"شاهه جو شارح ۽ مداح - ديسي وديشي ملڪن جي ساهتڪ پل - پدم شري ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي" 
 ✍🏻 ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
  ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻيء تي ڪجه لکان ان کان اول آنءُ هڪ ڳاله ضرور چوندس.
 وڌ ۾ وڌ خوشي , تمام تمام فخر ۽ لکڻ جو سچو لطف, آنند جيڪو مون  هي ليک لکندي ماڻيو تنهن جو هت بيان ڪرڻ ۾ آنءُ اسمرٿ رهي آهيان.
 ڊاڪٽر جوتواڻيء جا کوجمناتمڪ ۽ تنقيدي ڪم پڙهيندي مون اهو محسوس ڪيو اسانجي هندستان جي سنڌي قوم تمام خوشنصيب آهي جو ڊاڪٽر جوتواڻيء جهڙي شخصيت جو جنم اسانجي قوم ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ ( آنءُ هت ورهاڱي کانپوءِ اکر تي زور ٿي ڏيان )
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي قوم جي آل رائونڊر شخصيت 
جنهن شاهه جو سچو سجدو ڪيو,
جنهن جي نس نس ۾ شاهه سمايل هو. 
جنهن جي رڳ رڳ ۾ سورمين جو عڪس هو.
جنهن جو روح شاهه جي بيتن سان ڍڪيل هو.
جنهن کي مورتي ڪلا ۽ بُت تراشيء جو شونق هو
جنهن کي سائين جي.ايم. سيد زباني
 "شاهه جو شارح ۽ مداح  " جو لقب ڏنو.
 اهڙو کوجينڪ, نقاد, ڪهاڻيڪار, ناول نويس, مضمون نگار , ڪالم نويس , شاعر, 
جنهن سنڌي ادب جي پل وديشي ملڪن سان جوڙيندي, سموري هندستان ۾ ڇا, پر دنيا ڀر جي ملڪن ۾ سنڌي ٻوليء جو ساهتڪ ڏونڪو وڃائيندي,شاهه لطيف جي بيتن کي انگريزي زبان تائين پهچائيندي ,سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو ڪيو.
سنڌي قوم جي اهڙي عظيم شخصيت ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻي جنهن جو جنم شري واڌومل جوتواڻي جي گهر ۾ 13 جنوري 1936 ۾ سکر ۾ ٿيو ۽اُن وقت ڀارت - سنڌ ۾ آزادي تحريڪ هلي رهيو هو, جتان ڪٿان " آزاد ڀارت" جا نعرا گونججي رهيا هئا ته "انگريز ڀارت ڇڏي وڃو" جي للڪار فضا ۾ ڇانيل هئي.
موتيلال جو  پتا  شري واڌومل جوتواڻي  جيڪو مئٽرڪ پڙهن کان پوءِ 'قرباني' مخزن جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو.جڏهن ت هو ڪراچي جي ڪي.جي. کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ اُستاد ٿي رهيو.مهاتما گانڌيجي جي آزادي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. ۽ سکر جي رهاڪو ديش ڀڳت ويرومل بيگراج سان گڏ سوتنترتا آندولن ۾ پڻ بهرو ورتائين.
 موتيلال جوتواڻي جي امڙ جا ويچار صوفي ۽ ڌارمڪ هئا. هوء نت نيم  سکمني ۽ جپ صاحب جو پاٺ ڪندي هئي. 
اهڙي ڌارمڪ , صوفي واتاورڻ ,سنڌيت سان ڀرپور , حب اوطنيء سان ڀريل , سنڌ جو خوشگوار ماحول  ۾ موتيلعل جوتواڻيء جي پرورش ٿي .
جوتواڻي ٻالپن جا ڪجه سال سکر ۾ ناناڻن وٽ پلجو. ۽ ڪجه سال روهڙيء ۾ ڏاڏاڻن وٽ, جڏهن ته جيڪب آباد ۽ ڪراچيء ۾ پڻ ڪجه سال رهيو. 
  موتيلعل جوتواڻي  ننڍپڻ کان ئي پڙهائيء ۾ تيز فهم هو. روهڙي جي "نو ڀارت منڊل" اسڪول ۾ پڙهندي ,  1946 ۾ اسڪالرشپ امحتان ۾ سموري سنڌ ۾ هي پهريون نمبر آيو. جنهن ڪري کيس هر مهني سنڌ سرڪار پاران ٽي رپيا وضيفو مليو.
 ائين سنڌ ۾ ئي ٻال اوسٿا کان ئي هو روشندار ستارو ثابت ٿو. 
 ورهاڱي کان پوء جوتواڻيء ڪٽنب  سميت پهرين ملاد ممبئي ,پوء ديولالي ڪئمپ (جتي مانسنگه چوهرمل ڪئمپ) جوتواڻيء جو پتا اُتانجي مهاتماگانڌي هاء اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ۽ پوء ڪٽنب سميت ڌوليا جي ڪمارنگر ڪئمپ ۾ رهيا.
