سنت ساهت جو سرمور
ڊاڪٽر ديال آشا
✍
ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
مضمون نگار ,شاعر , سنت ساهت جو ابو ,سماج سڌارڪ,هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سنسٿا , سوامي شانتي پرڪاش آشرم ۾ جنتا جناردن پريشد جو فائونڊر سيڪريٽري, سندر شيوڪ سڀا جي زير سايح هلندڙ سوامي سروانند هاسپيٽل جو سيڪريٽري, ڊاڪٽر ديال آشا جو جنم 16 ڊسمبر 1936 ۾ سنڌ جي خيرپور خاص ۾ شري ڪوٽومل ڌاميجا جي گهر ۾ ٿيو سندس ماتا پتا ۽ سندس ڏاڏو ٽهلرام ڌارمڪ خيالن جا هئا سندس ڏاڏو ٽهلرام سنڌ جو مشهور ڀڳت هو. سندس چاچي چاچيء کي ڪوبه سنتان ڪونه هو, جنهن ديال آشا ئي سندن اکين جو تارو هو.وڏن جو ڌارمڪ اثر ظاهر آهي ٻار تي به پوندو.
ديال آشا کي ننڍپڻ کان ئي ايشور ڏانهن لاڙو هو. ٻال اوسٿا ۾ ئي مندرن ٽڪاڻن ۾ ويندو هو. خيرپور ۾ ڪشوداس ۽ سوامي چڻرداس جي درٻار هئي جتي هي نت نيم سان اُتي ويندو هو. جنهن ڪري ڳائڻ جو شونق هن کي ننڍپڻ کان ئي ٿيو. درٻار ۾ ڪجه گرمکي پڻ سيکائين ته جپ صاحب به ياد ڪيائين.
جڏهن ديال آشا اڃا پهريون انگيزيء ۾ خيرپور جي نازا اسڪول ۾ پڙهندو هو تڏهن آزاديء جي آندولن زور شور سان هلي رهي هئي ۽ جڏهن ڀارت آزاد ٿيو ته راڄنيتي آڌار تي ورهاڱو ٿيو. سنڌين پنهنجو وطن قربان ڪندي هندستان طرف رخ رکيو جنهن ۾ ديال آشا جو ڪٽنب کي پڻ ٻين سنڌين جيان ڀارت جي الهاسنگر ۾ اچي رهيا.
الهاسنگر جي سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽيء پاران هلندڙ بي جي تلڪ هاء اسڪول ۾ ديال آشا جي داخلا ٿي جتي هي 5 درجي کان 9 تائين پڙهيو.اسڪول ۾ راندين ۽ تقرير چٽاڀيٽيون ۾ هي اهم ڀاڳ وٺندو هو. اُن وقت بي جي تلڪ اسڪول جو پرنسپال منگهارام منشاراماڻي هو. جنهن ديال آشا جي محنت ۽ لگن ڏسندي ,مٿس خوش ٿيندي , کيس وڌيڪ اُتساهت ڪندو هو ٻال اوسٿا کان ئي کيس انعام ملندا رهيا جنهن ڪري هن جو اُتساهه وڏو وڌندو.جڏهن ت ڏهون درجو نيتاجي هاء اسڪول ۾ پڙهيو.ڏهون درجو پڙهيندي هن ڊپلوما ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ڪيو. يعنا وديارٿي جيون ۾ ئي هي ٽرينڊ ٿي ويو. وڏي ڳاله ته ديال آشا ڏهين درجي ۾ سنڌي ڪتاب جو سونهون ( گائيڊ) لکايائين جنهن جا ڪجه صفحا پرنسپال کي ڏيکاريائين اُن وقت نيتاجي اسڪول جو پرنسپال پي ايس لالواڻي هو. تنهن ديال آشا کي چيو اها گائيڊ اسڪول طرفان ڇپائيندس ۽ پوء وڪري جي رقم تو اسڪول کي ڏج ۽ گائيڊ تي ليکڪ جو نالو لک هڪ آزمودگار پروفيسر ينعا لالواڻي صاحب ائين ديال آشا لاء پروفيسر جي اڻ ڄانائيء ۾ ئي سهين اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
1955 ۾ ديال آشا مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء نئشنل ڪاليج باندرا ۾ ڪاليجي تعليم لاء داخلا ورتي 1963 م بي اي پاس ڪئي جڏهن ت 1966 ۾ ايم پاس ڪئي
اسڪول ۾ پرنسپال مينگهراج منشاراماڻي پرسرام لالواڻي جڏهن ت ڪاليج پرنسپال اجواڻي سيتلداس کيماڻي بئرسٽر هوتچند آڏواڻي پرنسپال ڪندناڻي پروفيسر موهن لال نارواڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيء ۽ ٻين ڪيترن عالمن وقت ب وقت هن جي همٿ افزائي ڪندا رهيا.
