رڪ سنڌي جو تعارف
رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو اصلي نالو غلام اصغر منگي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.
رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.
ڪتابن جي فهرست:
- سنڌو سڀيتا جي اوسر (تحقيق)
- سنڌو سڀيتا جي محقق (تحقيق)
- سنڌو سڀيتا، آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو (تحقيق)
- قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (سياسي صورتحال)
- ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سـانحــو (تاريخ ۽ سياسي صورتحال)
- سنڌي قوم جو مـقـدمــو (تاريخ، سياسي صورتحال)
- سنڌ جي سياسي صورتـحــال (تاريخ، سياسي صورتحال)
- سنڌ آزاديءَ ۽ انقلاب (تاريخ، سياسي صورتحال)
- تاريخ جي لاٽ (ادب)
- قاضي فيض محمد (سوانح)
- ســنڌ جي قـومـي تـحـريـڪ ۾ سـنڌين جو اتحاد (مقالا ۽ مضمون)
- اڄ جي سنڌ (مقالا ۽ مضمون)
- منهنجون يادگيريون (سوانح)
- ڏتڙيل ديس جي ڪهاڻي (مقالا ۽ مضمون)
- سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو (مقالا ۽ مضمون)
- پاڪستان طوفان جي گهيري ۾ (بينظير ڀٽو جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)
- سنڌي ٻولي رت رتولي (ترتيب)
- باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي (ترتيب)