1952 ۾ موتيلعل جوتواڻيء جي پتا کي سنڌي ائڪڊمي, لاجپت نگر ,نئين دهلي ۾ هيڊ ماستر جي عهدو مليو. جنهن ڪري وري ڪٽنب سوڌو ڌوليا مان دهلي وڃي وسيا.(جيڪو اسڪول اڳتي هلي بابا نيڀراج سينئر سيڪينڊري جي نالي مشهور ٿيو)
جوتواڻي اڃا 15 سالن جو مس هو جو هن هنديء ۾ پهرين ڪهاڻي لکي جيڪا پوني مان نڪرندڙ  "جئه ڀارت" ۾ شايح ٿي.
ڊاڪٽر جوتواڻي ورهاڱي بعد  پهرين شخصيت آهي جنهن ايم اي انگريزيء ۾ ڪئي جڏهن ت  سنڌي ساهت جي "سرمور شاهه عبدالطيف جي فن ۽ شخصيت" تي 1975 ۾ دهلي يونيورسٽيء مان پي ايڇ ڊي جي ڊاڪٽوريت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ديش بندو ڪاليج دهلي جي سنڌي شعبي جو پروفيسر جت عهدي تي براجمان رهندي, دهلي سنڌي اڪاڊمي جي سيڪريٽري جي پد سنڀالندي, هن  وڏي ۾ وڏو اهم ڪم ڪيو. جيڪو هن کان اول ڪنهن به ڪونه ڪيو.
"مرزا قليچ بيگ جو سهڙيل شاهه جو رسالو" ,"عثمان انساريء جو سهڙيل سچل سرمست جو ڪلام" ۽ "ڀوڄراج ناگراڻيء جو ساميء جا سلوڪ"  هيء ڪتاب سنڌ ۾ شايح ٿيل هئا. اُنهن کي ڀارت ۾ نون ڇپاپن جي روپن ۾ جوتواڻيء شايح ڪيو.
 جن ڪتابن ۾ جوتواڻيء جا صوفي سنت ۽ ڪوين تي لکيل عالماڻا مقالا پڻ شايح ٿيل آهن. 
حالانڪ ڊاڪٽر جوتواڻيء ٽمورٽي سچل ساميء  تي تي کوبناتمڪ ڪم ڪيو آهي.پر خاص هن شاهه تي ته اڻڳڻيا ۽ بهترين معياري تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکيا. جيڪي مقالا  سموري سنڌي ادب ۾ ٽريل پکڙيل آهن.جنهن جو واس وديش ملڪن به ماڻيو جن ۾ خاص آهن
سنڌي ڀاشا,ساهت جو اتهاس جي ڀومڪا, تصوف جو سنديش, قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم , شاهه جو رسالو - هڪ نظر , سچل سرمست جي شاعري ,سمپورڻ ڌرم درشٽيء جو ڪوي سامي , اڄوڪي سنڌي ساهتيه جو پريوگ , ساهت ۽ پرمپرا ,  النڪار ۽ چند , ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي اڻڳڻيا مقالا
ڊاڪٽر جوتواڻيء جا هي مقالا سنڌي ٻوليء جي وڪاس ۽ تحقيق جي ڏس ۾ عملي قدم آهن.
ڊاڪٽر جوتواڻي سنڌي قوم جي اها پهرين هستي آهي جنهن جي لياقت ۽ ذهين شخصيت جي هاڪ داڪ جو ڏهونڪو دنيا ڀر ۾ گونجيو.
هن دنيا ڀر جا دور ڪيا جڏهن ت انگلنڊ , امريڪا , ڪئناڊا , ڏکڻ ڪوريا, هانگ ڪانگ , ٿائلنڊ , نيپال , شري لنڪا , آسٽريا , فرانس , سوٽزلئنڊ , جرمني , ترڪي , گريس , اسپين , اٽلي ۽ ڊبئي ۾ رٿيل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندي جدا جدا وشين تي تحقيقي , کوجناتمڪ مقالا پيش ڪندي.
انتراشٽرايه سطح تي ادبي محفلن جو مور بڻيو. وقت به وقت سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو ڪندو رهيو
, سنڌي ادب جي پل وديشي ملڪن سان جوڙڻ جو ڪم ڪندي اهڙا لاثاني ڪم ڪيا اٿائين جنهن مان پاٺڪ به  سنڌي هجڻ تي فخر جو احساس ڪندي,سندس شخصيت تي ناز ڪندا.
