ٻارن لاءِ ۽ يارن لاءِ

ڪهاڻيون ٻارن لاءِ ۽ يارن لاءِ

فهرست

ٻارن لاءِ

  1. ماضيءَ جي مزار
  2. دردن جو دارون
  3. ڇيلڙي وارو شهزادو
  4. ڇانو بنا وڻ

يارن لاءِ

  1. ايڪ ڏون چار
  2. لڙڪن وارون اکيون
  3. چم پرين

ماضيءَ جي مزار

پيارا ٻارو ! ڌرتيءَ جو گولو ته هڪڙو آهي ، پر ان تي ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون . جيڪي پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي آڌار تي پنهنجا خاص ملڪ وسائن ٿيون . هر هڪ قوم کي پنهنجون ريتون ۽ رسمون ، ۽ پنهنجا عقيدا ۽ حوصلا ٿين ٿا . انسان ته مڙئي هڪجهڙا ٿين ٿا ، پر رسمون ۽ رواج ، عقيدا ۽ اصول ، تهذيب ۽ تمدن انهن کي الڳ الڳ قوم بڻائن ٿا .

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ملڪ ۾ اهڙي قوم رهندي هئي ، جنهن کي پنهنجي حڪومت هلائڻ جو هڪ عجيب و غريب ڍنگ هوندو هو . قوم جو ڪو به خاندان حڪومت ڪو نه هلائيندو هو . ليڪن قوم مان هڪ ڀلي ۽ ذهين ماڻهوءَ کي ملڪ جي واڳ سونپي ويندي هئي . جيڪو حڪومت يا ملڪ کي پنهنجي جاگير يا ورثو نه سمجهندو هو . پر ڌرتيءَ واسين جي خدمت ڪندو هو . جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته هو ملڪ جو انتظام ماڻهن جي خواهش مطابق نه ٿو هلائي سگهي ، يا سندس ڄمار وڏي ٿي وئي آهي ته پوءِ هو نئين حڪمران تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو .

چون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي حڪمران کي اچي خيال ٿيو ته هاڻي حڪومت جي گدي نئين نسل جي حوالي ڪجي ، ته جيئن اهو نئين تقاضائن مطابق قومي ڪاروبار هلائي سگهي . سو هن پنهنجي وزيرن اميرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون ته جلد از جلد هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن نئين حڪمران جي چونڊ ٿي سگهي.

حاڪم جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي ، هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو ويو . جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچي حاضر ٿيا . رسم ۽ رواج مطابق حڪمران کي پهرين ڏينهن عوام جي اڳيان هڪ سوال پيش ڪرڻو پوندو هو ، ۽ ان کان پوءِ ماڻهن کي موقعو ڏنو ويندو هو ته هو هڪ هڪ سوال تي پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏين ۽ جو خوشنصيب انهيءَ سوال جو پورو پورو جواب ڏيندو هو ،ان کي حڪومت جي واڳ سونپي ويندي هئي.  انهيءَ رسم مطابق وقت جي حڪمران هن ريت پنهنجو سوال پيش ڪيو :

پيارا وطن واسيو ! هي انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي ، جڏهن آءٌ ننڍو هوس . عيد جو ڏينهن هو ، رواج مطابق بابو سائين پنهنجي وڏن جي قبرن تي قل پڙهڻ لاءِ قبرستان وڃي رهيو هو . مون به ساڻس گڏجي وڃڻ لاءِ ضد ڪيو . گهر جي سمورن ڀاتين ڪوشش ڪئي ته جيئن آءٌ قبرستان نه وڃان . ڇو ته آءٌ ننڍو هئس . ۽ سندن خيال مطابق مقام ڏانهن وڃڻ ڪري ، مون تي جنن ڀوتن جو پاڇو پئجي ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري ڪنهن خرچي ٿي ڏني ته ڪنهن نون ڪپڙن وٺي ڏيڻ جا دلاسا پئي ڏنا . ڪنهن ٿي چيو ته هلي ٿا ملاکڙو ڏسون . هنن ڪيتريون ئي لٺيون چٺيون ڏيکاريون پر ورين ڪي ڪو نه . ڇو ته جا ڪوريءَ جي من ۾ اُڻي به اها ، سو آءٌ به اڙي هڻي بيهي رهيس . انهيءَ ڪري لاچار ٿي سڀني چيو ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾ ته ڪل پويس . مون گد گد ٿيندي پنهنجي چولي سان اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهي کڻي بابي جي چيچ پڪڙي . پوءِ ٿياسين روانا قبرستان ڏي .

آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مقام  ڏانهن وڃي رهيو هئس . مون کي ڪا به خبر نه هئي ته مقام ڇا ٿيندو آهي ؟ اسان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو مقام ڏانهن وڃي رهيا هئا . انهن مان ڪيترن کي هٿن ۾ گلن جا هار هئا . مون ائين سمجهيو هو ته اهي جڏهن مري ويل مائٽن سان ملندا ته سندن ڳچيءَ ۾ هار پارائيندا، ڇو ته هن کان اڳ حج کان موٽي آيل حاجين جي ڳچيءَ ۾ هار پوندا ڏٺا هيم، ۽ مري ويلن لاءِ اهو خيال هو ته جيڪي ماڻهو مري ويندا آهن ، تن کي ڌڻي تعاليٰ پاڻ ڏانهن گهرائي وٺندو آهي ، ۽ اهي عيدن براتن تي ڌڻي تعاليٰ کان موڪل وٺي مقام ۾ اچي پنهنجي مائٽن سان ملندا آهن .

بابي جي هٿن ۾ گل نه هئا . هونءَ به احساس هيم ته منهنجي اچڻ تي پاڻ خوش نه هئا ، ان ڪري مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ ڄاڻي ساڻن هلڻ لڳس ۽ کانئس انهيءَ پڇڻ جو خيال لاهي ڇڏيم ته اسان گلن جا هار ڇو نه کنيا آهن .

            اسان مختلف قبرن تان ٿيندا اچي هڪ قبر جي مٿان بيٺاسين . بابي انهيءَ قبر جي سيرانديءَ کان بيهي ڪجهه پڙهيو. آءٌ انهيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويس ته هن قبر مان اول ڪير نڪرندو ، ۽ کيس سڃاڻي به سگهندس يا نه ؟ آءٌ اڃا انهيءَ انتظار ۾  هئس ته بابي دعا گهري ۽ مون کي پنهنجي پويان هلڻ جو اشارو ڪيو . بابي جو غصو اڃا منهنجي ذهن تي چٽِل هو . ان ڪري مون کانئس مري ويل جي نه موٽي اچڻ بابت ڪجهه به نه پڇيو . اسان ٻي قبر جي مٿان وڃي بيٺا سين ته بابي پاڻ ٻڌايو ته اها منهنجي ڏاڏي جي قبر هئي ۽ پهرين تربت مامي جي هئي . هن قبر تي به مون انتظار ڪيو، ليڪن اتان به ڏاڏو ڪو نه اٿيو . پوءِ  ٻين ماڻهن کي به ڏٺم ته اهي به اسان وانگر رڳو دعا گهرندا پيا وڃن . هن هيڏي ساري قبرستان مان ڪو به ڪونه پيو اٿي . تڏهن ياد پيم ته هڪ دفعي امڙ ٻڌايوهو ته مري ويلن جا روح اسان کي ڏسي سگهندا آهن ، ليڪن اسان کين ڪو نه ڏسي سگهندا آهيون . پوءِ ڪنهن به قبر ڦاٽڻ يا مڙدن جي ٻاهر نڪر ڻ جو خيال لاهي  ڇڏيم . ٻن ٽن قبرن تي فاتح پڙهڻ کان پوءِ اسان هڪ مقبري ۾ داخل ٿيا سين. مقبرو نهايت شاندار ٺهيل هو . ياد ٿو پوي ته ان ۾ گلن چٽيل نيريون سرون لڳل هيون ۽ ڀتين تي ڪجهه لکيل هو . ٻين قبرن جي ڀيٽ ۾ بابو اتي وڏي ادب ۽ احترام سان گوڏا ڀڃي ويهي رهيو ، ۽ آءٌ وري شاندار مزار کي ڏسڻ لڳس . مزار تي رنگ برنگي ڪپڙا پيل هئا ، انهيءَ جي چوڌاري ڪاٺيءَ جو ڪٽهڙو ٺهيل هو . انهيءَ مزار تي دعا گهرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به ٻيءَ قبر تي نه ويا سون ۽ پوءِ قبرستان ڇڏي گهر ڏي موٽياسين .

