لوڪ ساهت جو ابو ۽ محقق ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي
      ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
 ڪهاڻيڪار ,مضمون نگار ,محقق ۽ نقاد ورهاڱي کانپوء سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتي جي وڪاس جو اهم ڪردار , هندستان جو سنڌي لوڪ ساهتيه جو ابو  ,"سنڌي ساهت سڀا" جو پايو وجهندڙ , "وديارٿي"۽ "سنڌي ٽامس" جو ايڊيٽر ممبئي يونيورسٽيء جي سنڌي وڀاڳ جو اڳوڻو پرمک ڊاڪٽر جيولداس نارائڻ ڀارتي جنهن عظيم شخصيت کي ادبي کيتر ۾ نارائڻ ڀارتي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. نارائڻ ڀارتي جو جنم - قنبر شهر ۾ - (ضلعو لاڙڪاڻو  سنڌ ۾)1 آڪٽوبر 1932 شري جيولداس پرياڻي جي گهر ۾ ٿيو .پرائيمري تعليم ڳوٺ قنبر ۾ پڙهايائين .جڏهن ت  1942 ۾  ڳوٺ ۾ ٻوڏ اچڻ  سبب شهر ۾ لاڏاڻو ڪيو. .جنهن ڪري سيڪنڊري تعليم نائين درجي تائين شهر ۾  پڙهيو.
ورهاڱي سبب 20 جون 1948  هندستان جي الهاسنگر ۾ اچي رهيو. پڙهڻ جي چاهنا وڌيڪ هئس پر پئسي جو  ڪو وسيلو ڪون هو. تن ڏينهن ۾ اخبار ۾ ڍوليا شهر جي سرڪاري ٽريننگ اسڪول جي پڌرائي ائي اٺين درجو پاس ڪيل شاگردن لاء  اسڪول ۾ موٽر مڪئنڪ اليڪٽرڪ جي سکيا فري ڏني ويندي , در مهنو 40 رپيا ب ملندا ۽ هاسٽل ۾ رهائش جو بندوبست پڻ فري ڏنو ويندو نارائڻ ڀارتي اتي داخلا ورتي پر  سندس من اُتي ن لڳو .جنهن ڪري ڇه مهنا سکيا وٺڻ بعد اڌ ۾ ئي اُها ٽريننگ ڇڏي آيو.جڏهن ت موهن ڪلپنا هن جي في ڀريندي  سنڌ نئشنل اسڪول ۾ کيس  ڏهين درجي جي داخلا وٺي ڏني. اُن وقت سندس ٻيا اسڪولي ساٿي هئا گنو سامتاڻي , ارجن چاولا, موهن مٽائي, گهنشام ليکراجاڻي ۽ هرپال دادلاڻي.
1950 ۾ "وديارٿي" نالي اخبار جو سمپادڪ ٿيو. جڏهن ت  ايشور آنچل سان گڏجي 1950 ۾ "سنڌي ساهتيه سڀا" جو پايو وڌائين .مئٽرڪ جي امتحان ڪري "وديارٿي" اخبار بند ڪرڻي پيس .1951 ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين جڏهن ت ڪاليجي تعليم  ممبئيء جي جئه هند ڪاليج ۾ پڙهايائين.
ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ڪاليجي جيون کان ئي لوڪ ساهت طرف مائل ٿيو. جئه هند ڪاليج ۾ پڙهندي فري وقت ۾  ڪاليج جي لئبرريء ۾ وڃي لوڪ ساهت تي هندي, اُردو ڪتاب  ۽ ماهوار رسالا  جيڪي خاص لوڪ ساهت ۽ لوڪ گيتن تي ٻين ٻولين جا ليک ڇپجندا هئا سي هو وڏي چاه سان پڙهندو هو. جتان هن کي لوڪ گيت گڏ جو خيال آيو ۽ هن ڪاريه کي عملي جامو پهرائيندي هن کوجناتمڪ ڪم شروع ڪيو. 