ڊاڪٽر جوتواڻيء جو پهريون قلمبند ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي  "لطيف فن" مضمون آهي جڏهن ت 1960 ۾ سنڌيء ۾ پهريون ڪتاب "خيال مضمون" جي عنوان سان شايح ٿيو.  1960 هندي ۾ "چاندي ڪي گيت" ڪوتائون جو ڪتاب ۽ 1961 ۾  انگريزيء سندس پهريون ڪتاب "شاهه عبداالطيف هز لائيف" شايح ٿيو. تحقيق جي ڏس ۾ جوتواڻيء جو ٻيا اهم ڪتاب انگريزيء ۾ "صوفيز آف سنڌ" , "آف گراس ائنڊ روشن ائن انڊنيسٿ ريٽنگ" 
جڏهن ته ڊاڪٽر جوتواڻيء جي تحقيقي مجموعو 
" ڊڪشنري آف سنڌي لٽريچر" جيڪا ڊڪشنري ڀارتيه ادب ۾ ايتري مقبول ٿي  جو اُنجو ٻيو ڇاپو پڻ  شايح ٿيو. جيڪو واقعي ۾ زبردست وڏو ڪم هو. جيڪا  نه فقط هڪ ادبي لغت آهي.پر سنڌ, هند ۽ وديشي ملڪن جي ودوانن اُن کي تواريخي دستاويزي ڪري سڏيو. آنءُ هت ڪجه وديشي ودوانن جا رايا پيش ڪرڻ چاهيندس.
"A Dictionary of Sindhi Literature ,
Is very useful and Dr.Jotwani have rendered a great service to the lovers of Sindhi"
By - Prof Dr.Anne Marie Sachimmel.- Germany
"A Dictionary of Sindhi Literature,
Is a very painstaking job and very useful for persons who are invested in Sindhi Literature. 
I will make the miximum use of it."
By - Prof Tomio Mizokani,  Japan
ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻي جي لياقت ۽ ذهني شخصيت جي قدرشناسي سموري دنيا ڪئي.
جڏهن ت پنهنجي اباڻي وطن سنڌ يونيورسٽي, ڄام شورو , سنڌ جي سنڌي وڀاڳ جي پروفيسر ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدن لاء چونڊ ڪرڻ واسطي ايڪسپرٽ ڪري کيس مقرر ڪيو ويو. 
۽ 1979 - 1980 ۾ هارورڊ يونيورسٽي , امريڪا ۾ ڀارتي سنت - صوفي ساهتيه جي کيتر ۾ وزٽنگ اسڪالر لاء پڻ مقرر ٿيو.
1987 - 1985 -  ڀارت سرڪار جي مانو سنساڌن کاتي جي سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيء جو وائيس چيئرمن جو عهدو کيس سنڀالڻ لاء ڏنو ويو.
 ڪي ڪي برلا فائونڊيشن , نئين دهليء پاران انعام ڏيڻ جي مکيه ڪاميٽيء جو ٻه دفعا ميمبر جو عهدو پڻ هن بخوبي نبايو. 
هت مونکي ٻڌائيندي خوشي ۽ فخر جو احساس ٿو ٿئي ت 2018 کان ڪي ڪي برلا فائونڊيشن جي مان  (ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي) ميمبر طور مقرر ٿيل آهيان. 
 ورهاڱي کانپوء هيءُ پهريون شخص آهي جيڪو سنڌي هندي انگريزي ساهت جي معياري مواد جي دين سان دنيا ڀر ۾ سنڌي ساهتيه جو ڦهلاءُ ڪندي, وديشي ملڪن کي  شاهوڪار ۽ وسيح سنڌي ٻوليء جو احساس ڪرائيندو رهيو.
ڊاڪٽر جوتواڻيء هندي انگريزي ۾ سنڌي سڀيتڪ اتهاسڪ ۽  ساهتڪ ورثي کي قلمبند ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون. تحقيقي مقالا سنڌي ۽ هندي ۾ ڏي وٺ ۽ سنڌيء جو انگيزيء ۾ يوگدان ت خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آهن جيڪي ڊاڪٽر جي علميت جي ساک ڀرين ٿا.
جوتواڻيء جو انگريزيء ۾ قلمبند ڪيل
 Alien -There is No
جنهن جا ٻه ڇاپا 1989 ۽ 1991 ۾ شايع ٿيا, اُهي ڀارتي انگريزي ادب ۾ ڪافي مقبول رهيا جنهن تي پروفيسر شوڪي ڪمار ( حيدرآباد ) رڪش پوري (دهلي) ۽ هنجو جُلڪا (چنڊيڳره) وڏيون سمالوچنائون لکيون. 
.جڏهن ته ڊاڪٽر جوتواڻيء جون ڪويتائون
"American Poetry Anthology" ۾ پڻ شايح ٿيل آهن 
ڊاڪٽر جوتواڻي پاڻ ڄاڻائي ٿو
"شاهه لطيف منهنجي رت ۾ آهي شاهه جي رسالي کي اسانجن سنڌي گهرن ۾ هڪ ڌرمي ڪتاب جو درجو حاصل آهي.
 ڊاڪٽر جوتواڻي  شاهه جي سورمي سسئيء جي ڀنڀور کي کڻي ڀنڀور شهر تي هڪ جدا جدا خاص ليک لکيو آهي اُن جو سبب اهو به اهي جو شاهه جي رسالي ۾ ڀنڀور جو ذڪر گهڻو ٿيل آهي.