           ڏاڏي سائينءَ جي قبر جيان بابي ٻين قبرن بابت ته ٻڌايو هو ، ليڪن هن مزار متعلق ڪا ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين . ان ڪري مون پاڻ کانئس انهيءَ شاندار قبر بابت پڇيو . جنهن تي بابي سائين ٻڌائڻ شروع ڪيو ته : ” پُٽ ! مون کي خبر نه آهي ته هيءَ قبر ڪنهن جي آهي ، ليڪن وڏن کان ٻڌندا پيا اچئون ته اها هڪ پهتل ٻانهي جي قبر آهي . انهيءَ پهتل ٻانهي لاءِ اسان ڪيتريون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچئون . هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اهو فقير هڪ مالدار ماڻهو هو . وٽس ان ۽ ڌن جي ڪا به ڪمي ڪانه هئي . هڪ دفعي ڇا ٿيو ته ٻئي ڳوٺ وارن سان سندس جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ هن جو لکن جهڙو پُٽ مارجي ويو . سندس سون ورني پُٽ جي مارجي وڃڻ جو ٻڌي سڄي ڳوٺ خون جي پلاند وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو . کين خبر پئي ته دشمنن جي ڳوٺ جي هڪ ڄڃ انهيءَ رات سندن ڳوٺ کان گذري رهي آهي . ان ڪري سڀني فيصلو ڪيو ته ڄڃ تي راتاهو هنيو وڃي . سڀئي متفق ٿيا. ۽ هر هڪ وڃي پنهنجيون ڪاتيون ڪهاڙيون تکيون ڪرڻ لڳو . هن فقير جي دل م اچي خيال ويٺو ته اجائي ڏاڍي خون ريزي ٿيندي . ان ڪري ڇا ڪيائين جو سج لهڻ سان گڏ دشمنن جي ڳوٺ هليو ويو ته جيئن ڄاڃين کي ڳوٺ جي منصوبي کان واقف ڪري :۽ کين رستي مٽ ڪرڻ جي صلاح ڏئي . چون ٿا ته هي جڏهن ڄاڃين وٽ پهتو ته ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ کيس ماري وڌائون . ”پُٽ ! دشمنن سان چڱائي ڪرڻ يعني پنهنجي ڳچيءَ تي ڪهاڙو هڻڻ سو هن فقير سان به ائين ٿي پيو . چون ٿا ته ڳوٺ وارن کي جو اها خبر پئي ته انهيءَ وقت ئي کڻي چڙهائي ڪياوئون ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي دسي وڌائون .“

            آءٌ وڏي دلچسپيءَ سان بابي سائينءَ جي اها ڳالهه ٻڌندو رهيس ۽ بابي وري ٻي ڳالهه شروع ڪئي :”ماڻهو هن شهيد لاءِ ٻي ڳالهه ٻڌائيندا آهن . گهڻن جو چوڻ آهي ته اهو ماڻهو عزت ۽ شهرت جو مالڪ هو . مهمان نواز به وري پنهنجي مٽ پاڻ هو . رحم دل به ڏاڍو هو . چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن ملڪ ۾ اچي راڄ – ڊوهه ٿيو . ان ڪري ، ماڻهن ۾ اچي ڏڦيڙ پيو . ماڻهو اهڙا ته اچي مٽيا ، جو هڪ ٻئي جا ويري ٿي پيا . ڀلا لوڙهو جو چور ٿئي ته گهر کي ڪير بچائي ؟ سو اهي ماڻهو به سڀ ليڪا لنگهي ويا . هڪ ٻئي جي گهرن کي ساڙيائون ۽ بيگناهه شهرن اچي لابارو وڌائون . چوندا آهن ته  نه ظلم  نه ظلم ڪندڙ قائم ، سو جن جنگ جوٽي هئي ، تن کي اها ڳچي ۾ پئجي وئي . پوءِ اهي ڊوهي ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لڳا . انهن ڀاڄوڪڙن جو هڪ قافلو اچي اسان جي ڳوٺ ٻاهرن ويٺو . انهيءَ وقت سندن حالتن ڏسڻ وٽان هئي . انگين اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا ته سڀئي هئا . هنن نه رڳو عزت وڃائي هئي ، پر ڌن ۽ دولت تان به هٿ ڌوئي ويٺا هئا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي آيا هئا . سندن اهڙي حال کي ڏسي شهيد فقير کي رحم آيو ، هن نه رڳو ديڳيون چاڙهي سندن ماني جهلي ، پر مٿي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي ٻنين ۾ مَنهَن به ٺهرائي ڏنا . چوندا آهن ته آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچاڻي ، سو هنن به ائين ڪيو . کڻي فقير جي ٻنين تي قبضو ڪيائون . هيريءَ جي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي . سو انهن ڊوهي ڀاڄوڪڙن هتي به پير پختا ڪرڻ کان پوءِ رنگ ڏيکاريا .ائين جهيڙي جي شروعات ٿي جنهن ۾ فقير مارجي ويو .“

            ”آءٌ ڪن ڏئي بابي جي ڳالهه ٻڌندو رهيس تان جو گهر پهتاسين . انهيءَ ڏينهن کان پوءِ آءٌ انهيءَ قبر بابت ماڻهن کان پڇندو رهيس ، ڪنهن چيو هو ته ڀائر پاڻ ۾ وڙهيا هئا ۽ اهو فقير ڀائرن هٿان مارجي ويو هو ۽ ڪنهن ٻڌايو ته انهيءَ فقير کي ننڊ ۾ ئي موت اچي ويو هو . آءٌ اڄ ڏينهن تائين انهيءَ مزار کي نه ته وساري سگهيو آهيان ، ۽ نه وري ان جو راز معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان . اوهان مان به انهيءَ راز کي سليو ۽ کولي ٻڌايو ته پنهنجي گادي تنهنجي حوالي ڪندس ۽ اهو ئي اسان جو نئون حڪمران ٿيندو“ .

            حڪمران پنهنجي حڪايت ٻڌائي پوري ڪئي ، ۽ ان کان پوءِ ميڙ مان هڪ هڪ ماڻهو اٿندو ، پنهنجي لياقت ، ذهانت ۽ صلاحيت مطابق منجهيل سٽ کي کولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو . ائين لڳاتار ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون درٻار لڳي رهي ماڻهن جي مهمانيءَ ۽ رهائش جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو . هڪڙيون ديڳيون لهن پيون ته ٻيون چڙهن پيون . هيڏي ساري ميدان ۾ تنبن جون ڪيتريون ئي قطارون لڳل هيون، ائين پيو لڳي ڄڻ ڪو نئون شهر اڏيو ويو آهي . مطلب ته سڀني جي سک جو خيال رکيو ويو هو . ڪنهن کي به ڪو ڏک ڪو نه هو . اگر ڪو ئي دکي هو ته حڪمران ڇو ته ٽن ڏينهن ٽن راتين گذرڻ کان پوءِ به کيس سوال جو جوڳو جواب نه ڏنو ويوهو . انهيءَ ڪري هو ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ اوندهي منجي ڪري اتي ئي ويهي رهيو . اميرن ۽ وزيرن وڏا وس هلايا ته من حاڪم جو من ٻيءَ پوي ، ليڪن تريءَ تيل لڳو ئي ڪو نه . هيڏي حشمت وارو حاڪم ويرم ۾ مايوس ۽ ملول ٿي ويو . اکين مان آب جاري ٿي ويس . بيقراري ۽ بيچيني بي پاڙي وڻ جيان وڪوڙي ويس . ٻارڙن وانگي روئيندي وڏي وزير کي چيائين :”افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ عقلمند انسانن جو ڏڪر پئجي ويو آهي . مون ته سرحدن جا پهرا هٽائي انسانن جي ذهنن تي هڻائي ڪو نه ڇڏيا هيم . ويتر انسانن جي ذهنن تان پهرا کڻائي وطن جي سرحدن تي هڻائي ڇڏيا هئم . مون ماڻهن جي زبان ، دل ۽ دماغ تي تالا ڪو نه هنيا هئا نه ڪوئي کائڻ ، سوچڻ ، لوچڻ ۽ چوڻ جي سگهه کسي هيم ، پوءِ ڇو منهنجي ملڪ جا ماڻهو چپ ٿي ويا آهن ، مون کي پنهنجي سوال جو جواب ڇو نه ٿو ملي ؟ “ امير۽ وزيرحيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ لڄ وچان سندن ڪنڌ جهڪي ويا ڄڻ ڪنهن سندن زبان تي مهر هڻي ڇڏي هجي . ائين گهڙي پلڪ ۾ درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي . جتي ٽي ڏينهن اڳ خوشيون ۽ شادمانيون هيون اتي هاڻي مايوسي هئي . ائين ٿي لڳو ڄڻ بهار ڏسندي ڏسندي خزان ۾ تبديل ٿي چڪو هجي . آخر ڪار حاڪم پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته آءٌ انهيءَ وقت تائين اوندهي منجي نه ڇڏيندس جيستائين منهنجي من جي مراد پوري نه ٿيندي . وزيرن، اميرن  مٿا ملائي ويهي فيصلوڪيو ته ملڪ جي چئني طرف ماڻهو ڊوڙايا وڃن، جيڪي حاڪم جو هي سوال وڃي عوام اڳيان پيش ڪن . بس فيصلي ۽ حڪم جي ويرم هئي . هر هڪ وستي ۽ واهڻ ، ڳوٺ ۽ شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا ويا . حاڪم ۽ ان جا وزير ۽ امير انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ ويهي رهيا .