ڊاڪٽر نارائڻ لوڪ گيتن نسبت پنهنجي ٿيسز ۾ لکي ٿو 
 "بس سنڌي لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ جي شروعات ائين پنهنجي گهر ,پاڙي ۽ پوء اُلهاسنگر جي جدا جدا پاڙن ۾ وڃي ٻڌڙن کان زباني ٻڌي , ڪاپيء تي لکندو ويس ڇو جو اُن زماني ۾ ن هئا ٽيپ رڪارڊر ن ڪي ٻيون سهوليتون هيون ۽ پوء ت وڪيشن واري عرصي ۾ اُلهاسنگر کان ٻاهر نڪري ڪٽني ڪئمپ , ساگر , بلاسپور , برهانپور ۽ پوء ناگپور جي جيري پٽڪا ڪالونيء ۾ وڃي رهي لوڪ گيت گڏ ڪندو رهيس.
1957 کان 1987 تائين الهاسنگر ۾ هلندڙ سنڌي ايڊيوڪيشن جي اسڪول ۾ ماستري ڪيائين.1962 ۾ هري موٽواڻي  هفتيوار "سنڌي ٽائيمس" اخبار برپا ڪئي. جڏهن ت 1963 ۾ هري موٽواڻيء سنڌي ٽائيمس جو واڳون نارائڻ ڀارتي جي حوالي ڪيون. نارائڻ ڀارتي سنڌي ٽائمس جو ايڊيٽر طور هر هفتي اخبار شايح ڪندو رهيو جڏهن ت سمپادڪ طور هرسال  ٻه ڪتاب سنڌ هند جي ساهتڪارن جا  گهٽ ۾ گهٽ 100 کن ڪتاب شايح ڪيائين ۽ پنهنجا ڪجه لوڪ ساهتيه تي کوجناتمڪ ڪتاب ب شايح ڪيائين. 
لڳاتار اڌ صديء کان ب مٿي اهو سلسلو هلايائين.۽ پڇاڙي جي سالن ۾ طبيعت ناساز هئڻ سبب  2013 کانپوء اخبار بند ڪرڻي پيس ۽ ڪتاب پڻ  ڇپجڻ بند ٿيا.  جڏهن ت ماستري ڪندي 1974 ۾ بي اي , ايم اي ۽  پي ايڇ ڊي ڪيائين .
1979 ۾ ار ڪي تلريجا ۾ سنڌي وڀاڳ جي پروفيسر جي پد سنڀاليائين ۽ پوء 1985 ممبئي يونيورسٽي ۾ پهرين ليڪچرار بعد ۾ ريڊر ۽ وڀاڳ جو پرمک تي براجمان رهندي 1992 ۾ رٽائر ڪيائين .ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جا ڪيترائي ڪتاب بي. اي ۽ ايم اي  جي درسي ڪتابن طور ممبئي يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽي ۾ منظور   ٿيل آهن .سندس ڪهاڻيون پڻ ٻين ٻولين ۾ ترجمو هندي, اردو, انگريزي, مرهٽي ,گجراتي ۽ بنگالي ۾  اچي چڪا آهن.
اها انساني فطرت رهي آهي جنم ڀومي هرهڪ کي مٺي لڳندي آهي ۽ سوئي اسانجي اهڙي پوتر سنڌ ڀوميء جنهن جا اسين سمورا سنڌي وارث آهيو.  ڀلا پنهنجي سنڌ امڙ ڪو وسري وڃي سو ممڪن ڪٿي آهي? ورهاڱي کانپوء هرهڪ سنڌي پنهنجي وطن کي وري ڏسڻ لاء سدائين منتظر رهيا آهن ۽ رهندا ايندا 
ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء کي پنهنجي جنم ڀوميء وري ڏسڻ جو حسين موقعو مليو. سنڌ جي سڏ تي 1989 ۾ گوبند مالهي ۽ ڪرشن کٽواڻي  سان گڏ سچل جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين .جڏهن ت سنڌ مان ٿي اچڻ بعد يادگرين تي ڪتاب لکيائين.سندس ڪتاب ۾ هڪ ت ورهاڱي کانپوء سنڌين جي پيڙادائڪ ڏکن جا چٽ ٻيو ت سنڌ لاء ڇڪ محبت ۽ پيار جون يادگريون جو اتهاسڪ دستاويز "سرءُ جا پن" عنوان سان ڪتاب شايح ڪيائين جنهن ۾ جملي 15 باب جوڙيندي ورهاڱي کان اول پنهنجي ماضيء جا ورق ۽ ورهاڱي کانپوء پنهنجي  جيون جو حال جڏهن ت  آخرين باب "مٽيء منهنجي ملڪ جي" ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي سڏ تي انتهائي خوشي جي احساس جا چٽ اهڙي ت  بهترين نموني چٽيا آهن جڏهن ت جنم ڀومي سنڌ جون يادگريون جنهن ۾ ڏکوئيندڙ لفظن ۽ اکين ۾ آب آڻيندڙ الفاظن  ۾ اجهو هئين ٿو لکي .
