09 - 01- 1957
 
 
 
"سچي سترام جو سچو شش ۽ سنڌيت جو شيدائي - -ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي"
 
✍🏻 ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
سنڌ هند جا سياڻا, سهڻا, سٺا ۽ سٻاجهارا سنڌي جنهن ب کيتر ۾ ويا آهن اُتي پنهنجو ناموس ڪڍيو اٿائون پوءِ اهو چاهي تعليي کيتر هجي, ساهتڪ ميدان هجي,  سڀيتا, سنسڪرتي ,سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي جو پٿ هجي , ثقافت ۽ ڪلا جو منچ هجي,  نوڪري - واپار - دڪان فئڪٽري ۽ ڪمپني هجي يا راڄينيتڪ پٿ  هجي.
اهڙي ئي سنڌي قوم جي هڪ لاثاني شخصيت, سچي سترام سائين جو سچو شش , سنڌيت جو شيدائي ڀرپور گڻن جي کاڻ , کلمک ,محڪم ارادي واري, پراون پنهنجو , شفي نظريعو رکندڙ , سڀني سان گڏ هلڻ وارو ۽ ننڍي وڏي کي عزت مان ڏيڻ وارو, ورهاڱي کان گهڻو گهڻو پوء سنڌ ڀومي مان تراشيل ماڻڪ هندستان جي وڏي نگر ممبئي ۾ آيو. ۽ ٿوري ئي تمام پتڪري پتڪري عرصي ۾ سنڌي قوم جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. ڇو جو سنڌي قوم محسوس ڪيو ت سندس مکيه مقصد فقط فقط سنڌيت جو پٿ ئي آهي. 
اهڙو سنڌين جو پيارو, لاڏلو ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جنهن جو جنم پوتر ڀومي سنڌ جي خوشنما ماحول ۾ 1957 ۾ شري مهرومل جڳواڻي جي گهر ۾ سنڌ جي اتهاسڪ شهر سکر ۾ ٿيو.
 مهرومل جڳواڻي خاص سنڌين جي مسئلن کي هل ڪرڻ لاءِ راڄينيتي کيتر ۾ قدم رکيا ۽  ايم. پي. اي جو پد ماڻيندي ,سنڌين جي ڀرپور شيوا جو موقعو ماڻيو. جنهن ساٿ ۾ سندس ڀاءُ پڻ گڏ هو. هو پڻ راڄنيتي ميدان ۾ تمام اوچ عهدي تي براجمان رهيو 
۽ هن سنڌي قوم جي رکپالي ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا. جڏهن ت سندس ماتا ڌارمڪ ويچارن جي هئي جنهن جي نس نس ۾ پڻ سنڌيت جو واس هو. 
گرمک پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سکر جي اسڪول ۾ پرائيندي , چانديڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي.
جڏهن ت  1980 ۾ سندس شادي ٿي. هنيمون جي خيال کان  هي هندستان آيو ۽ چڱو وقت هند ۾ رهيو. سندس ڪجه مٽ مائٽ ممبئي ۽ جلگانو ۾ رهندا هئا اُن وقت ئي هي کوڙ سنڌين جي سمپرڪ آيو.
 هند جي فظا مان کيس سنڌ جي سڳنڌ جو واس اچڻ لڳو.ڇو جو دراصل هند ,سنڌ جي ئي ت سوغات آهي هي واپس سنڌ ت  ويو پر سندس من ورهاڱي جي ستايل سنڌين طرف بار بار ڇڪيس.
 سو نيٺ 1985 ۾ اچي هندستان جي ممبئي شهر  ۾ ئي پنهنجو آشيانو جوڙيائين ۽ پنج سال ممبئي ۾ ئي رهي گيهه جو واپار ڪرڻ لڳو. مالڪ جي مهر سان شروع کان ئي هو آرٿڪ طور  تمام مظبوط آهي.کيس ٻ نياڻيون آهن ٻئي پنهنجي ور گهر سان سکيون ستابيون آهن. وڏي ڌيءُ ممبئي جي وڏي مشهور سوناري ڪنڊنمل جي نونهن آهي. جڏهن ت سندس ٻئي نياڻي نتاشا ڪئناڊا ۾ تمام وڏي گهر ۾ آهي.