            سج لڙي ويو ، شام ٿي وئي ، ڏيئا ٻري ويا . ليڪن اميدن جو چراغ ڪنهن به ٻرندي نه ڏٺو . انهيءَ حالت ۾ سڄي درٻار ويٺي هئي ته اوچتو ڀير تي ڏونڪو لڳو ، حاڪم جي اکين ۾ جوت اچي وئي ، هو خوشيءَ وچان ٻهڪي پيو . درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي ، اجڙيل آستان ۾ وري زندگيءَ جي لهر ڊوڙي آئي .

            حاڪم حڪم ڪيو ته ڀير تي ڏوڪو هڻندڙ کي هڪدم ادب ۽ احترام سان آندو وڃي ، اميرن ۽ وزيرن جو ن صفون سڌيون ٿي ويون جو جتي هيو اتي ئي ادب ۽ احترام سان اٿي بيهي رهيو . ماڻهن جي هجوم مان هڪ شخص نهايت حليمائي ، صبر ۽ تحمل سان اڳتي وڌندو رهيو . سندس لباس مان ائين پئي لڳو ته هو ڪو غريب ماڻهو هيو . پيرن ۾ ڦاٽل جتي ۽ مٿي تي پراڻي ٽوپي . اکيون ويڪريون ۽ جسم ۾ جانٺو جوان . مطلب ته سونهن ۽ سادگيءَ جو مجسمو پئي لڳو . حاڪم تخت ڇڏي هيٺ لهي وڌي اچي آڌر ڀاءُ ڪيس . حاڪم کلي کيس ڀاڪر پاتو . ائين پئي لڳو ڄڻ ڪي وڇڙيا ڀائر مليا هجن . حاڪم ته اهڙو گد گد پئي ٿيو ، ڄڻ کيس نئون جنم مليو هجي .

            حاڪم وڃي تخت تي ويٺو ۽ غريب شخص مٿيري جاءِ تي بيهي حاڪم جي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو . حاڪم بيچين ٿيندي غريب شخص کي چيو ته :”اي عقلمند انسان ! ٻڌاءِ ته تون اسان جي درد کي ڄاڻين ٿو ؟ جو سوال مون پوريءَ قوم جي اڳيان پيش ڪيو آهي ، ڇا تون ان جو جواب ڏئي سگهندين ؟“

            انهيءَ تي غريب شخص وراڻيو ته :”اي خير خواهه ۽ قوم جا هڏ ڏوکي حاڪم ! تنهنجو ملڪ ڏاهن جو ڏيهه آهي . آءٌ ته انهن جي جتيءَ ۾ پير پائي نه ٿو سگهان . مون اوهان جو وڏو ڏوهه ڪيو آهي جو وقت سر اچي اوهان جي اڳيان حاضر نه ٿيس . ليڪن آءٌ  به ڇا ڪريان . مون ته اهو سوچي دير ڪيم ته ڀل مون کان ڪوئي وڌيڪ عقلمند ۽ اڪابر اچي اوهان جي سوال جو جواب ڏئي ۽ ملڪ جي واڳ سنڀالي . ليڪن اهو ڪڻو منهنجي ئي نالي نڪرڻو هو ، ان ڪري اڄ اچي حاضر ٿيو آهيان .

            منهنجا سائين ! اوهان نهايت عقلمندي ۽ دانشمنديءَ سان هڪ قبر جي تمثيل ۾ قومن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا ڪارڻ ٻڌايا آهن . انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان ڏينهن رات هڪ ڪري ، رت ولوڙي ، ڇڙ وڇڙ قوم ۾ ايڪو ۽ الفت پيدا ڪئي ۽ ان کي قوم بڻايو اوهان جوخيال آهي ته اوهان کان پوءِ هن ملڪ جو ڪو اهڙو حاڪم مقرر ٿي جيڪو قوم جي ٻڌيءَ کي قائم رکي سگهي ، ۽ نئين حاڪم کي قومن جي تباهه ٿيڻ جي سببن جي ڀلي ڀت خبر هجي .

اوهان پنهنجي فلسفي کي هڪ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ، اوهان جو پيش ڪيل شهيد درويش هڪ قوم جو مثال رکي ٿو . اوهان انهيءَ جي مرڻ جا چار سبب ٻڌايا آهن ، جيڪي قومن جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ آهن . اوهان جڏهن چئو پيا ته انهيءَ درويش کي ٻئي ڳوٺ وارن ماريو هو . ان جو مطلب هي آهي ته قوم جو خاتمو ڌارين جي حملي سان به ٿي سگهي ٿو . اوهان جڏهن ٻڌايوپياته درويش ڊوهي ۽ ڀاڄوڪڙ  ڌارين کي پناهه ڏني ، جن سندن خاتمو آندو ، تنهن جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم جڏهن ڌارين ڊوهي ڀاڄوڪرن کي پناهه ڏيندي ته اها نيڪي نانگن پالڻ برابر ٿيندي ۽ اهي ڌاريا اڳتي هلي راڄ ڊوهه ڪري قوم کي تباهه ڪندا . اوهان جڏهن چئو پيا ته درويش کي ننڊ ۾ موت اچي ويو هو ته ان جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم غفلت سبب به تباهه ٿي سگهي ٿي . اوهان جو ٻڌايو هو ته درويش کي پنهنجي ڀائرن ماريو هو ، ان جو مطلب هي آهي ته قوم پاڻ ۾ وڙهي به پنهنجي قوميت ، اتحاد ۽ وجود جو خاتمو آڻي سگهي ٿي .

غريب شخص جي اها وضاحت ٻڌي حاڪم مبارڪ مبارڪ جا لفظ ورجايا . ۽ سموري درٻار ۾ خوشيون ۽ شادميانيون ٿي ويون . حاڪم چيو ته :” بيشڪ مون کي اهو ئي غم هو ته مون کان پوءِ هن ملڪ جو حڪمران اهو ئي شخص ٿئي جو  قوم ۽ ملڪ جو اتحاد قائم رکي سگهي .  هاڻي منهنجي من جي مونجهه لٿي . تون ماضيءَ جي مزار جي مام ڄاڻي ثابت ڪيوآهي ته حڪومت تون ئي هلائي سگهين ٿو . ان ڪري جيئن صبح ٿيندو ، تيئن هن ملڪ تي تنهنجي ئي حڪمرانيءَ جو سج چمڪڻ لڳندو  .“

           

 

دردن جو دارون

           

پيارا ٻارو! ڳالهه ٿا ڪن ته ڪوهه قاف جي هڪ ولايت ۾ ديون جي رياست هوندي هئي ، جنهن تي بڙم باڪاس نالي هڪ ديو راڄ هلائيندو هو . بڙم باڪاس ڪيترو وقت امن ۽ امان سان حڪومت هلائي، پر پوءِ اچي سندن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيو . پر ماريت ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وئي ۽ غريبن تي ڏکن جا ڏونگر ڪرڻ لڳا . سڄو ڏينهن رت ولوڙڻ بعد به ماڻهو ايترو ڪمائي نه سگهندا هئا، جو رات جو ويلو پيٽ ڀري کائي سگهن . اهڙين حالتن ۾ چوريون ۽ فساد ، دنگل ۽ جهيڙا روزمره جو معمول ٿي پيو . ايمانداري ۽ محنت کي ملڪ جا ماڻهو کوٽا ڏوڪڙ سمجهڻ لڳا . سندن ويساهه هرشئي مان نڪري وڃي ٺڳيءَ ۽ بي ايمانيءَ ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺو  . سڄو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو . هڪڙا هئا امير جن وٽ دولت جا ڍير لڳي ويا ، ۽ ٻيا هئا غريب جيڪي ڪاري پائيءَ لاءِ سڪندا هئا .

            انهيءَ ملڪ ۾ جڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون هيون . ته انهن جو اثر وري بادشاهه تي پوندو هو . پهريون ته بادشاهه جو ڪو نه ڪو عضوو کري پوندو هو . جيڪڏهن حالتون سڌري پونديون هيون ته پوءِ ڦڪيون به فرق ڪنديون هيون ، ورنه بادشاهه آهستي آهستي پنڊ پاهڻ ٿيندو ويندو هو . تان جو پوءِ ان کي کڻي وڃي کوهه ۾ اڇلائيندا هئا ۽ وري نئين بادشاهه کي تخت تي ويهاريندا هئا .