"منهنجو گهر , پنهنجو گهر ڏسي روئڻ اچي ويو سڄن سارن ٻائيتاليهن سالن ۾ ن ڪا مرمت ۽ ن ڪو رنگ روپ , ڄڻڪ هڪ کنڊهر هو. منهنجي گهر جي ٻاهران بجليء جو ٿنبو لڳل آهي. جنهن ۾ بلب ٻرندو هو. مان بيخود ٿي ان ٿنبي جي چوگرد ٻانهون وجهي ڄڻڪ ڀاڪر پائيندي ساڻس سڪ وچان ملندي چيم , يار تون ت خوشنصيب آهين جو پنهنجي ساڳئي هنڌ تي بيٺل آهين.  اسان ت ڌڪجي , وڇڙجي توکان هن گهٽيء کان , هن گهر کان سوين ميل پري ٿي ويا آهيون. الائي ڪيئن اڄ توسان ملي رهيو آهيان". (2)
ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء ممبئي يونيورسٽيء مان 1977 ۾ لوڪ ساهتيه جي وشيه تي " سنڌي لوڪ - گيتن ۾ سماجڪ پس منظر عنوان سان پروفيسر رام پنجواڻيء جي رهبريء ۾  پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي
محقق نارائڻ ڀارتي ٿيسز جي ورهاست پنجن باب ۾ ڪئي آهي.جيڪي آهن.
1. لوڪ گيت ڇا آهن ?
2. سنڌي - لوڪ گيت
3. سنڌي لوڪ - گيتن جا قسم  
4. لوڪ - گيتن ۾ سماجڪ پس منظر
5. لوڪ گيتن جو اڀياس ڇو ?
 
 لوڪ - گيت ڇا آهي ?
هن باب ۾ محقق لوڪ ساهت, لوڪ گيت ڇا آهي? , نوان پراڻا گيت , گرام گيت سنڌي جي ودوانن ۽ ٻين ٻولين جي عالمن جي راين ۽ مثالن سان واکاڻ ڪندي ضروري جاچنائون پڻ ميسر ڪيون آهن ڊاڪٽر صاحب لوڪ گيتن جي ورهاست ڪندي ودوانن جي راين ۽ مثالن سان تحقيق ڪندي هر پرانت ۽ هر ٻوليء جي لوڪ گيتن کي الڳ الڳ  قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.ٻين ٻولين جي ودوانن جا رائي مطابت راجسٿاني لوڪ گيتن جا ڇه قسم جڏهن ت هندي جا ڏهه لوڪ گيت 
تنهن لاء ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جو چوڻ آهي ت اها ورهاست جنهن ٻوليء جي باري ۾ ڪيل آهي. انهيء سان ئي لاڳو آهي.اهي جدا جدا دفعا هر ڪنهن ٻوليء سان ئي لاڳو ڪري سگهجن ٿا. 
سنڌي لوڪ گيت 
اُپڀاشائون ڇا آهن? هرهڪ اُپڀاشا تي مختصر ۾ روشني وجهندي ,سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي عالمن جي راين جا حوالا پيش ڪندي, ضروري جاچنائون ڏيندي ,سنڌي جي ڇهن اُڀاشائون جي لوڪ گيتن جي ورهاست ڪئي آهي جيڪي اهن  سرو, وچولو ,لاڙ, ٿر ,ڪڇ ۽ لس ٻيلو طبعي لحاظ کان انهن ڀاشائون جي ڄاڻ ڏيندي ,هرهڪ اُپڀاشا جا جدا جدا لوڪ گيت جا نمونا سمجهائيندي, تن لوڪ گيتن جي مهما ۽ مثال سان ثابت ڪيو آهي.
