پنڊت 1949 پارومل ڪيولراماڻي 
1948 ڌاري سنڌ مان اڳ نڪرندڙ رسالو گلستان ممبئي مان نئين سر شروع پر ڀارت ۾ اهو رسالو ايترو ڪون هليو.
ڄيٺانند لعلواڻيء به سنڌ وارو گولستان رسالو اجمير مان شروع ڪيو. اهو پڻ جلد بند ٿي ويو.
 اجمير مان پارومل ڪيولراماڻيء 1949 ۾ وير ٻالڪ رسالو شروع ڪيو اهو به گهڻو وقت نه هليو. 
هن دور ۾ تمام گهٽ ٻال ساهتيه تي ڪتاب نڪتا رسالا ڪتابن جي تعداد چڱا رهيا پر جلدي بند ٿيا.
جنهن لاءِ بلواڻي هن باب ۾ 59  صفعي کان 61 صفي تائين  ٻال گيتن جي ڪتابن جو  خاڪو ڏنو آهي. حالانڪ تنهن ۾ ڪيترا ئي اديب آهن جنهن هن صنف تي قلم هلايو آهي. پر پوء به سڀني اديبن کان وڌ ۾ وڌ ڪتابن جو انداز  هوندراج بلواڻي صاحب جو ئي آهي.ن فقط وڌيڪ ڪتاب پر ڪتابن جو معيار پڻ تمام مٿائون آهي.
جڏهن ت خاڪي جي پڇاڙيء ۾ خاڪي جي سمجهاڻي پڻ بهترين ڌنگ سان ڏنل آهي. 
ٻئين دور ۾ ٻال ساهتيه طرف چڱو خاصو ڌيان ڏنو ويو هن دور ۾  ٻال ساهتيه وڌيو.
بلواڻي جي ٿيسز تي سرسري نظر وجهجي ته سنڌي ٻال ساهتيه جو پهريون ناول ورهاڱي کان اڳ چاهي پوء "موهن ڪلپنا" جو "سرڳ جي ڳولها " 1985 شايح ٿيو ۽ پهريون  سئر سفر جو ٻال ڪتاب ڀارت درشن 1961 ۾ ٻن ڀاڱن ۾ شايح ٿيو.
 ٻال گيت ۽ ڪهاڻيون جا رچيندڙ "گورڌن ڀارتي" "پرسرام ضيا" ,"هري درياڻي دلگير ", "ديپچند بيلاڻي",
۽ " گهنشيام تلريجا" سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ڪٺو ڪري ڪتاب 1963 ۾ "اڇا ڪانو"عنوان سان پڌرو ڪيو.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ت عورتن جي ڏس ۾ ٻال ساهتيه جي رچيتا پهرين عورت تجرباتي ناول رچيندڙ ڪلا پرڪاش جنهن جو  1963 ۾ "ممتا جون لهرون"عنوان سان ڪتاب شايح ٿيو.جنهن ڪتاب ۾ ليکڪا ممتا ڀري ماءُ جو جلوو پسائيندي ,ماتا,  قرباني جي ديوي سرروپ جو ديدار ڪرايو.
وڪاس جي ٽئين دور بابت بلواڻي صاحب ليکڪن, ڪتابن ۽ رسالن جي حوالن سان ڏيکاريو اهي 
 هن دور ۾ ٻال ساهتيه جي هر صنف وڌي وجهي ڪتابن رسالن جو تعداد وڌيو معيار جي خيال کان ٻه قدم اڳتي وڌيا.