            بڙم باڪاس به ڪجهه لاپرواهي ڏيکاري ۽ ملڪ جي سڌاري جو خيال لاهي ويٺو . نتيجو اهو نڪتو جو حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ۽ کيس به ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا . ٿيو ائين جو هن جي هڪ اک پٿر ٿي پئي ۽ ڪنن کان ٻوڙو ٿي پيو . پنهنجي هيءَ حالت ڏسي بادشاهه بڙم باڪاس ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو . پر هٿ جي وڍيءَ جو ڪهڙو ويڄ ڪهڙو طبيب . هن ڊٺي جو ڊڀُ ٿئي به ڪيئن ؟ ڪيترائي ويڄ گهرايائين پر وريس ڪجهه به ڪين . نيٺ هن پنهنجي وزيرن اميرن کي گهرائي حال اوريو . جنهن تي سڀني اميرن ، وزيرن ۽ مشيرن گڏجي فيصلو ڪيو ته درٻاري نجومي گهرائي ٽپڻو ڪڍرائجي . بس رڳو حڪم جي دير هئي ۽ درٻاري نجومي اچي حاضر ٿيو . نجوميءَ ڍارو هڻي ويهي حساب ڪيو . سڄي درٻار کيس تڪي رهي هئي ڇو ته هو ئي سندن اميد جو آخري ڪرڻو هئو. ڪجهه وقت کان پوءِ نجومي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ بادشاهه کي جهڪي مبارڪ ڏنائين . سڄي درٻار م خوشي ڊوڙي آئي  ۽ چئني طرفن کان مبارڪ مبارڪ جا آواز بلند ٿيڻ لڳا . تنهن تي درٻاري نجوميءَ هٿ مٿي ڪري سڀني جو ٿورو مڃيو . بڙم باڪاس بادشاهه بي صبرو ٿيندي پنهنجي نجوميءَ کان پڇيو . ته : ” اي سڀاڳا نجومي ! ڪر خبر، اسان جي درد جو دارون ڪٿي آهي؟ اسان جو علاج ڪيئن ٿيندو ؟“ بادشاهه ته ڪنن کان ٻوڙو هو . ان ڪري نجومي وڏي آواز ۾  جواب ڏيندو ويو ، ۽ وڏو وزير اهو سڀ ڪجهه لکندو بادشاهه کي ڏيکاريندو ويو . درٻاري نجومي ڪجهه هنئين چيو ته :”بادشاهه سلامت هن خادم سالن جا سال اوهان جو نمڪ کاڌو آهي . خدا جو شڪر جو سڄي ڄمار ۾ اڄ مون کي حضور جن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي . منهنجو حساب ٻڌائي ٿو ته سرڪار جو ستارو هن وقت گردش ۾ آهي ۽ انهيءَ کي تدبير سان پنهنجي منزل ۽ ماڳ آڻي سگهجي ٿو . ڪوهه ڪاف جي هن طرف انسانن جي هڪ ولايت آهي . اها ولايت دنيا جي پراڻي ۽ قديم رياست آهي . انهيءَ جو نالو اسم اعظم جي حيثيت رکي ٿو . جيڪڏهن اهو ٽي دفعا پڙهي بادشاهه تي ڇوڪاريو ويندو ته اسان جو مهربان بادشاهه خوش ٿي ويندو . انهيءَ ملڪ ۾ هڪ شخص ٿي گذريو آهي ، جنهن پنهنجي ملڪ کي هڪ نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . اهو نظام جيڪڏهن هن ملڪ سان لاڳو ڪيو ويندو ته هتي ڪڏهن به بد امني پيدا نه ٿيندي  . ڪو به ڪنهن تي ظلم نه ڪندو ۽ ڪڏهن به ذات پات ۽ رنگ نسل جهڙيون وبائون منهن نه ڪڍنديون ۽ هر هڪ سکي ٿي پوندو  ۽ امير توڙي فقير جو فرق ميٽجي ويندو .“

            نجوميءَ جي تقرير ٻڌي سڄي درٻار سرهي ٿي وئي . ان وقت بڙم باڪاس جو فرزند ارجمند اڳتي وڌي آيو  ۽ بادشاهه کي جهڪي عرض ڪيائين ته :”جيئندا قبلا ! آءٌ ته آسمان مان ستارا لاهي اچڻ لاءِ تيار ويٺو هوس ، پر نجومي ته تريءَ تي بهشت ڪري ڏيکاريو آهي . مون کي اجازت ڏيو ته آئون انسانن جي انهيءَ ولايت ۾ وڃي اسم اعظم به هٿ ڪري اچان ۽ ملڪ لاءِ نئون نظام به سکي اچان .“ بادشاهه پنهنجي پُٽ جو اهو جذبو ڏسي خوش ته ڏاڍو ٿيو ، پر کيس اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ويٺو . چوڻ لڳو ته :”آئون هينئر قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺو آهيان . تون اکين آڏو آهين ته دل کي آٿت ٿو مليم . جيڪڏهن تون هن حال ۾ ڇڏي ويندين ته جيئڻ جنجال ٿي پوندم .“ پيءُ جو اهو رايو ٻڌي شهزادي دل نه هاري . ويتر اڳتي وڌي چوڻ لڳو :”بابا سائين جنهن ملڪ جا والدين پنهنجي پُٽن تي آرو ڪري ويهندا آهن ، اهو ملڪ نه ته آزاد رهي سگهندو ۽ نه وري سکيو ستابو ٿي سگهندو . مون لاءِ هڪ طرف آهيو اوهان ، ۽ ٻئي طرف آهي ملڪ جو آئيندو . ابي ۽ ملڪ مٿان ڏکيا ڏينهن اچن ۽ آئون چپ ڪري ويهان . ائين ڪڏهن به نه ٿيندو .“ شهزادي جي حوصلي کي ڏسي نيٺ بادشاهه کي ڳالهه مڃڻي پئي .

             بادشاهه بڙم باڪاس جو پُٽ حسن راڪاس مٽن مائٽن کان موڪلائي ، خزاني مان خچر ڀرائي اچي درٻاري نجوميءَ جي گهر پهتو . درٻاري نجوميءَ شهزادي کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو :”اي شهزادا حسن راڪاس! جيڪڏهن آئون هن وقت جهور ۽ جڏو نه هجان ها ته اوس ئي توسان گڏجي هلي ڏک سک ۾ ساٿ ڏيان ها . ليڪن انهيءَ ڳالهه تي خوش آهيان جو قسمت تنهنجي ساٿ آهي ۽ توکي ڪٿي به ڏک ڏسڻو نه پوندو .“ شهزادي حسن راڪاس نجوميءَ جي نيڪ نيتيءَ جا ڳڻ ڳائيندي چيو ته :”اي نمڪ خوار نجومي ! مون کي رڳو گهربل هدايتون ڏي . باقي تنهنجون دعائون ئي مون لاءِ ڪافي آهن . ڌڻيءَ گهريو ته ڪامياب ۽ ڪامران ٿي واپس ورندس .“ نجومي شهزادي کي هدايتون ڏيڻ ئي مس ويٺو ته سندس سندر ۽ سلڇڻي ڌيءَ جل پريءَ شربت جا جام ڀري اچي سندن اڳيان رکيا. شهزادي حسن راڪاس ۽ جل پريءَ هڪ ٻئي کي ڏٺو  ۽ ڏسندا ئي رهجي ويا . محبت جي ميک هڪ ئي وقت تي ٻنهي جي من ۾ لڳي وئي . عشق جي آڳ ٻنهي کي ساڙي وڌو . ليڪن عشق جي به ارڏائي ڏسو جو کين ملائي ٿو جدا ٿيڻ لاءِ . هڪڙي کي پرديس وڃڻ لاءِ سانباها ڪرڻا پيا ، ۽ ٻئي کي ويهي انهيءَ جي موٽي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو . خون ۽ خستوري ته لڪائي سگهجن ٿا ، پر محبت جو مانڊاڻ ڪير لڪائي . سياڻو نجومي هيءَ حقيقت سمجهي ويو ۽ شهزادي کي چوڻ لڳو ته :”اي شهزادا ! جيتوڻيڪ جل پريءَ تي ڪنهن پکي پکڻ جو به پاڇو پوڻ ڪو نه ڏنو اٿم ، پر اڄ اوهان ٻنهي جو هيءُ حال ڏسي ، ٻن دلين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ نه ٿو گهران . اي شهزادا ! جل پري تنهنجي امانت آهي ، ۽ تون جڏهن خير صلح سان ولايت مان موٽي آئين ته توهان ٻنهي جا پلوَ ٻڌئي ڇڏبا .“ نجوميءَ جو اهڙو راضپو ڏسي شهزادو حسن راڪاس سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ جل پري شرم ۽ حيا وچان اندر ڀڄي وئي . پوءِ نجوميءَ ويهي شهزادي کي هدايتون ڏنيون . نجوميءَ حسن راڪاس شهزادي کي نئين ولايت جا پار پتا ڏنا ۽ کيس ڪجهه انهيءَ جا اهڃاڻ به ٻڌايا . هن شهزادي کي ٻڌايو ته جتي به سفر دوران توکي هڪ ئي وقت ٽي ماڻهو ملن ته خيال رکجانءِ . اها ئي تنهنجي پهرين منزل هوندي . انهن ٽنهي ماڻهن کان ڪيئن به ڪري سندن ڌنڌا معلوم ڪجانءِ . ۽ پوءِ اهي جيڪي ڌنڌا ٻڌائن ته سندن ڌنڌن جي لفظن جا پهريان حرف ملائڻ سان سندن ملڪ جو نالو ٺهي پوندو . جيڪڏهن اهو نالو واقعي انهيءَ ملڪ جي نالي سان ٺهڪي اچي ته پوءِ پڪ ڄاڻجانءِ ته توکي پنهنجي مطلب ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي، ۽ اهو ئي نالو تنهنجي والد لاءِ اسم اعظم ٿي ڪم ايندو . پوءِ تون انهن ٽنهي ماڻهن کان نالا معلوم ڪجانءِ . انهن ٽنهي ماڻهن جي نالن کي ملائڻ سان هڪ نئون نالو ٺهي پوندو. پوءِ انهيءَ نالي واري ماڻهوءَ جي تلاش ڪجانءِ  ، ۽ ڏسجانءِ ته انهيءَ پنهنجي ملڪ کي ڪهڙي نظام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي . اهو ئي نظام آهي ، جيڪڏهن هن ملڪ ۾ رائج ڪيو ويندو ته ڪڏهن به بد امني پيدا نه ٿيندي .“