.هرهڪ اُپڀاشا جي لوڪ گيتن جا نمونا جيڪي آهن
* سريلي - سرو معنيا سنڌ جو اُتر وارو پاسو. اهو سنڌ توڙي سنڌو نديء جي وهڪ جو مٿيون ڀاڳو آهي. جنهن ڪري اهو پاسو سرو سڏجي ٿو سريلي جا لوڪ گيت سريلي لوڪ گيت - ڇلو لولي ٻيلڻ گامڻ ڍولو لئيڪو
* وچولي - سنڌ جي طبعي ڀاڳي سري ۽ لاڙ جي وچ وارو ڀاڱو وچولو سڏجي ٿو.وچولي لوڪ گيت - وچولي مورو , ٻيلڻ
* لاڙي - سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي. ۽ عربي سمنڊ سان لڳي ٿو. تنهن کي لاڙ سڏجي ٿو - لاڙي لوڪ گيت -ڪانگڙو يا ڪاڳڙو
*ٿريلي-هاڻوڪو ٿر ينعا ڏيپلو , مٺي ,ڇاڇرو , ننگر پارڪر تعلق ۽ ٿر جو آڳاٽو گاديء جو هنڌ امرڪوٽ 
ٿريلي لوڪ گيت - وندر , بادليئو , ورسارو, چوماسو, پڻهاري ۽ منديئڙو
پر ڪجه خاص لوڪ گيت آهن جيڪي سموري سنڌ ۾ ڳايا وڃن ٿا.  مثال هوجمالو لوڪ گيت سموري سنڌ ۾ ڳايو وڃي ٿو. اهڙي نموني ٻيا پڻ ڪيترائي لوڪ گيت جيڪي سموري سنڌ ۾ مشهور آهن ۽ ڳاتا وڃن ٿا. هن باب جي پڇاڙيء ۾ ڊاڪٽر صاحب جاچنائون ڏيندي هي حوالو پيش ڪيو آهي
"جڏهن ت  جهڙي طرح مسلمانن مهنن ۽ ڏينهن جا نالا هڪ نموني چوندا ۽ سنڌي پنهنجي نموني مثال مسلم ڏينهن جا نالا
مسلم چون آچر , سومار , اڱارو, اربع خميس جمع , 
ت هندو چون آرتوار سومر منگل ٻڌر وسپت جمح ڇنڇر
اها ساڳئي ڳاله لوڪ گيتن ۾ پڻ آهي حالانڪ ڏينهن جيان ٻنهي جا لوڪ گيت ب ساڳيا آهن پر اُنهن جي مصرعن ۾ ڪم آندل هندن جا هڪڙا ت مسلم جا ٻيا. مثال هندو چون لاڏا جڏهن ت مسلم چون ڳيچ."....