پنجن سالن کان پوءِ ڊاڪٽر گرمک جلگانو ۾ وڃي رهيو. 
چوندا آهن ٻار پينگهي ۾ پڌرو گرمک ٻال اوسٿا کان ئي رانديڪن جو شونقين ڪون هو.  پر هو  ننڍا ننڍا  پر اُپڪاري جا ڪم ڪندو رهيو. نيٺ خانداني اثر ت ٿيڻو ئي هو, جو اڳتي هلي هو آدرش پتا جو آدرش پٽ ثابت ٿيو.  ٻال اوسٿا کان ئي سندس مائٽن سنڌيت جي ٻج سان پراُپڪاري جو پڻ سلو پوکيو هو.
 ڀلا سو ٻار وڍ ڪٽ مان ڇا ڄاڻي ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کانپوءِ ب هن اُن وڍ ڪٽ جي واپار کي تلانجلي ڏني سنڌيت  ۽ سنڌي ٻولي جي پٿ تي پنهنجا قدم اڳتي ۽ اڳتي وڌائيندو هليو.
 ڪڏهن نيتا بڻجي, ت ڪڏهن ايم. ايل. سي جي ويس ۾ , ت ڪڏهن ايم .ايل. اي جو لباس اوتيندي  , ت ڪڏهن نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئگويز جي شاندار پد تي براجمان رهندي 
۽ت ڪڏهن مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي
جو مکيه پد نڀائيندي ,سنڌيت جي ڪمن کي سر انجام ڏيندو رهيو.
گرمک جڳواڻي جي مکيه خاصيت اها آهي جو هو سنڌيت جي احوالي سان جيڪڏهن من ۾ ڪا رٿا رٿندو  ۽ هڪ وار ڪو ڪم جيڪڏهن هٿ ۾ کڻندو ت اصل ننڊ ئي ڦٽي ويندس  ۽ جيستائين ڪم پورو ن ڪندو تيستائين روح کي ب پيو روليندو 
۽ نيٺ ڪاميابي حاصل ڪري ئي رهندو تڏهن وڃي سک جو ساهه کڻندو.
 جنهن جي گواهي سموري مهاراشٽرا ۾ ڇا پر سموري هندستان ۾ کليل ڪتاب مثل آهي. جنهن جي هرهڪ صفحي تي سنڌيت جي اوسر جا نشان پڌرا موجود آهن.
 مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي جنهن اڪادميء  جي در تي ڪيترن سالن کان تالو لڳل هو  جنهن تي ڀرپور ڪٽ چڙهيل هئي. ۽ تالي تي ايتري دز هئي جو ڪنهن کي ڇهڻ جي جريت ب ڪون هئي.
  پر گرمک جڳواڻي تنهن تالي کي کولڻ لاءِ سڪ, محبت ۽ پيار سان چاٻي ت هٿ ڪئي پر سرڪار کان اهڙو تالو کولارايو.
 اهڙو لاثاني ڪم فقط فقط اڪيلي ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي ئي ڪيو ۽ سنڌين لاءِ ڄڻ مهاراشٽرا ۾ هڪ تمام پتڪرو ئي سهين , مڪان ن سهين پر هڪ ننڍڙو روم مليو. چئجي ت وڌاءُ ن ٿيندو.
مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي جي اُن روم ۾ چوطرف گُگ ۽ سناٽو هو. سو روم گرمک  کولارائي صاف ڪرائي جوت ٻارائي ت گڏوگڏ ميمبرن جو حوصلو بلند ڪندو رهيو. ۽ ڪاميابي سان هرهڪ پروگرام ڪندو رهيو جڏهن ت ٿاڻا جو رهواسي ديرينو لاثاني شخصيت جو مالڪ راجو کيٽواڻي ۽ ٻين  جي ساٿ سان انعام پڻ ساهتڪارن کي ئي مليا.
 ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو گيت ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي سان لاڳو ٿيندو نظر اچي ٿي.
آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي,
خاڪ کي سون بنائڻ وار سنڌي.
شاهه سچل, ساميءَ جي ورثي وارا,
نس نس ۾ جن جي وهي ٿي سنڌو ڌارا,
برپٽ کي باغ بڻائڻ وارا سنڌي.
پاٺڪن کي گرمک جڳواڻي جي هڪ ٻئي خاص ڳالهه طرف ڌيان ڇڪائڻ ٿي چاهيان
ڪلچرل پروگرامن تي ڪيترائي سنڌي حاضري ت ڏين ٿا پر اُنهن مان ڪجه ڪجه ماڻهو ٿورو وقت ويهي هلندا ٿيندا آهن ۽ ساهتڪ سيمينار جي ت ڳالهه ئي ن پڇو.... 
سنڌي پروگرام هجي پوءِ اهو چاهي ڪلچرل هجي يا ساهتڪ, سڄي ڏينهن جو سيمينار ڀل ڇو ن هجي پر  ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي باقاعدي وقت تي ايندو ۽ بلڪل پروگرام جي آخرين شڪرگذاري جي رسم  پڻ نبائيندو. 
گرمک جڳواڻي سنڌيت سان گڏ سماج شيوا جا ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي جنهن جي شاهدي جلگانو واسي ڏيندا آهن. جلگانو ۾ ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جي خاص شام جو درٻار لڳندي آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا گهرجائون ايندا آهن ڪنهن کي نوڪري کپي ,ڪنهن کي مالي مدد کپي, ڪنهن کي تعليم لاءِ خرچ کپي , ڪنهن نياڻي جي ڪارج لاءِ مالي مدد کپي, ۽ اناٿ ٻارن جا مسئلا وغيره اهڙا نيڪ ڪم هي ڪندو رهيو آهي.
ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي سدائين هڪ ئي سپنو ڏسندو آهي فقط سنڌيت جي اوسر, تنهن کي عملي جامو پرائڻ جو ڀرپور ڪوشش ۾ رهندو آهي.
تنهن ڪري هو سدائين  ساهتڪارن ۽ فنڪارن 
 جي ذريعي سڀيتا ۽ سنسڪرتي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.  
افسوس جو هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي اُتار چڙهاو ڏٺا پر هن جي جيون جو وڏي ۾ وڏو ڏکيو وقت آيو جو هن کي برين ٽيومر ٿيو هو پر پوءِ ب هن همٿ ڪون هاري بلڪل بهادري سان اُن وقت کي گذارڻ  لاءِ هن دل جا در ۽ دريون کولي ڇڏيان. ۽ مالڪ جي مهر سچي سترام جي آسيس سان هي هاڻي صحتمند آهي.
ڊاڪٽر گرمک هرهڪ سٺي ڪم جو شرف پنهنجي گرو سائين سچي سترام کي ڏيندو آهي.  
اڄ گرمک جڳواڻي جو جنم ڏينهن آهي هُن کي چوطرف واڌاين جا ڌير مليا آهن سندس عزت پيار سڪ ۽ حب جا ڀرپور ميسج گل مليا آهن سنڌي قوم جي وڏي تعداد , رب کان دعائون گهريون آهن ت هي صحتمند عمر ۽ وڏي اورجا ماڻي.
۽ آنءُ هن سچي سترام جي شش لاءِ سائين کان دعا گهران ٿي.ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جي صحتمند جيون ماڻي ۽  سدائين سنڌيت جي شيوا ۾ رڌل رهي. 

Good Wishes