شهزادي وڏي غور ۽ فڪر سان اهي نصيحتون ۽ هدايتون ٻڌي پنهنجي هنيئن سان هنڊايون ، ۽ پوءِ اٿي موڪلائڻ جي ڪيائين . هن انهيءَ وقت هيڏي هوڏي ڏٺو ته من ويندي ويندي پنهنجي من جي مالڪياڻيءَ جو منهن ڏسي سگهي ، ليڪن جل پري ڪٿي به نظر نه آيس . دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته ڪيڏي نه ظالم چئبي جو هن وقت به پاڻ نه ٿي پسائي . نيٺ لاچار ٿي اٿيو ۽ موڪلائي روانو ٿي ويو .

شهزادو جڏهن ڪوهه قاف جي آخري ڇيڙي تي پهتو ته جل پريءَ کي پنهنجو انتظار ڪندي ڏٺائين . سندس ڪروڌ ۽ ڪاوڙ هڪ ئي لحظي ۾ ڪافور ٿي ويا . جنهن کي بيوفا ٿي سمجهيائين ، ان جي اهڙي وفا ڏسي محبت جي عظمت جا ڪلما پڙهڻ لڳو . پوءِ اتي ٻنهي ويهي روح رهاڻيون ڪيون ۽ آخر ڪار هڪ ٻئي کان روئي موڪلايائون . موڪلائڻ مهل جل پريءَ کيس هڪ اڏند کٽولي ڏني ، جنهن تي هو ٺهي جڙي ويٺو ۽ اها آهستي آهستي مٿي اڏامڻ لڳي . تان جو ڪوهه قاف ڇڏي انسانن جي دنيا ۾ پهچي وئي .

شهزادو ست ڏينهن ۽ ست راتيون مٿان چڪر هڻندو رهيو، ليڪن ڪٿي به کيس هڪ ئي وقت ٽي ماڻهو نظر نه آيا . آخرڪار اٺين ڏينهن سندس مطلب پورو ٿيو .سندس اڏند کٽولي مٿي هوا ۾ لڏي لمي اچي هڪ ملڪ مٿان پهتي . جان کڻي شهزادو هيٺ نهاري ته هڪ سدا حيات ندي وڏي دهشت سان وهي رهي هئي . کيس ياد پيو ته نجومي انهيءَ ملڪ جي هڪ اها به نشاني ٻڌائي هئس ته هڪ ندي ملڪ مان وهندي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هوندي . ملڪ آباد ۽ شاداب هوندو . انهيءَ جي هڪ پاسي جبلن جون قطارون ۽ ٻئي طرف ريگستان هوندو . شهزادي حسن راڪاس کي اهي پار پتا دل سان لڳا ۽ پوءِ اچي انهيءَ ملڪ ۾ لٿو . هي هو پاڻ ديوَ ۽ آيو هو انسانن جي ملڪ  ۾ . ان ڪري ڇا ڪيائين جو پکي بڻجي سڄي ملڪ ۾ اڏندو رهيو . ملڪ جي سٺي موسم ، مٺي پاڻيءَ ۽ مزي واري داڻي چوڻي هن کان پنهنجي ملڪ جا مزا ئي وساري ڇڏيا . هو ڪيترا ڏينهن ائين اڏامندو ۽ مزا ماڻيندو رهيو . جيڪڏهن جل پريءَ ۽ پيءُ جو خيال نه اچيس ها ته شايد سموري ڄمار پکي بڻجي هن پياري ملڪ ۾ گهمندو ڦرندو وتي ها . آخر ڪار هڪ شام جو هي جڏهن پنهنجي آکيري طرف اڏي رهيو هو ته هن ٽن ماڻهن کي ويندو ڏٺو . کيس يقين ٿي ويو ته هاڻي سندن من جي مراد پوري ٿيڻ واري آهي ، هو پکي بڻجي سندن پيڇو ڪندو اڏامندو رهيو . تان جو اهي ٽئي ڄڻا ڀر واري ڳوٺ ۾ اچي پهتا . هي به جلدي ۾ روپ مٽائي فقير بڻجي اچي هنن سان رليو ، ڳوٺ جي ماڻهن هنن مسافرن جي دل ئي ٽهل ٽڪور ڪئي ۽ کين عزت سان پاڻ وٽ ٽڪايو . رات جي ماني ۽ ڪچهريءَ کان پوءِ جڏهن ميزبان وڃي گهر آرامي ٿيو ته شهزادي حسن راڪاس موقعو ڏسي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ڇيڙي . هن هڪڙي مسافر کان پڇيو ته : ”اوهان ڇا ڪندا آهيو ؟“ جنهن تي مسافر جواب ڏنس ته :”منهنجو ڌنڌو سپاهگيري آهي . اسان جا وڏا جوڌا جوان ٿي گذريا آهن ۽ اسان ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي . پر جڏهن کان وٺي وقت جو حڪمران لاهي پاهي اسان جي پوئتان پيو ته اسان هڪ هنڌان لڏي اچي هن تر ۾ ويٺا آهيون . انهيءَ کان پوءِ ديو ٻئي مسافر کان پنهنجو ڌنڌو پڇيو ، جنهن تي جواب مليس ته :”آئون نڪمو آهيان . في الحال ڪو به ڪم نه ڪندو آهيان .“ اهڙي نموني سان وري هن ٽئين مسافر کان پڇيو . جواب مليس ته : ”آئون ڌنار آهيان .“ ان کان پوءِ هن ڇا ڪيو جو”سپاهي“لفظ مان ”س“ ، ”نڪمي“ لفظ مان ”ن“ ۽ ”ڌنار“ لفظ مان ”ڌ“ حرف کڻي جو ملايائين ته ”سنڌ“ لفظ ٺهي پيو . پوءِ دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو ته کيس اسم اعظم ملي ويو ، ان کان پوءِ شهزادي حسن راڪاس کانئن پڇيو ته اوهان ڪير آهيو ۽ ڪاڏي وڃي رهيا آهيو ؟“ انهيءَ تي هڪڙي مسافر چيو ته :”مون کي شاهه چوندا آهن ۽ بلڙيءَ جي ڀر ويٺو آهيان . پهريون پيريءَ مريديءَ ۾  ايمان هوندو هيم ، ڪيترائي مريد خادم هئا ، جن کان هر سال اڻ ڳڻيو ڏنُ ملندو هو . آئون اهو پئسو شرطن ۽ گوئن تي وڃائي ڇڏيندو هوس . مون وٽ ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ڪا به ڪمي ڪانه هوندي هئي . وڏي ڪانيءَ ۽ ڪرامت وارو ڄاتو ويندو هوس . پر جڏهن جهوڪ واري جوان سان ڏيٺ ٿي ته اهو پرماريت وارو ڌنڌو ڇڏي وڃي پرينءَ جي پچار کي لڳو آهيان ۽ هر وقت اها ئي تند تنواريندو رهان ٿو . هاڻي ماڻهو مون کي نڪمو . سمجهندا آهن . آئون هنن دوستن سان گڏجي پنهنجي پرينءَ جو پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ نڪتو آهيان .“