ڊاڪٽر جوتواڻي لکي ٿو 
"هونئن ته شاهه جون نائڪائون آتما جو پريتڪ آهن ۽ پرماتما لاء اُڪنديون آهن سمورو رسالو پرماتما سان وڇوڙي ڪري آتما جي هڪ وڏي دانهن آهي.
 پر هن صاحب سسئيء ۾ پنهنجي برهه جي باهه اوتي آهي. مڙني نائڪائون ۾ سسئي سندس ڪلپنا جي سڀ کان وڌيڪ ويجهي آهي."
شاهه جا پنج سُر سسئيء کي کڻي رسالي ۾  سُر سسئي آبري , سُر مغروري , سر ديسي , سر ڪوهياري ۽ سر حسيني آهن  
 ڊاڪٽر جوتواڻيء کي ادب کانسواء مورتي ڪلا ۽ بُت تراشيء جو خاص شونق هو سندس رچيل ساهت ۾ مورتي ڪلا جي لڳاءُ جا ڪيترائي چٽ چٽا نظر اچن ٿا. اُن ۾ خاص ڪري ارڌناريشور موتيء جو مول ٻج جو واهپو گهڻن هنڌ ڪيو آهي جنهنڪري ودوانن عالمن ڊاڪٽر جوتواڻيء کي ڪٿا ساهت کي
" اُتر آڌنڪتاواڌي" سڏيو آهي ان ڪري جو اُن ۾ هرهڪ جيون اسٿتيء کي گهڻن ئي پهلن کان ڏٺو ويو آهي. جدا جدا حالتن ۾ ڀن ڀن حل ٻڌايل آهن. 
جنهن جا چٽا عڪس جوتواڻيء جي پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ بخوبي ملن ٿا. جڏهن ته جوتواڻي ڪبير جا دوها کان پڻ متاثر ٿيل نظر اچي جيڪي پڻ ڪٿي ڪٿي ٿيسز ۾ پڻ شماريان اٿائين.  
ڊاڪٽر جوتواڻيء انيڪ ساهتڪ سڀيتڪ تعليمي سنسٿائن سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي سندس لياقت سنگهرش جفاڪشي سبب  2003,۾ کيس پدم شري جو خطاب سان نوازيو ويو . اهڙي عظيم شخصيت کي ملڻ ت ڀارت ڀوشڻ جو خطاب کپندو هو. پر شايد سنڌ سپوت سنڌي قوم جو هو.
*ڊاڪٽر جوتواڻيء جي شاعري تي هڪ نظر
مون مٿي اڳواٽ ذڪر ڪيو آهي 
ت ڊاڪٽر جوتواڻي جي نس نس ۾ شاهه سمايل هو جڏهن ته شاهه جو سورميون سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هيون جنهن جا چٽ جوتواڻي جي نه فقط نثر ۾ پر نظم ۾ رقص ڪندا نظر اچن ٿا.
 آنءُ چاهيان ٿي اهڙي بهترين شاعري جون  ڪجه پنکڙيون پاٺڪن تي ب اوتيا جنهن کين احساس ت
واقعي جوتواڻي جي دل تي سدائين شاهه ۽ سندس سورمين جي تصوير جي ڇاپ ايتري گهري ڇڏيل هئي
ليک  جي محدود وقت  سبب ڪوتا جي احوالي سان ٿوري ۾ ئي ذڪر ڪريان ٿي.
 "ڪافي هائوس ۾"
ميري روشني , اوجل اڌيرو
سگريٽن جي دونهين جا غبار
شفاف شفق رنگ,ڪايرو سڪيرو
هيلو, مس 'مارئي'!
'هيلو, مسز 'سسئي'!
'مومل نه آئي آ ڇا ؟
'ليلا به اڃا ندارد آ'.
لڱن لهر نئين ,نئون سوجهرو
پئندڙن چڙهيا ڪافي خمار!
جيءُ آيون
سدا آيون !
ڪيارو سڪيرو.
'سسئي, پرڀرو هو ڏس
هن جون اکيون ڪهڙيون نه سهڻيون آهن!
ڪاريون ڪاريون
۽ وڏيون وڏيون !
'مارئي! پرڀرو ڪٿي? ڇا 'ڏس'؟
اتي جتي
منهنجون اکڙيون اٽڪيون آهن
پريم نگريء جو لڳي هو نس پس راجا ٿو
راجا راضي ٿيءُ ته توکي ملي مارئي'
' اڄ ايجندا تي ڇا آهي?'
ڪافي ڪٽليٽ 
.... ۽ ها هڪ سگريٽ.... 
تون کلين ٿي!
کل
پر مون کي به کلاء
کل ڪيڏي نه مهانگي آهي!
مان ڇا ڪريان ؟ ڪيئن ڪريان ؟
"ڊاڪٽر جوتواڻي جي آتمڪٿا تي هڪ نظر"
1994 ۾ ڊاڪٽر جوتواڻيء پنهنجي "آتم ڪٿا جي نالي ۾" مجموعو  شايح ٿيل آهي جنهن ۾ هن پهرين ئي صفحي تي پنهنجي  جنم جو اظهار ڪهڙي نه سهڻي ۽ دلڪش انداز سان ڪندي شاعراڻي انداز ۾ لکي ٿو.