حالانڪ سنڌ ٻوليء جي ورهاست ڇه اُپڀاشائون ۾ ٿيل آهي
" جڏهن ت ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي لکي ٿو ڪڇ ۽ لاسي اڄ جي سنڌ ۾ ن ڪڇ آهي. ۽ ن وري لس ٻيلو آهي اڄ جي سنڌ جا طبعي حصا فقط چار آهن سرو , وچولو, لاڙ ۽ ٿر. جڏهن ت ڪي لوڪ گيت سموري سنڌ ۾ پکڙيل اهن" 
تنهن لاء ڊاڪٽر ڀارتي اُنهن لوڪ گيتن جا مثالن سان پيش ڪندي ٻين عالمن جي راين جي آڌار تي تز تحقيق ڪئي اٿائين  
سنڌي لوڪ - گيتن جا قسم  
 ڊاڪٽر ڀارتي سنڌي لوڪ گيتن جا 18 قسمن تي روشني وجهندي هرهڪ قسم تي ودوانن جي راين سان گيتن  جا مثال ڏيندي تمام سهڻي ۽ تز تحقيق ڪندي جاچنائون ڏنيون اٿس  لوڪ گيتن جا .18 قسم جيڪي آهن
1. لاڏا ۽ ڳيچ , لوليون ,ساکيون , شبد , اوراڻا , پنجرا, پار, سلوڪ, گيت ,ڪٿا گيت , ٻال گيت, پوڄا گيت, بيت, مداحون , ڪافيون, ڏوهيڙا, وايون, مولود ,   
لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پس منظر
سماجڪ پس منظر ۾ ڊاڪٽر صاحب اول رشتن ناتن تي آڌارت لوڪ گيتن جي ورهاست ڪندي گڏيل ڪٽنب ,زال مڙس , ماءُ ڌيءُ , ڀيڻ , سس, نونهن , جڏهن ت سماجڪ مسئلن تي آڌارت پڻ لوڪ گيت  ٻين عالمن جي راين سان لوڪ گيتن جا ڪيترائي مثال ڏيندي جاچنائون ڏيندي ت ڏکن لفظن جي منعائون پڻ ڏنيون اٿائين هنن لوڪ گيتن ۾ اُن وقت ۽ زماني جي ڦيڙي جي بخوبي ڄاڻ ملي ٿي. لوڪ گيتن جي سماجڪ پسمنظر ۾ اُن وقت جون سماجڪ ريتن رهڻ ڪرڻ کائڻ پهرڻ جون جهلڪيون پڻ پسڻ لاء ملن ٿيون. 
لوڪ گيتن جو اڀياس ڇو ؟
لوڪ گيتن جي اڀياس جي مهما ڏسيندي ڊاڪٽر صاحب
شاهه جي ستن سورمين تي بيت ۽ دودو چنسير جهڙا اتهاس قصا سنڌ ۾ وقت ب وقت ڌارين قومن جو راڄ جون جهلڪيون شاه جي بيتن جا مثال ڏيندي لفظن جو ڀنڊار ۽ لفظن جي بدل سدل سبب معنائون جي بدلاءُ طرف ب اشارا ڪيا آهن ت ڪيترن ئي  لفظن جون  منعائون سان سمجهاڻيون پڻ پيش ڪيون آهن  شاه جي زماني وارن لوڪ گيتن جا مثال پيش ڪندي جڏهن ت ڪجه اتهاسڪ مثال ڏيندي خاص مهاراشٽرا جي "پوڙا"  ۽ جهانسيء جي راڻي لڪشمي ٻائي جڏهن ت راجسٿان جو مهاراڻا پرتاب سنگه ۽ ڀيلن جي بهادريء جو ورڻن لوڪ گيتن ۾ ملي ٿو. جڏهن ت
سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ چٽر اتهاسڪ وارتائون ۽ جاگرافي جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي سنڌي لوڪ گيتن جي بيشمار ڄاڻ ڏيندي  لوڪ گيتن جو خزاني جا بهترين ڏس پتا ڏنا آهن ۽ پڇاڙيء ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي هندي ۽ انگريزي ڪتابن جي ببلوگرافي ڏني آهي .
مونکي بعد خوشي ۽ فخر جو احساس ٿي رهيو آهي هڪ ت. منهنجو سمپادڪ ٿيل ڪتاب "سنڌ هند جون غظيم اديبي شخصيتون" ڪتاب جو مهورت ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي شڀ هٿن سان ٿيو ٻيو ت چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ طرفان گذريل 10 سالن کان هر سال 8 گيسٽ ليڪچرس رکيا ويندا آهن .جنهن ۾ سموري ڀارت مان چار ليکڪ جڏهن ت خاص الهاسنگر جا چار ليکڪ هوندا اهن جنهن ۾ هرسال ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جو ليڪچر ضرور هوندو هو. حالانڪ پويان سال هن جي طبعيت ناساز رهي پر سندس پٽ سنيل 10 ئي سال  اها جوابداري بخوبي نڀائيندي پتا صاحب کي ڪاليج ۾ ننڍي ٻار وانگر هٿ کان پيار سان وٺي ايندو هو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو جيستائين ليڪچر پورو ٿئي تيستائين ويهندو هو.  تنهن لاء مان سندس آدرش پت سنيل ۽ آدرش نونهن .... جي نهايت شڪرگذار آهيان.جن پتا جي ڀرپور شيوا ڪندي کوڙ کوڙ ساريون آسيسون ڪمايون. 