شهزادي حسن راڪاس وري ٻئي مسافر کان پڇيو جنهن ٻڌايس ته منهنجو نالو عنايت آهي . آئون ذات جو پنهور آهيان . اڳي اتر سنڌ طرف رهندا هئاسين ، ليڪن وقت جي حڪمرانن جي ظلم کان تنگ ٿي ڏکن سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهيون . هن وقت اسان ٽئي گڏجي هڪ ئي مقصد لاءِ گهران نڪتا آهيون . انهيءَ تي شهزادي وري ٽئين ۽ آخري مسافر کان پڇيو ته تون ڪير آهين ؟ انهيءَ تي ٽئين مسافر هن ريت حال اوريو ته منهنجو پيءُ هاري هو ، جنهن تي ڳوٺ جي وڏيري ڏاڍا ظلم ڪيا . آخر ڪار ابي ته ڀڄي جند ڇڏائي . ۽ وڃي جهوڪ ۾ آباد ٿيو ، ليڪن آئون اتي ڦاسي پيس ، مٽن مائٽن سمجهيو ته وڏيرو مون کي شهيد ڪري ڇڏيندو . ليڪن چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي ، سو نيٺ آئون به پاڻ بچائي ڀڄي نڪتس . انهيءَ ڏينهن کان وٺي ماڻهو مون کي شهيد سڏيندا آهن .“

اهي احوال ٻڌي پوءِ شهزادي حسن راڪاس ٽٻي ۾ پئجي ويو . نيٺ مسافرن کان پڇيائين ته :”اهو جهوڪ وارو جوان ڪير هو جنهن جا اوهان ايترا معتقد آهيو ۽ هاڻي به انهيءَ جي پيغام پکيڙن لاءِ آتا آهيو ؟“ انهيءَ تي هڪڙي مسافر جواب ڏنو ته :”اهو جهوڪ جو جوان هو صوفي شاهه عنايت شهيد .“ شهزادي حسن راڪاس جي حيرت جي ڪا به حد نه رهي . چئي ويٺو ته :”ڪمال آهي اوهان مان هڪڙو پاڻ کي شاهه سڏي ٿو ، ٻئي جو نالو عنايت آهي ۽ ٽئين کي وري ماڻهو شهيد سڏين ٿا . اوهان ٽنهي جا نالا ملائجن ٿا ته شاهه عنايت شهيد ٺهي پوي ٿو .“ انهيءَ تي مسافرن مان هڪ چيو ته جيڪي انسان قوم لاءِ هوندا آهن ، قوم انهن لاءِ ٿي پوندي . هن ئي منزل تي فنا ۽ بقا هڪ ٿي وينديون آهن . چوندا آهن ته مٿي ۾ تيل پوندي ڪير نه خوش ٿيندو . سو شهزادي حسن راڪاس جون مڙئي مرادون ته پاڻي ئي پوريون ٿينديون پيون وڃن . هن کي اسم اعظم به مليو ته کيس عظيم انسان جي به خبر پئي باقي کيس معلوم ڪرڻو پيو ته شاهه عنايت شهيد پنهنجي قوم کي ڪهڙو پيغام ڏنو . انهيءَ ڪري مسافرن کان پڇيائين ته :”مهرباني ڪري مون کي شاهه عنايت شهيد جي نظريئي بابت ڪجهه ٻڌايو .“ ان تي هڪ مسافر کيس ٻڌايو ته :”شاهه عنايت شهيد وطن جي آزاديءَ خاطر نواب اعظم سان ٽڪر کاڌو . مظلوم پنهورن کي سام ڏئي ڪلهوڙا رنجايا . پير پرستيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ بلڙيءَ وارا بادشاهه ناراض ڪيا . سڀ کان وڌيڪ ڳالهه ته هن جيڪو هاري ، تنهنجي ٻني ٻاريءَ جو تصور ڏنو . پوءِ انهيءَ جي عيوض کيس پليجن سان ڦٽائڻي پئي . هن پنهنجي ماڻهن کي اهو نظريو ڏنو . جنهن جو بنياد قومي آزادي ، مذهبي رواداري ، سماجي برابري ۽ اقتصادي انصاف تي ٻڌل هو . هن اهو نظريو اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي رت سان چٽيو آهي . هاڻي تاريخ جا اهي ورق اسان کان انهيءَ نظريئي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ، ۽ اسان انهيءَ نظريئي تي عمل تبليغ لاءِ گهران نڪتا آهيون .“

شهزادي حسن راڪاس کي هڪ ئي ملاقات ۾ هر شئي ملي وئي . کانئس صبر ڪو نه ٿيو ۽ مسافرن کي چئي ڏنائين ته : ”اسان کي ته پنهنجي درد جو دارون ملي ويو ، هاڻي اسان جي موڪلاڻي . اوهان ڀلي ويٺا تبليغون ڪيون.“ هو ائين چئي اٿي کڙو ٿيو . هڪدم پکي بڻجي اڏاڻو هليو ويو .

                    

         

ڇيلڙي وارو شهزادو

 

پيارا ٻارو ! ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه ٿي گذريو آهي . عدل ۽ انصاف ۾ ته سندس ڪو ئي مٽ ڪو نه هو . ملڪ ۾ سڀڪو سکيو ستابو گذاريندو هو . ڪنهن کي ڪو ڏک ۽ سور ڪو نه هو . هر ڪو پيو پنهنجي حڪمران کي دعائون ڏيندو هو . حاڪم به هجن ته ههڙا . ڪو سندس ملڪ ۾ اکيون وجهندو هو ته تارا ڪڍي رکندو هوس . جيڪڏهن عوام مٿان ڪا آفت اچي ڪڙڪندي هئي ته هن  جو سک ڦٽي پوندو هو . ٻڌندو هو ته ڪنهن رات ڪو ماڻهو بک ڪاٽي ستو ته کيس محل ماڙيون کائڻ پيا ايندا هئا . جيستائين خچر دولت سان ڀري انهيءَ ماڻهوءَ ڏي نه موڪليندو هو ، ان وقت تائين آرام ئي ڪو نه ايندو هوس . هميشه پيو چوندو هو ته ”آءٌ لشڪر يا خزاني جي زور تي بادشاهه ڪو نه ٿيو آهيان . منهنجو تاج آهي عوام جو ويساهه ۽ رضامندي . جيستائين عوام مون سان راضي رهيو ۽ آئون کين سکي رکي سگهيس . انهيءَ وقت تائين آءٌ بادشاهه آهيان . پر جيڪڏهن ڪو هڪ به ماڻهو مٽجي ويا ته آءٌ هي تخت ۽ تاج جي امانت سندن حوالي ڪري ڇڏيندس .“

            چون ٿا ته انهيءَ عوام دوست بادشاهه کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي . جنهن جي سيرت ۽ صورت جي ملڪن ۾ هاڪ هئي ، شهزادي جهڙي هئي سياڻي تهڙي هئي سيبتي . شهزادي اڄ ننڍي سڀان وڏي نيٺ اچي جوان جماڻ ٿي . سياڻن چيو آهي ته ڌيئرون پرائو ڌڻ ، سو هوءَ به جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ ڦاٽڻ لڳي ته بادشاهه کي اچي خيال ٿيو ته  نياڻيءَ کي شينهن ڪلهي چاڙهڻ گهرجي . ليڪن اچي اوني ورايس ته پنهنجي ڌيءَ کي اهڙو ورُ ڏيان، جيڪو عقل ۾ اڪابر به هجي ته رحم جو ڀنڊار به . سو اچي ڳاراڻي ورتس . اونڌي منجي ڪري محلات ۾ ويهي رهيو . الله جا اچي اٺ پهر گذريا ، پر بادشاهه ٻاهر نڪتو ئي ڪو نه . اميرن وزيرن کي اچي ڳڻتي ورتو ته خدا خير ڪري اسان جي بادشاهه سلامت کي الائي ڇا ٿيو آهي جو اڄ تخت تي ڪو نه ويٺو آهي . نيٺ اهي صلاح مصلحت ڪري مڙي سڙي بادشاهه جي حضور ۾ اچي پهتا . وڏي وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته :”ملڪ پناهه ! اڄ اسان تي ڏمر ٿيو آهي يا سرڪار جي دشمنن جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي ، جو ائين اونڌي منجي ڪري ويٺا آهيو . اڄ اوهان کان سواءِ تخت به اسان کي کائڻ ٿو اچي . اوهان ته اسان جي تخت جا وارث به آهيو ته بخت جا وارث به . اسان جو ته آرام ئي ڦٽي ويو آهي . اوهان حڪم ڪيو ته اسان فرهاد بڻجي ٽڪر ٽوڙي ڏيکاريون . “ بادشاهه ڳالهائي ڄڻ ڀت ! ڪنهن ڏي به اکيون کڻي نه ڏٺائين . اهو حال ڏسي بادشاهه جي وڏور ڌي اکين مان آب هاري پنهنجي پيءُ کي ڳراٺڙي پائي کيس چيو : ”ابا سائين  ! الله تعاليٰ اوهان کي بخت ڏنو آهي ۽ عوام اوهان کي تخت ڏنو آهي . اوهان کي نه اولاد جو غم نه دولت جو ڏک . نه وري ڪو عوام جي ملڪ ۾ عوام لاءِ آزار . آخر ڳالهه ڪهڙي آهي ؟ جيڪڏهن منهنجي جان هلي وڃي ۽ اوهان کي سک ملي ته هيءَ ڇوري اوهان تان گهوري . آءٌ حاضر آهيان.“ اهو ٻڌي بادشاهه اکيون کنيون ۽ پنهنجي الڙ جوان ڌيءَ جي مٿي تي هٿ ڦيرائي چوڻ لڳو :” ڌيءَ تون ته هن ڌرتيءَ جو چنڊ آهين ، منهنجي اکين جو نور آهين ۽ دل جو سرور آهين . مان توتان لک حياتيون قربان ڪريان ، تون اهو ڇا ٿي چوين ؟“ تنهن تي شهزاديءَ پڇيو : ”بابا سائين ! پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي ؟ بادشاهه وراڻيو :”ڌيءَ تون اچي جوان ٿي آهين .سو