"منهنجي زندگي ڪتاب جي مستطيل ۾
ٻڌائين ٿا
ته ٻين وانگي منهنجي ڇٺيء تي به
ڪنهن ٻانڀڻ کي گهرايون هئائون
هن سنڌي - نما سنسڪرت ۾
امڪو ڍمڪو واچيو هو
اڱرين تي ڳڻڻ ڇٺي ٺاهي هئي
۽ منهنجي ڪرائيء تي
هڪ ڪچو ڌاڳو ٻڌي چيو هو ,
ڪشٽ ۾ ڄاول هيءُ ٻار
اڳتي هلي پڻ
ڪشٽ جا الاجي گهڻا ڏينهن ڏسندو!
اڄ مان
پٺتي نهاريندي , سوچيان ٿو-
اهو ڌاڳو ڪچو ڪين, پڪو هو
ان سان
مون لاء
گهٽ ۾ گهٽ 18250 ڏينهن ته واه جا
ر  /  ڏ  / ڪ / ي / ل
هئا!
ڊاڪٽر جوتواڻي, ساهتڪار موهن ڪلپنا جي شخصيت کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيل ٿو ڏسجي.
جنهن جو ذڪر هو پنهنجي آتما ڪٿا جي نالي ۾ شاعريء کانپوء ٻئين ئي صفعي تي ڪندي لکي ٿو
"موهن ڪلپنا جو ڪردار مونکي وڻندو آهي. ....
 ان ڪردار کي سمجهڻ پاڻکي سمجهڻ آهي,
ورهاڱي کانپوء آزاد ڀارت ۾ سنڌي ڪردار کي سمجهڻ آهي."
مٿين حوالي جي سچائيء ۽ ثابتي جو اهڙو چٽو عڪس مونکي ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيء جي آتم ڪٿا ۾ پڻ نظر آيو.
 جنهن آتم ڪٿا ۾ نارايڻ ڀارتيء لکيو آهي 
"مان مئٽرڪ فيء جي ڪري ڪونه پيو پڙهي سگهان پر موهن ڪلپنا منهنجي مئٽرڪ جي في ڀريندي, اسڪول ۾ منهنجي داخلا ڪرائي".
ڊاڪٽر جوتواڻي پنهنجي "آتم ڪٿا جي نالي ۾"  جي سموري مجموعي ۾ 
شاهه لطيف جو سجدو ڪندي, شاهه جي بيتن سان آتم ڪٿا کي سجائيندي , پنهنجي جنم,  ڪٽنب ڏاڏاڻا - ناناڻا , تعليم ,سنڌ جي ساروڻيون ٻال اوسٿا جون شرارتون ,ورهاڱي کان پوء سموري سنڌي سماج جو منظر چٽيندي,ورهاڱي بعد نئين سر ادب جا سلا پوکيندي, سيمينار ,ادبي بيٺڪون ۽ محفلون جو مختصر حوال تاريخن سميت ڏسيندي,ساهتڪارن جا گرما گرم بحث پڻ شماريان اٿائين.
 آتم ڪٿا ۾ ڪٿي ڪجه پردي ۾ ڪوڙيون سچايون شماريندي ,ڪورٽ ڪچهريء جي مدن جو پڻ ٿورو ڪي گهڻو ڏکائتو اظهار اظهاريندي, جئرامداس دولترام جا خط شماريندي, 
جڏهن ت آتم ڪٿا ۾ ڪٿي وڏا ڇرڪ ب ڀرائي ٿو. ڪن ساهتڪارن جي شخصي زندگيء تان ڪجه ڪجه پردو به هٽايون اٿائين.
 جيڪو پڙهڻ سان پاٺڪن کي سوچڻ لاء آمادهه به ڪري ٿو .
پر وري ڪنهن صفحي تي جوتواڻي سنڀالي قلم هلائيندي بي نقاب ڪندي به ڪجه ساهتڪارن جي عيبن کي وري سهڻي زنبرگي پردي سان  ڍڪي به ڇڏي ٿو .
مان ڀانيان ٿي سنڌي ادب جو اهو ڪو ساهتڪار ڪون هوندو جنهن  جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪون ڪيو هوندو
جڏهن ته ساهتڪارن جي پاڻ ۾ گروپزم واري حساب جي جوڙ ڪٽ ڪندي ,ساهتڪارن جي گروپزم جي چڪر کان  پاڻ کي محفوظ رکندي, پنهنجو شمار ڪنهن به گروپ ۾ ڪونه ٿو شماري. هن  لاء سڀ  ساهتڪار پنهنجي  نظريعي سان صحيح آهن.