افسوس سنڌ هند جو اهڙو انمول موتي ,هندستان جي سنڌي ساهت کيتر جي لوڪ ساهت جو ابو  15آڪٽوبر 2017 سنڌ هند جي ساهتڪارن جي دلين تي ۽ لوڪ ساهت کيتر ۾ هڪ وڏو خال ڇڏي ويو. جيڪو ڪڏهن ب ڀرجڻ جو ن آهي.
تمام ڏک سان چوڻو پوي ٿو  ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي جو ايترو قدر ن ٿيو جيترو ٺهڻ گهربو هو ن ت هندستان جي هي پهرين شخصيت آهي جنهن لوڪ ساهت جي اهميت ۽ مهما سمجهندي ورهاڱي کانپوء لوڪ ساهتيه جي چونڪٺ تي اول قدم رکندي ٻين, نوان رستا تلاشيندي ٻين ڪيترن ئي ساهتڪارن جو مارگ درشن ڪيو.اهڙي شخصيت کي اسانجا کوڙ کوڙ سلام
*ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي کي مليل مان ۽ سنمان 
*شرت شٽابديء جي موقعي تي اکل بينگال ساهتيه سڀا طرفان ٽرافي ۽ سنمان پتر
*دهلي سنڌي ساهتيه اڪاڊمي انعام  
*بيسٽ سنڌي سڀا انعام
*ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء کي مليل عهدا
*  ايڪڊيمڪ ڪائونسل جو ميمبر
* يونيورسٽي سينيٽ جو ميمبر
* بورڊ آف اسٽڊيز فار سنڌيء جو چئرمن
* اسپيشل ايگزيڪٽو مئجسٽريٽ
* پريزيڊنٽ روٽري ڪلب الهاسنگر
* مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي اڪاڊمي جو ميمبر ٽي ترم سانده
* پونا ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيء جو ميمبر
***ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي ساهتڪ پونجي.
* هوجمالو - 1960 - ڪهاڻين ۾ لوڪ گيت 
* لوڪ گيت- 1960  - هڪ نظريه
* سنڌي لوڪ ڪهاڻيون - 1960- نو لوڪ ڪهاڻيون
* سنڌي لوڪ ڪلا- 1960- ليک 
* سنڌڙي ٿي ڳائي - 1961 - ڇنڊ ڇاڻ
* مينديء رتا هٿڙا - 1962 - ڏهن ڪهاڻين ۾ لوڪ گيت
* سنگيت جي نان 1962 - ڪهاڻيون 17 ۾ لوڪ گيت
* ٿري لوڪ گيت - 1971 لوڪ گيت
* زندگيء جو باب - 1974ڪهاڻيون
* سنڌي ۽ سنڌي ٻولي - تواريخي مضمون 1974
* نظر ۽ نظريو - 1975- ادبي ليک
* هڪڙو هو سوداگر - 1975 - لوڪ ڪهاڻيون 
* سنڌي لوڪ ساهتيه - 1988 ڇنڊ ڇاڻ
* سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمظر - 1991
* سنڌي لوڪ گيت - 1992 ڪهاڻين 27 ۾ لوڪ گيت
* سرءُ جا پن - 1995
* سيمينار- 2001 -  ليک
* چيڪي مٽي گهڙيل - ادبي اڀياس1997سال
* سويه ساچي سوڀو - 1999
* سيمينار ادبي ليکڪن جو مجموعو - 2001
* هنج مڙيوئي هنج - 2002
***ٻين ٻولين تان ترجما
* شرت جون ڪهاڻيون -  3 ڪهاڻيون
* پراويڊنٽ فنڊ ناول منشي پريمچند 
*ڪويتا ناول شرت چندر 1955
آخرين ڪويتا ناول ٽئگور 1956
*******

Good Wishes