 - ٻال گيت
باب ٽئين جي پهرين ڀاڱي ۾ ۾ ليکڪ ٻال گيتن جي وياکيا ڪندي, سٺي ٻال گيت جا گڻ پيش ڪندي, ڪجه پنهنجا دلڪش ۽ سهڻي انداز ۾ احوالا صلاحون ميسر ڪندي, هڪ سهڻو خاڪو تيار ڪيو ۽ خاڪي جي تز سمجهاڻي پڻ ڏني آهي جڏهن ت خاڪي تي سرسري نظر وجهجي ته ٻال گيت جي رچيتا هڪ ئي ليکڪا آهي جيڪا اهي ڪلا پرڪاش
باب ٽئين جي ٻئين ڀاڱي ۾ بلواڻي صاحب  ٻال گيتن تي سرسري روشني وجهندي هندي ليکڪن جي احوالن جي اڌار تي ته ڪجه پنهنجي سوجه ٻوجه سان 19 قسم ٻڌائيندي وري انهن جي بهترين ڌنگ سان هرهڪ جي سمهجاڻي ڏني اهي
۽ تنهن کانسواء ٻال گيتن جي شئلي ۽ باب جي اخر ۾ ڪي جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون اهن
ٻال ڪهاڻيون
باب چوٿون -  ٻال ڪهاڻي جا عناصر , موضوع يا وشيه وستو
گفتگو, پاتر سرشتي , ماحول , شئلي, ڀاشا , ۽ ٻيو اهم ڳالهايون سمجهايون اهن
ٻال ڪهاڻيء ۾ فئنسٽي
ٻال ڪهاڻيء ۾ جملن جو دهراءُ ٻال ڪهاڻيء جو سري جي اهميت ۽ ضرورت سمجهائيندي, اصلوڪيون سنڌي ٻال ڪهاڻيء جو خاڪي ڏيندي ,سمپادڪ ڪيل ٻال ڪتابن جو خاڪو ڏيندي, جدا جدا مجموعن ۾ شايح ٿيل ٻال ڪهاڻيون جا خاڪا ڏنا آهن.
 ۽ هرهڪ خاڪي جي سمجهاڻي  ڏيندي ٻال ڪهاڻي جا 13 قسم بيان ڪندي هرهڪ قسم تي سرسري روشني وجهندي ,ٻال ڪهاڻيء جي قسمن جا خاڪا جوڙيان آهن. ۽ باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ٿيل آهن.
 ٻال ناول
 باب پنجون ۾ ٻال ناول جا ٻه مکيه جزا موضوع ۽ ڪردارنگاري سمجهائيندي ٻال ناولن جو خاڪو ڏيندي خاڪي جي سمجهاڻي ڏئي ٻال ناول جي خيال کان ناول جا پنج قسم سمجهاڻي سان پيش ڪندي ,ڪجه ناولن جا ٽڪرا ڏيندي باب جي اخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ٿيل آهن 
ٻال ناٽڪ
بال ناٽڪ جا عناصر موضوع , گفگتو ,پاتر , ڀاشا شئلي , سمجهائيندي سنڌي ٻال ناٽڪ جي ڪتابن  جو خاڪو  خاڪي جي سمجهاڻي ۽ جدا جدا رسالن ۾ ڇپيل ناٽڪن جو خاڪو ٻال ناتڪن جا ست قسم , وڏا ناٽڪ ۽ ريڊيو ناٽڪ سمجهاڻيندي ,ريڊيو تان پرسارت ٿيل ٻال ناٽڪن جو خاڪو سمجهائي ڏيندي باب جي آخر ۾ ٻال ناٽڪ تي ڪجه اهم ۽ ضروري ڪي نوٽس ڏنل آهن
 "ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون"
جيوني , اتمڪٿا ۽ جيون چرتر جون جهلڪيون پسائيندي ,جيوني ساهتيه جو خاڪو جوڙيندي,  خاڪي جي سمجهاڻي سان ڪجه مثال ۽ حوالا  پيش ڪيا اٿائين
گيان وگيان جي ڪتابن جي وچور جو خاڪو پڻ سمجهاڻي ڏيندي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن جي ڪتابن جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنو اهي.
ٻارن لاء رسالا
باب اٺين ۾ ٻارن جا رسالن جي اهميت ٻڌائيندي ٻال رسالي جو خاڪي سمجهاڻي سان ڀن ڀن رسالن تي سرسري روشني وجهندي اخبارن ۽ مخزنن ۾ ٻال وڀاڱن جا خاڪي ۾  تفصيل سان جوڙيندي اخبارن ۽ مخزنن جا خاص انڪ بيان ڪندي اسڪولي مخزن جي وچور جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنل آهي.
ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ 
باب نائون  ۾ ٻال ساهتيه جو وڪاس ۾ چوڏس ڦهلاءُ جا ذريعا ۽ سنسٿائون جو يوگدان آڪاشواڻي , دوردرشن , اڊيو ويڊيو ڪئسيٽس , سرڪاري ادارا  تان ٻارن لاء هيل تائين  ڪهڙا پروگرام پيش ڪيا ويا اهن ۽ گڏوگڏ خاڪو تيار ڪندي غير سرڪاري سنسٿائن تي روشني وجهندي تنهن ۾ بلواڻي جون ڪجه گهربل نيڪ صلاح سان ڏيندي ميڊيا ذريعي ٻال ساهتيه جي وڪاس لاء گهربل انتظامن تي بڌايو اهي
 " ترجمو ٿيل ساهتيه"
باب ڏهون ترجمو ٿيل ٻال ساهتيه کي سميٽندي خاڪو تيار ڪندي 1947 کان 1992 تائين ڪتابن جو انگ اکر ۽ وري ترجمو ٿيل ڪتابن جي صنفن انوسار انگ اکر هندي انگريزي گجراتي وديشي ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتابن جا پڻ انگ اکر جوڙيندي نتيجا ٻڌايان آهن
" ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه"
باب يارهون ۾ ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه مختصر احوال ڏيندي  ٻال ساهتيه جي هر صنف تي لکندي حالانڪ ڪجه ئي صفن ۾ گاگر ۾ ساگر سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪامياب قدم رهيو اهي 
"ڪن محصوص جي مدنظر"
باب ٻارهون ڪن مخصوص نُڪتن جي مدنظر سنڌي ٻال ساهتيه ۽ تاثرات ۾ حاصلاتون ۽ محدودگيون لاء بلواڻي جو رايو سموري هندستان ۾ ڪو هڪ به پبلشر ڪونه آهي جيڪو صرف ٻارن لاء ڪتاب ڇپائيندو هجي ڀارت ۾ سرڪاري ادارا جهڙوڪ نئشنل بوڪ ٽرسٽ پبلڪيشن ڊويزن آهن.  مشهور خانگي ٽرسٽ چلڊرينس بوڪ ٽرسٽ آهن جيڪي ٻين ٻولين جو ٻال ساهتيه ته شايح ڪن ٿا.
 پر افسوس اهڙي ادارن ۾  سنڌي ٻولي کي ڪونه شماريو ويو آهي 
ڊاڪٽر بلواڻي ٻال ساهتيه ۾ تنقيد تي زور ڏيندي بلواڻي جو رايو آهي ت
" تنقيد نه هئڻ سبب ٻال ساهتيه جي وڪاس ۾ رڪاوٽ جو باعث آهي جنهن استٿي مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي" 
۽ آخر ۾ ساڳئي ڳاله سنڌين جي وڪاس ۾ جيڪا وڏي رڪاوٽ اچي سا پڻ اهم  آهي پنهنجي زمين نه هجن سبب اسين سنڌي الائي جو اڃان ڪيترا سال ڀوڳينداسين.
ٿيسز جي پڇاڙيء ۾ مددي ڪتاب سنڌي هندي گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي
هي مقالو پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيو ته هي ٿيسز سنڌي ٻال ساهتيه جو  اتهاسڪ دستاويز آهي سنڌ هند ۾ اهڙو تحقيقي مقالو اڻلڀ آهي. هي ڪتاب ساهتڪارن کي کوجناڪاريه جي ڪم ۾ وڏي هٿي ڏيندو اهڙو وشواس اٿم
ڊاڪٽر بلواڻي کي مڻين مبارڪون جو اهڙو شاهي ٻال ساهتيه جو گرنٿ شايح ڪندي, سنڌي ساهت جي ٻال ساهتيه  سان وڏا وڙ ڪيا اٿائين.
خدا ڪندو شل ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي وڏي اورجا ۽ صحيتمند عمر ماڻيندو.
ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ساهتڪ پونجي ۽ عهدا انعام سنمان جي فهرست تمام تمام وشال آهي. هيل تائين سندس 175 ڪتاب شايح ٿي چڪا آهن جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 31 وڏن انعامن سان کيس نوازيو ويو آهي.
ليک جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت ڊاڪٽر بلواڻيء جي خاص انعامن ۽ ڪتابن جو ئي ذڪر ڪريان ٿي.
*"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء کي عطا ٿيل 
عهدا ,مان ,سنمان ۽ انعام"
*احمدآباد گجرات سرڪار جي ڪنزيومر ڪورٽ جي پينل جو اڳوڻو جج طور تسليم ٿيل
*شري وديا گرو فائوڊنڊيشن ۾ ڪو آرڊينيٽر طور عهدو ماڻيل
* مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو ميمبر
*گجرات ساهت اڪاڊمي, گانڌينگر - ساهتيه گورو انعام 
*مرڪزي ساهت اڪاڊمي طرفان اوارڊ
*راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد طرفان ٻه دفعا انعام
*سوويٽ لئنڊ نهرو اوارڊ
*نئشنل اوارڊ ٽي انعام ٻال ساهتيه لاء
*اين. سي. آر. ٽي جا ٽي انعام
*ڊائريڪٽوريت آف ايڊلٽ ايڊيوڪيشن پاران انعام
*هنديء ۾ يوگدان لاء هندي سنسٿا ساهتيه منڊل طرفان
" هندي ڀاشا ڀوشڻ " جو اوارڊ
* پاڻييپت جي جيمني اڪاڊميء پاران "سمپادڪ رتن" اوارڊ
*اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان انعام
*گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء پاران انعام
*سوشل ويلفيئر وزرات پاران انعام
* هندي ٻال ساهتيه جي بهترين يوگدان لاء
 "ٻال ساهتيه سارسوت" سنمان
۽ ٻيا ڪيترائي عهدا مان سنمان انعام عطا ٿيل 
***"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ٻال ساهت جا
 اصلوڪا مجموعا"
جادونگري 1967
تارن ڀري رات 1967
بنسري 1967
هيرا موتي 1967
برف جو پٽلو 1967
ٻه راجڪمار 1967
ڏهين جو نوٽ 1968
هڪڙو هو راجڪمار ٻه ڇاپا 1968 ,1977
راجوء جي ٽوپي 1968
دنيا رنگبرنگي 1969
سليون پروليون وٺون انعام 1969
ٽي گپوري 1969
کل گهڻو جيءُ گهڻو 1969
ٽهڪن جي برسات 1969
ڪاڪو ڪوڏومل 1969
پپوء جو پيارو موتي 1970
جادوء جو ڪٽرو 1970
 چرچا مهاپرشن جا 1971
پالش وارو 1971
 سونا پري 1975
چهر بهر چٽڻي 1975
گول گپا 1976
کٽا مٺا گول گپا1976
ٽي باندر 1976
بيربل جو ڀاءُ 1976
عيسپ جون اکاڻيون 1977
کيٽمٺرا 1977
ٽهڪ ئي ٽهڪ 1977
کل ته سهين 1977
جادوءجو بوتل1977
ڏياريء جو ڏيئو 1978
جهرڪي ۽ آکيرو 1978
ننڍو سفيد ماڻهون 1978
مامي جون مڇون 1978
ٽي سونا وارا 1978
ستن سالن جي ڇوڪري 1978
چمتڪاري گهوڙو 1978
ڌنار جي ڌيء 1978
صوف جي ڪهاڻي 1978
جادوئي ڪُمي 1978
ڏياريء جو ڏيئو 1978
ٽهڪن لاء ٽول 1979
دنيا جون بهترين ٻال ڪهاڻيون 1979
گلستان جا ٻال گيت ۽ ٻال ڪهاڻيون 1997
گلڙا گلستان جا 1997
سنڌ جي سوکڙي 1979