هڪ هند ٻڌائي گروپزم جي حوالي ۾ ڪنهن جوتواڻي  سان سوال ڪيو تڏهن جوتواڻي جواب ٿو ڏي
"مونکي مٺيان اچي لڳي اهو تنهنجو منهنجو گروپ ڇا آهي؟ ليکڪن جي ساهتڪ ڪٿ ڪندي مون ڪڏهن به شخصي ڳالهين کي اهميت ڪانه ڏني آهي. منهنجا سخت ۾ سخت الوچڪ پڻ منهنجي بي رياءُ ڪٿ جي ساراهه ڪندا. هائو ڪنهن هڪ گروپ ۾ نه رهڻ ڪري مونکي ڪي نقصان رسيا آهن." 
ڊاڪٽر جوتواڻيء جي نظر ۾  " تيرٿ بسنت ۽ پرم ابيچنداڻيء جا مضمون زندگيء جي بنياد جا فلسفا آهن. اُنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا نظر اچن ٿا پرم ابيچنداڻيء جا "ست سار" ۾ جيڪي مضمون درج ٿيل آهن, سي ٻين پنگتي,اخلاقي , ڌرمي مضمونن کان علحدا آهن. 
 جڏهن ته آتم ڪٿا جي هڪ باب ۾ ڪرشن کٽواڻيء جي سنڌي ناول  جنهن جو  ترجمو جوتواڻي پاڻ ڪيو هو. تنهن ناول جي پن تمام چڱي چوکي تنقيد به لاثاني ڌنگ سان ڪئي اهي   146 پيج کان 155 پيج تائين  "انواد ۾ سرجڻ جو سک" باب ۾ جڏهن ته ترجمي جي پڻ اهميت جو بهترين ڍنگ سان اظاهر ڪري ٿو جيڪو ليک پڻ پاٺڪن جي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي ٿو. 
جيئن ته جوتواڻي دنيا ڀر جا دورا ڪيا تنهن جا سفر ناما پڻ آتم ڪٿا ۾ شماريان اٿائين پر خوصورت شاعراڻي انداز سان سفر نامي جا نشان ڪاميابيء سان چٽيان اٿائين.
جنهن ۾ ڪٿي اتهاسڪ گهٽنائون به خلقي وٺي ٿو.  راجا راڻين جي لوڪ ڪٿائون ب اوتي وٺي ٿو.
نارايڻ ڀارتي جو حوالو ڪوٽ ڪندي جوتواڻي لکي ٿو
نارايڻ ڀارتي جي لفظن ۾
"مان جڏهن سچل سيمينار تي سنڌ ويو هوس ت اُتان جي ماڻهن ۾ تو لاء ۽ تنهنجي ادبي ڪم لاء ڏاڍي عزت ٿيندي ڏٺم"
ڊاڪتر جوتواڻي ,سنڌ سپوت سائين جي ايم سيد جو ذڪر پڻ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو
"سائين جي ايم سيد دهليء ۾ منهنجي گهر آيو هو.
هي صاحب منهنجي غريب خاني۾ انڪري نوازيو هو. ڇو جي. ايم سيد جي ئي لفظن اجهو هئين ٿو لکي
"شاهه لطيف جو مداح آهيان ۽ منهنجي ڪتاب مان سندس ڌيء درشهوار سيد کي سڀ کان گهڻو فيض رسيو آهي".
جوتواڻي لکي ٿو اُن وقت
"انٽرنئشنل ڪورٽ( هيگ) جو غلام علي الانا سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو حيدرآباد جو عبدالجبار جوڻيجو , نبي بخش خان بلوچ , ممتاز مهر , مظهريوسف ۽ ٻيا ڪيترائي منهنجي هڪ کن جي ذهني ڪولاج ۾ اُڀري بيٺا"
۽ آتم ڪٿا جي  آخرين بابن ۾ پنهنجي وڏي جوان پٽ  سداحيات ديپڪ جي دکدائي حوال ڏيندي 13 اپريل 1991 جي منحوس ڏينهن جو منظر خلقيندي, پاٺڪن جي اکين ۾ به آب آڻائي ڇڏي ٿو. جڏهن ته موهن ڪلپنا جو اٿت ڀريو خط به شماري اٿائين.جنهن آٿت ڀري خط جا ٻ ڇنڊا پاٺڪن تي پڻ پون ٿا.
هڪ مکيه ڳالهه جوتواڻيءَ جي آتم ڪٿا پڙهڻ بحد ايترو ت پاٺڪن ب ضرور محسوس ڪندا
ت جوتواڻي جي آتم ڪٿا گهڻي گهڻي سچائي تي آڌارت آهي. سندس آتم ڪٿا سڌي سنواٽي نموني لکيل آهي ڪٿي ب ور وڪڙ جو احساس ڪون ٿيو. جڏهن آتم ڪٿا ۾ اهم مان مان جو نقص ڪٿي ب نظر ڪون آهيو.