پڙهايان تنهنجو نڪاح ، ته   پوي   اندر   ۾    ساهه .

سوچيان ٿو ته توکي اهڙو ورُڏيان جيڪو سيرت ۽ صورت ، عقل ۽ شفقت ۾ تو جهڙو هجي .“ اهو ٻڌي شهزاديءَ وراڻيو:”پيارا بابا ! 

پوءِ اوهان ڳڻتي ۽ ڳاراڻو ڇو ٿا ڪريو ؟ ور ۽ گهر ته مون کي ڪرڻو آهي . اهو ته منهنجي زندگيءَ جو سوال آهي . ان ڪري ڪوشش به مون کي ئي ڪرڻ گهرجي .“  وزير ۽ امير شهزاديءَ جي هيءَ گفتگو ٻڌي حيران ٿي ويا ، ليڪن بادشاهه پنهنجي چنڊ جهڙي سهڻي من مهڻيءَ ڌيءَ سان اکيون ملائي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو رهيو . شهزادي چوندي رهي :”بابا سائين ! شادي مون کي ڪرڻي آهي ۽ نه اوهان کي . ان ڪري ڳڻتي ۽ ڳاراڻو  مون کي ئي ڪرڻ گهرجي . اوهان جو ته رڳو اهو ڪم آهي ته ور ۽ گهر تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪريو .“ اهو ٻڌي وڏي وزير کي اچي پيٽ ۾ وٽَ پيا ۽ دل ۾ گدڙ ويٺس ته ڪو اهڙو بهانو بڻايان جو شهزاديءَ جي شادي منهنجي پٽ سان ٿئي ، ۽ بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ بادشاهيءَ جو وارث منهنجو پُٽ ٿئي . سو وچ ۾ ٽپو ڏئي چيائين :”جيئندا قبلا ! شهزاديءَ سڄي زندگي محلات ۾ ئي گذاري آهي . کيس ڪهڙي خبر ته نياڻيون ڏٺي تي ورُ نه ڪنديون آهن . اهڙا فيصلا پيءُ ماءُ ئي ڪندا آهن . البته اسان کي شهزاديءَ جو خيال رکي اهڙو ورُ ڳولهڻ گهرجي ، جيڪو حسب ۽ نسب ۾ شهزاديءَ کان گهٽ نه هجي .“ اهو ٻڌي شهزادي تپي لال ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته :”ڍلن پٺيان ڀلا ٿيندا آهن ۽ ڀلن پٺيان ڍلا ٿيندا آهن . ان ڪري حسب نسب جي ڳالهه کي ڇو آڻي ٽنبجي ؟ ور مون کي ڪرڻو آهي . آءٌ ڪا گڏي ڪا نه آهيان جو تون کڻي ڪنهن گڏي سان لائون ڏيارين . مان پنهنجي ورَ جي ڳولها پاڻ ڪنديس .“ اهو ٻڌي وزير جي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڏائي وئي . ليڪن بادشاهه سلامت اڳيان هن جي دال ڳري نه سگهي . سو مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ سمجهي ويهي رهيو . وزير جو ته منهن ئي لهي ويو ، پر بادشاهه ائين پيو خوش ٿئي ڄڻ آبِ حيات پيتو هجيس . چوڻ لڳو :”آئون به ڪهڙو نه چريو هوس جو ، اونڌي منجي ڪري ويهي رهيس .“ پوءِ ڌيءَ ڏي نهايندي چيائين :”پيءُ ۽ ماءُ جو ڪم آهي رڳو سندن مدد ڪرڻ .“

            شهزاديءَ بادشاهه جي ڳچيءَ ۾ ڳراٽڙي پائي چوڻ لڳي ته :”بابا سائين ! سڀان سج ڪني ڪڍي ته پڙهو ڏياريو وڃي ته شهزادي پنهنجي وَر جي ڳولها ڪندي . جيڪڏهن ڪو شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ گهري ته اچي درٻار ۾ حاضر ٿئي . شهزادي ان کان ڪي سوال پڇا ڪندي . جيڪڏهن ڪنهن برابر جواب ڏنا ته ان جون لائون شهزاديءَ سان ڏياريون وينديون . پر جيڪڏهن ڪنهن صحيح جواب نه ڏنا ته پوءِ ان کي ڪجهه به نه چيو ويندو . ڇو ته هن بادشاهيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن سان قهر نه ٿيو  آهي ، ۽ اڳتي به ڪنهن سان ظلم نه ٿيندو . پر جيڪڏهن ڪنهن وزير يا امير جو پُٽ جواب ڏئي نه سگهيو ته ان کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي ۽ سندس مال ملڪيت ضبط ڪيو ويندو .“

            سباڻو ٿيو ، بس پڙهي ڏيڻ جي ويرم هئي . اچي ماڻهو مڙيا . شام تائين سڄي درٻار ڀرجي وئي ، تِرَ ڇٽڻ جي به جاءِ نه رهي . وڏي وزير سوچيو ته شهزاديءَ هر حالت ۾ پنهنجي نهن بڻائڻي آهي . پر اهو ڊپُ هيس ته جيڪڏهن منهنجو پُٽ جواب ڏئي نه سگهيو ته مال، ملڪيت ، عزت ۽ دولت تان هٿ ڌوئڻا پوندا . ان ڪري ڇا ڪيائين جو صبح سويرو هڪ ٻڪرار گهرائي ورتائين . جيڪو هڪ ڇيلڙو گود ۾ کڻي اچي هن وٽ حاضر ٿيو . وزير ٻڪرار کي پنهنجي پُٽ جا ريشمي ڪپڙا پهرائي ، ان کان پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا لهرائي ورتا . جيڪي وري پنهنجي شهزادي پُٽ کي پهرائي کڻي درٻار ۾ موڪليائين . وزير کي هاڻي پڪ ٿي ته ”کٽيا ته به اپڻا گهر ، جي هرايا ته به اپڻا گهر.“ جيڪڏهن وزير زادو جواب ڏئي سگهيو ته شهزادي اسان جي ٿيندي ، پر جيڪڏهن جواب نه ڏئي سگهيو ته کيس ڪو ئي ڪو نه سڃاڻندو ۽ غريب سمجهي ڇڏي ڏيندس . ائين عزت به رهجي ويندي ۽ دولت به بچي ويندي .