آنءُ خوشنصيب آهيان مونکي ٻڌائيندي اهو فخر ٿو ٿئي ته پروفيسر موهنلال نارواڻي منهنجو وڏو چاچو هو. جيڪو اُن وقت ڪي سي جي ڊگري ڪاليج ۾ ايڪانامڪس پڙهائيندو هو. جڏهن ت ورهاڱي کان پوء هي پهريون سنڌي هو جنهن IAS جو امتعان پاس ڪري دهلي پارليامينٽ ۾ ڊپويٽي آئڊوائيز جي عهدي تي برجمان ٿيو ۽ ڪجه وقت دهلي سنڌي اڪاڊميء جو سيڪريٽريء جو پد پڻ سنڀالائين. سداحيات موهنلال نارواڻي جي قدر شناسي ڪندي دهليء جي هڪ روڊ جو نالو موهنلال نارواڻي رکيل آهي جتي دادا جو وڏو پٽلو پڻ ٺهرايو ويو آهي.
1965 کان محقق ديال آشا چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ جو پرمک ٿي رهيو.۽ پنهنجي محنت ۽ قابليت سان پهرين وائيس پرنسپال پوء پرنسپال جو عهدو بخوبي نبائيندي 1997 ۾ رٽائر ٿيو.
سنڌين ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن کي ڊي لٽ جي ڊگري عطا ٿيل آهي پرنسپال جي پد تان رٽائر ٿيڻ بعد ب لڳاتار سنڌيت جي شيوا ڪندو رهيو.
ديال آشا جي شخصيت گوناگون آهي.جنهن جي هر پهلو سادگي سچائي سيوا ڀاو سان ڀريل آهي. سڀاو ۾ نوڙت اٿس بنا ڪنهن ڀيد ڀاو سڀني کي عزت ڏيندو. ٻاهرين اڊمبر کان ته ڪوهه ميل پري اهي.ديال آشا هڪ شخص نه پر انيڪ شخص آهي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سنسٿا آهي.هي نه ڌارمڪ پر ساهتڪ مشغولين ۾ پڻ اڳرو آهي. کيس ڪي پرنسپال شاعر ساهتڪار جي روپ ۾ سڃاڻس ت ڪي سماج سڌارڪ ۾ سڃاڻس.
ديال آشا جهڙو سڀاءُ ۾ سرل تهڙو ئي سندس رچنائون ۾ ٻولي سرل سليس ۽ رواني واري اٿس پيچييدن خيالن جو اظهار ب سرلتا سان ڪندو آهي. ڏکيو ۽ پهچ کان پري نه هي آهي نه ئي وري سندس رچنائون آهن. ديال آشا جي تخليخي رچنائن ۾ مال ۽ رومال ٻئي عمدا اٿس هن سنتن تي وڏا وڏا گرنٿ لکندي تمام گهڻي جاکوڙ سان ساهتڪ شيوائون ڏنيون آهن
ڊاڪٽر ديال آشا هندستان جي سنڌيء ساهت جو پهريون ودوان آهي. جنهن وڌ ۾ وڌ سنت ساهت تي قلم آزمائي ڪئي آهي. هن سنتن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ديال آشا 1976 ۾ هنديءَ ۾ پي ايڇ. ڊي. ڪئي . سندس ٿيسز جو عنوان آهي "سنڌي ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان"جيڪو ڪتابي صورت ۾ 1977 ۾ شايع ٿيل آهي.