"هڪ نظر جوتواڻيءَ جي ناولن تي"
 جيئن وڏي ڪهاڻي جو شارٽ فارم آهي. فلئش ڪهاڻي, مني ڪهاڻي ۽ لهگو ڪٿا ڊاڪٽر جوتواڻي جا پڻ هي ناول , وڏي ناول جو شارت فارم آهي ننڍا ننڍا تمام پٽڪرا ناول پر پوء به ليکڪ  ٽنهي ناولن ۾ وڏي ناول جي خاصيتن جيان ڪيترن ئي پهلن تي ڪاميابيء تائين پهتو آهي
"اهي رشتا ناتا"
رشتا ناتا ته اٽوٽ آهن. پر بلڪل نازڪ, جن کي پئسي سان ڪونه سينگاري سگهبو آهي. پيار ,سڪ ۽ محبت ڪٽنب کي جوڙي رکڻ جو اهم هٿيار آهي پئسو ته جيئڻ جو ماڌيم آهي پر  پئسو ڪو جيون نه آهي.
جوتواڻيء جو "اهي رشتا ناتا" هڪ ننڍي ناول جي قطار ۾ اچي ٿو. ليکڪ هڪ بجنيس ايڪزيڪيوٽو مدن جي دواران رشتن ۾ ٿيڻ واري بدلاءُ ڏانهن طنزي اشارو ڪيو آهي. سماج ماڻهن سان ملي ڪري ٺهيو آهي ۽ ماڻهوء بنا سماج اڌورو آهي. انسان جون پنهنجون به ڪجه ضرورتون آهن. جنهن کي هو سماج ۾ رهي ڪري پوريون ڪري سگهي ٿو ان طرح سماج ۽ انسان هڪ ٻئي تي درامدار رکن ٿا. ماڊرن جيون ۾ انسان ڪٽنب کان وڌيڪ پئسي کي اهميت ڏئي ٿو ۽ جيئن پئسو وڌي ٿو ته ڪو پئسو اڪيلو ڪون ٿو اچي پاڻ سان ڪي نفي علتون به کڻي اچي ٿو جنهن جو اثر گهڻن ئي ماڻهون تي پوي ٿو ۽ پوءِ ان چڪر ۾ سمورو ڪٽنب ٽڙي پکڙي وڃي ٿو.
اهڙي سماجڪ سچائي کي ليکڪ ناول ۾ پاٺڪن اڳيان تمام عمدي نموني واضح ڪندي شفاف آئينو ڏيکاري ٿو. ناول جي  ڪٿا وستو سهڻي رٿا گهريندي ليکڪ  اهڙو اهم موضوع کڻندي پاٺڪن کي سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جڏهن ته ناول ۾ ڪٿي ڪٿي فلاسافيء جون جهلڪيون به ملن ٿيون مدن جڏهن ريکا جي ماءُ جي بيماريء باري ۾ ٻڌي ٿو ته چوي ٿو
 " دنيا ۾ سڀ ڪجه محظ هڪ اتفاق آهي, اسانجو جنم , اسانجو مرتيو , هوء تنهنجي ماءُ آهي, هو ڀاءُ آهي, اهي سڀ اتفاق آهن. پوء ڇو تون اُنهن لاء ايتري پريشان رهين ٿي؟"
"پيلي بتيء تي"
زال مڙس جي نازڪ رشتي ۾ وشواس وڏي اهميت آهي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو به وشواش ٽٽو ته يقيقن اهو جوڙو زندگيء جي اهڙي مور تي اچي ويندو جتي مختلف ۽ اُلجهيل رنگن جي بتين ۾ پاڻ کي کوهي ڇڏيندو.
اهڙي ئي موضوع تي ليکڪ جو هي ننڍو ناول جيڪو زال مڙس جي رشتي تي آڌارت "پيلي بتي" آهي
ليکڪ ناول ذريعي زال مڙس جي رشتي کي جوڙي رکڻ  جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
ليکڪ زال مڙس کي پيلي بيتي تي آڻيندي ,سائي بتيء لاء آماده ڪندي کين  پيار صبر وشواش جي اٽوٽ  ڳنڍ ٻڌي رکڻ لاء  سهڻيو ۽ ڳجهيون صلاحون ڏئي ٿو. ناول پيش تتون جي درشٽيء کان پوري طرح سڦل آهي. ڪٿاوستو کان مقصد تائين بندوبست واري قطار ڏسڻ اچي ٿي. خاص هن ناول ۾ ڪم اندل گفتگو جي نواڻ پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. 
"ڪوٺ"
 اولهه ملڪن جي جيون ۾ انسانن کي مکيه ته سمجهيو ويندو آهي پر انهن جي خراب حالات به آهي اولهه جو سماج بگڙيل آهي جتي ڪٽنب جو نالو ئي ختم ٿيندو پيو وڃي. جنهن ڪري اُتي جا ماڻهون اڪيلائپ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن.جڏهن ته ليکڪ ڀارتيه جيون جو جهلڪيون پسائيندي پاٺڪن کي آگاهه ڪري ٿو. ته اولهه جي جيون ڍنگ پٺيان ڀڄڻ پنهنجي سماج پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجي ديش جو ئي نقصان ڪرڻ آهي. اهڙي طرح ناول ۾ ٻه الڳ الڳ پسمنظر خلقيدي اولهه ۽ ڀارتيه جي جيون ڍنگ جي نئين نرالي انداز سان ڀيٽ ڪندي ڀارتيه ماڻهون کي آگاهه به ڪري ٿو. 