سوني جهرڪي ۽ ڏيڏر1979
بيوقوف سهو 1980
انمول موتي 1982
گيان جو خزانو 1982
گيان جو خزانو 1982
چوٿون باندر 1983
شاهوڪار ڪوئو 1983
ساڌو راجا 1984
بجرنگ بلي 1984
چونڊ سنڌي ٻال ڪهاڻيون 1984
مرگارام ۽ طوطارام 1985
ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي 1985
ٻارن جو گجو ڀائي 1986
پنهنجي نگري پياري 1987
چرٻتٽ راجا 1987
پراُپڪاري پمون 1988
ارچڪ مرچڪ 1989
نئين ناني 1990
ٻارن جون لوڪ رانديون 1992
قدرت جي گود ۾ 1993
سياڻا سمجهو ٻارڙا 1994
ڇو منتر 1995
ٽنگ جيڏو ڇوڪر 1996
ٻارن جا لوڪ گيت ديوناگري 1997
ماستر موڪل تي 1997
ڪرامتي مشين 1998
رنگ رنگيلي محفل 1998
ڪرامتي مشين 1998
ٻارن جون لوڪ رانديون ديوناگري 1998
رنگ رنگيلي محفل 1998
گول مٽول ٻه ڇاپا 2002 ,2003
گوپو ۽ ٽوپوء جي جوڙي 2008
نئون نرالو جنگهل 2009
ايسرداس جو اسڪوٽر 2010
آکاڻين جو دڪان 2012
"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ساهتڪ پونجي"
*سيتارام جي دنيا 1965
*ديش پڪاري ٿو.... سال 1966
*هوء روئي ويٺي 1966
*هڪ مرڪ ٻه لڙڪ.سال 1967
*سس ته منهنجي 1969
*فلمي گائيڊ 1971
*خوني ٽارچ 1971
*ئمپايئر سنيما ۾ خون 1975
*ٻال ساهت ۽ سنڌيء ۾ اُنجي ضرورت 1979
*هڪ سون جو رپيو 1979
*ڇٽو ماڻهو 1980
*قيد ٿيل روشنيء جا ٽڪرا 1980
*مني ڪهاڻيون 1981
*سکي سنسار 1981
*گرم ماس جا سوداگر 1982
*ٻال ساهت جو وڪاس 1986
*درٻاري 1987
*ادبي جائزو 1987
*دريء مان 1987
*اُمنگ ٻارن جو ٿئيٽر 1988
*زندگيء جا عڪس 1989
*ارد گرد 1996
*ساڳيو شهر 1999
*جهنگل 1999
*اکر ڀوري 2003
*سنڌي ٻال ساهت 2005 2007
*ارادن جي آڏو 2009
*پرينء ۾ 2012
*زندگيء جو هڪ هڪ پل 2013
*"هوندراج بلواڻيء جا ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتاب"
*جگر جو ٽڪر 1967
برف جو پٽلو 1967
ٻه راجڪمار 1967
راجوء جي ٽوپي 1968
دنيا رنگبرنگي 1969
*ڪمري جو ٽي بي مريض 1980
*شرابي نگاهون 1980
*هوء بيوفا هئي 1980
*مني ڪهاڻيون 1981
پنهنجو پرائو درد 1982
*ناٽڪ ۾ ناٽڪ 1998
*منهنجا من ڪبوتر 1998
*ميران ياگڪيه جي دائري 2001
*ڪرم جو سڌانت 2010
*"ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ٻال ساهت جي
 ترجمي جامجوعا"
سنجون ڪيئن سڌريو 1966
وير ناريون 1966
نيڪ نيگر 1966
چو چو چاچو 1968
ست جادوگر 1969
آڪاشي ڪوئو 1969
راجا جي بلبل 1975
نانيء جي عجيب ڪرسي 1975
راجڪماري سپٽمبر 1977
ٽوم هڪ ڇوڪرو هو 1977
گلن جي ٽوڪري 1979
هڪ گناهه معاف 1981
گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال گيت 1982
ڪارو ڪانو ۽ ڀورو گڏهه1985
گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال ناٽڪ 1984
ستن رنگن جا سپنا 2011
گلڙن جا گيت 2011
پياري ششو گيت 2011
آکرين پکي 2012

Good Wishes