ڊاڪٽر ديال آشا جي ٿيسز جي ورهاست 55 بابن ۾ ڪئي آهي
جنهن جا پهريون باب سنڌي ساهتڪ , سنڌيون ڪي هندي گديه ۾ دين, سنڌي ڪويئون ڪي هندي ۾ ڪاويه سرجنا ۽ ويهين صديء ۾ سنڌي ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان باقي 54 بابن ۾ هرهڪ ڪويء جي جيون تي روشني وڌيل آهي. سوامي گنگارام کان وٺي شري لکومل گنواڻي تائين جملي 54 سنت ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان سان سندن ڪوتائن جي اوک ڊوک ڪندي سنت ڪوين تي سنت ساهت جي خوبين جو شدت سان ذڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ اڌياتمڪ ويچار ب شامل آهن جڏهن ت ڪوين جي گيتن دوهن ڀڄنن ۽ سندن شاعريء جي ٻين صنفن جو ذڪر ڪيل آهي. انڪارن,
ڇند وديا, تشبيهن جي ب ڪافي سٺي اوک ڊوک ڪندي سنت ڪوين جي نرگڻ سگڻ ڀڳتي پرمپرا سان گڏ صوفي شاعريء کي پڻ جدا ڪري بيهاريو آهي ڊاڪٽر ديال آشا جي سنڌي هندي جي سنت ساهت ادب جي لاثاني دين آهي.
هن قسم جي ٿيسز ديش جي ڀاوناتمڪ ايڪتا ۽ گڏيل سنسڪرتيء جي پرمپرا جو هڪ بهترين ۽ لاثاني گرنٿ آهي.
جنهن سنڌ هند جي ادب کي هي کوجناتمڪ گرنٿ ڏيندي سنڌي ذاتيء سان وڏا ور ڪيا اهن.
مالڪ ڪندو ڊاڪٽر ديال آشا صحتمند جيون ۽ وڏي اورجا مانڻيندو.
ڊاڪٽر ديال آشا جي انعامن مان سنمان جو تعداد تمام وشال آهي جنهن ڪري فقط انگ اکر ڏجن ٿا
ڊاڪٽر ديال آشا سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح کيس اڄ ڏينهن تائين جملي 75 انعام عطا ٿيل آهن
*"ڊاڪٽر ديال آشا جي ساهتڪ پونجي"
* "ڪوتا جا مجموعا"
* پشپ پنکڙيون
*نئين روشني
*ڳاء ڪوي تون ڳاء
*تخيل
*اجل جي اُڃ
*سڪ جا سڏرا
*گيت ورهي دل
*" سنت ساهت جا مجموعا"
* سنڌ جا سنت
* ڀارت جا ڀڳت
* سوامي شانتي پرڪاش جو جيون چريتر
* دادا جشن واسواڻيء جو جيون چريتر
*لال بهادر شاستريء جو جيوني
* " ٻال ساهت جا مجموعا"
*مهڪندڙ مکڙيون
*ٻارو اچو ت ڳايون
*ٻال ڪهاڻيون
*شل اهڙا لال ڄمن
*هنديء ۾
*سنڌي ڪويئون ڪي هندي ساڌنا
*بيسوي صدي ڪي سنڌي ڪويئون ڪا هندي ۾ يوگدان
*ساهت سرڀي
*يگ پرش سوامي شانتي پرڪاش مهراج
*وشو ڪي مهمان وڀوتي جشن وسواڻي
*اُپهار
****