ڊاڪٽر جوتواڻيء جي تحقيقي ڪمن جي وچوڙ جڏهن ته ساهتيه جو هر صنف تي شايح ٿيل مجموعا ايترو ته وسيح ۽ وشال سطح تائين ٽڙيل پکڙيل آهي جو پي. ايڇ. ڊي لاء وڏو گرنٿ ٺهي سگهي ٿو. 
ڊاڪٽر جوتواڻي هڪ ڪوتا "ايتري ۾ وقت ڀريو اچي" ۾ جوتواڻي ڄاڻائي ٿو اسين اڃا ڪجه ڪري سگهڻ جي حالت ۾ هجون ئي مس ٿا ته الوداع جو وقت ڀريو اچي.
28 جنوري 2003۾ پوني ۾ دل جي دوري سبب سمورن سنڌ هند ۽ وديشي ملڪن جي ودوانن ,عالمن کي اُٻاڻڪو ڪري ويو جوتواڻي سنڌي ادب  تي پنهنجا ايترا گهرا ۽ اونها نشان ڇڏي ويو آهي. جو شاهه لطيف جا کوجينڪ  زبان مان ازخود موتيلعل جوتواڻيء جو نالو کڻندا. 
پڇاڙيء ۾ آنءُ هت ڊاڪٽر جوتواڻيء کي دل سان ياد ڪندي سندس ئي لفظن ۾ هي مقالو قلم بند ڪريان ٿي. 
       "منهنجو نالو کڻڻ وارو مونکي ياد ڪرڻ وارو
                     شايد ئي ڪو آهي"
       
*" ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻيء جي ساهتڪ پونجي سنڌي ۽ سنڌي ,هندي ۽ انگريزي ڪتاب
* خيال مضمون -سال 1960سنڌيء ۾ 
*چاند ڪي گيت - سال1961هنديء ۾
*النڪار ۽ ڇند - سال 1965سنڌيء۾ 
*آزادي ڪي ڪهاني - سال 1965هنديء ۾ 
*عناصر جي سازش ڪوتائون سال 1968 سنڌيء ۾ 
*پرمپرا هيڻ - ڪهاڻيون- سال 1970سنڌيء ۾
*نارنگي ٽرئفڪ لائيٽ تي سال 1974- هندي ۽ سنڌي ۾ 
* پيلي بٽي تي ناول سال 1977 هندي ۽ سنڌيء ۾
* سنڌي ڀاشا لپي ۽ ساهت... سال 1978 هنديء ۾ 
*يي لوگ. ناول سال 1980 هنديء ۾ 
* اهي رشٽا ناتا ناول هندي سال 1982
*سمٻنڌن جي سڙڪن تي ڪوتائون سال 1982 سنڌيء م 
*نيم ڪي ڀومي ڪا الگ هي سال 1983 هنديء ۾ 
*اتم ڪٿا جي نالي ۾ 1994 سنڌيء ۾ 
*ڪوٺ  - هندي ۽ سنڌيء ۾
*سڃاڻپ جو سنڪلپ سنڌيء ۾
ساهتيه سنسار سنڌيء ۾
*پرش ۽ پرڪرتي سنڌيء ۾
*نئين سري کان سنڌيء ۾ 
ساهتيه سنسار سنڌيء ۾
*راڄڌانيء جا ساهتڪار سنڌيء ۾
*شاهه لطيف ڪاويه سنڌيء ۾
*سنڌي ڪوتا سنگرهه سنڌيء ۾
*ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنڌيء ۾
*سنڌ جي کوج سنڌيء ۾
*ترازو ڪي اپني زندگي هنديء ۾
*نيمت هنديء ۾
*هم سڀ ڪي ورهاست هنديء ۾
*وتايو فقير ڪي ڪهانيان هنديء ۾
*پرايا ڪوئي نهين هنديء ۾
*شاهه لطيف ڪا ڪاويه هنديء ۾
*سوامي دادو ديال هنديء ۾
*سنڌي ڪي ڪهانيان هنديء ۾
* Shah Abdul Karim - Mystic Poet of Sindh,
Year, 1970 & 1986
* Shah Abdul Latif - His life & Work
* Sindhi Literature & Society
* Sufis of Sindh
* Of Grass & Roots , 1987
*Alien There is None, 1989 & 1991
*A Dictionary of Sindhi Literature, 1996 & 2000
* Contemporary Indian Literature & Society ,1979
* Sindh : Short Stories, 1985 
*Absolute Value peace , Property & Politics, 1985
* Mass Media & National Development,1987
* Tradition & Modernity, 1991
* Indian Society in the 21 Century, 1992
* Education & Cultural in India, 1994

Good Wishes