            ٻڪرار ڇوڪرو هو عقلمند ، سو چيائين ته دال ۾ مڙئي ڪجهه ڪارو آهي . سو هي به ڇيلڙو ڪڇ ۾ کڻي وزير زادي جو پيڇو ڪندو وڃي درٻار ۾ پهتو . ماڻهو هن کي ڏسي کلڻ لڳا . ڇو ته لٽن ڪپڙن ۾ ته شهزادو پيو لڳي ، پر ڇيلڙو جو ڪڇ ۾ هيس . ان ڪري ماڻهن ٿي سمجهيو ته ڪو پاڳل آهي . ماڻهن وٺي ٺٺوليون ڪيس . جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون . ڪو چوي ته :”شهزادي هن سان شادي ڪندي، جو معتبر ٿو ڏسجي .“ مطلب ته ڪنهن ڪيئن چيس ، ڪنهن ڪيئن ٿي چيس . پر ٻڪرار چپ ڪري هڪ ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهيو . گهڙيءَ کن کان پوءِ گهنڊ وڄڻ لڳا ، ۽ بادشاهه جي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو . سڀڪو ماڻهو پنهنجي جاءِ تي ادب سان اٿي بيٺو . ٺيڪ انهيءَ وقت چيلڙي وٺي ٻي ٻي ڪئي ، جنهن تي سڄي درٻار وٺي ٽهڪ ڏنا . شهزاديءَ جي به وڃي ٻڪرار تي نظر پئي . ٻڪرار جو پاتا هئا شهاڻا لٽا . سو پري کان پيو ڏيک ڏئي . شهزاديءَ حڪم ڪيو ته ڇيلڙيءَ واري شهزادي کي وٺي اچي اڳيان ويهاريو . بس حڪم جي دير هئي . اميرن وزيرن اچي کيس عزت سان سلام ڪيو ۽ وٺي وڃي تخت جي ڀرسان ويهاريائونس . اهو ڏسي وڏي وزير جو ته اندر ئي سڙي ويو . پر سڙڻ ۽ پڄرڻ کان سواءِ ڪري به ڇا پيو سگهي !

            ٿوريءَ گهريءَ کان پوءِ هر هڪ واري وٽيءَ سان شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ جي اميد ۾ سوال ٻڌندو رهيو . مگر صحيح جواب ڪو به ڏئي نه سگهيو . آخر ڪار وڃي ٻه ڄڻا بچيا . هڪ وڏي وزير جو پُٽ ٻڪرار جي ڪپڙن ۾ ، ۽ ٻيو ٻڪرار جو پُٽ وزيرزادي جي ڪپڙن ۾ . شهزادي وزير جي پُٽ کان سوال ڪيو ته : ”اي غريب ٻڪرار ! سڀني انسانن کي ٻن شين جي بک ٿئي ٿي . ۽ ٻن شين جو ڍءُ رهي ٿو . ٻڌاءِ ته اهي ڪهڙيون شيون آهن .“ وزير جو پُٽ هئو ته شڪل جو سهڻو پر عقل جو دٻو خالي هئس . چپ خشڪ ٿي ويس، سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويس ۽ ڏڪڻي وٺي ويس . ڪو به جواب ڏئي نه سگهيو . ان تي ڇيلڙيءَ واري شهزادي پنهنجي ڇيلڙيءَ کي ڪلهن تان لاهي ، جهڪي سلام ڪندي شهزاديءَ کي چيو ته :”اگر حڪم ڪيو ته هي بندو انهن سوالن جا جواب ڏئي .“ ان تي شهزاديءَ وراڻيو ته :”اي ڇيلڙيءَ وارا شهزادا ! ڀلي اوهان به پنهنجي عقل کي آزمايو .“

            ٻڪرار جو هاڻي ڇيلڙيءَ وارو شهزاو پيو سڏجي ، تنهن جواب ڏنو ته :”ماڻهوءَ کي دولت ۽ عمر جي بک ٿئي ٿي ۽ کيس حسن ۽ عقل جو ڍءُ ٿئي ٿو . ماڻهو ڪيڏو به امير هجي ، پر چوندو جيڪر قارون جو خزانو کيس ملي وڃي . ساڳي نموني سان ڇو نه کڻي ماڻهوءَ جا پير قبر ۾ هجن ، پر ته به پيو زندهه رهڻ جون سڌون ڪندو . اهڙي نموني سان هر ڪو وري پاڻ کي عقل جو اڪابر ۽ سهڻن جو سردار سمجهي ٿو .“

            جواب ٻڌڻ تي سڄيءَ درٻار ۾ تاڙيون وڄي ويون ۽ شهزادي تخت تان لهي اچي ڇيلڙي واري شهزادي جي ڳچيءَ ۾ هار وڌو . پوءِ ڌام ڌوم سان سندن شادي ٿي . راڄن کي سڏ ڏنائون ، جنهن ۾ هر ڪو اچي شريڪ ٿيو .

ڇانو بنا وڻ

پيارا ٻارو! هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ جي بادشاهه جي ذهن ۾ اچي خيال ويٺو ته پنهنجي وزيرن جي ذهانت جو امتحان وٺجي . بادشاهه ذهين ته پاڻ به ڪو نه هو . پر شينهن کي چوي ڪير ته تنهنجي وات ۾ ڌپ ! چوندا آهن ته جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا ، سو هتي به ساڳئي ئي ڳالهه هئي ، اڃا ان کان به وڌيڪ ڀلا جيڪو ملڪ جي خزاني تي نانگ بڻجي ويهي رهي ۽ اڻ ڳڻئي لشڪر جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ جهلي بيهي ته تنهن سان پڄڻ جي ڪهڙي واٽ !

سو ، بادشاهه ڇا ڪيو جو انهيءَ وقت ئي کڻي وزير گهرايائين . بس سندس حڪم جي ويرم هئي . گهڙيءَ پلڪ ۾ سندس سڀئي وزير پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي اچي بادشاهه جا سلامي ٿيا . جڏهن پوري درٻار اميرن ۽ وزيرن سان ڀرجي وئي ته بادشاهه به ٺهي جڙي اچي تخت تي ويٺو . پنهنجي بيوقوف بادشاهه جي پرڪارن جي سڀني کي ڪلَ هوندي هئي . جڏهن به ائين ڪمهلي درٻار لڳائيندو هو ته ماڻهن جا ڏيل ڏري پوندا ها ، اميرن وزيرن کي ڦڦڙي وٺي ويندي هئي . سمجهي ويندا هئا ته اجها ٿي جيري لاءِ ٻڪري ڪسي . ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو هو جو ٽڪريءَ کي ٿيندا هئا سور ۽ ڄمندو هو ڪئو . ڇا ٿيندو هو جو درٻاري اچي بيهندا هئا ته کين ٻڌايو ويندو ته بادشاهه سلامت درٻار لڳائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو آهي ، اوهان ڀلي موٽي وڃو . ليڪن هن ڀيري جو بادشاهه وقت سر اچي تخت تي ويٺو ته سڀني کان ساهه ڇڏائي ويو . سڀئي انهيءَ انتظار ۾ هئا ته ڏسون ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي . انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ اميرن وزيرن جون ڳچيون جهڪي ويون، سڀئي ٻانهون ٻڌي وڏي ادب ۽ احترام سان بيٺا رهيا . آخرڪار بادشاهه جو رعبدار آواز گونجن لڳو . ڀري درٻار ۾ رڳو سندس ئي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو . ائين پيو لڳي ته باقي ڄڻ پٿر جا بت هئا يا انهن جي وات ۾  زبان جهڙي ڪا به شئي ڪا نه هئي . بادشاهه هر هڪ وزير کان سوال پڇندو ويو . پهريان وڏي وزير ڏي منهن ڪري سوال پڇيائين :”اي وزير ! باتدبير اسان اوهان کان معلوم ڪرڻ گهرون ٿا ته اسان جي سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبيءَ واري ڪهڙي شئي آهي؟“ انهيءَ تي وڏي وزير ڪنڌ جهڪائي ورندي ڏني :”جهان پناهه ! اوهان جي سموري بادشاهيءَ ۾ حضور جو بخت ۽ تخت ئي سڀ کان سٺيون شيون آهن . اها بادشاهه سلامت جي ذات ئي آهي ، جنهن جي صدقي هن اجڙيل ۽ ويران روءِ زمين تي باغ بهاري لڳي پئي آهي .“ ٽانءِ ڀريئي سانڀر جيان بادشاهه سينو ڦوڪي ، مڇون وٽي ”بيشڪ ، بيشڪ“ چيو . ان کان پوءِ ٻئي وزير ڏي منهن ڦيريائين، جنهن سجدو ڪري سندس سلام ڀريو . بادشاهه کانئس پڇيو ته :”اي عقلمند وزير ! اسان جي بادشاهيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙيون شيون نظر نه ٿيون اچن ؟“ انهيءَ تي وزير ترت جواب ڏيندي عرض ڪيو :”عالي پناهه ! هي نمڪ حلال بندو سالن کان وٺي بادشاهه سلامت جي پاڇي ۾ سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي . انهيءَ عرصي ۾ هن خادم کي سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ ڪٿي به بک ۽ ڏک ڏسڻ ۾ نه آيا . سائين جن جي سموري رعيت خوش آهي .“ انهيءَ تي بادشاهه ”بيشڪ بيشڪ“ چوندي ٽئين وزير سان مخاطب ٿيو . کانئس پڇيائين : ”اي وزير ! آسمان جو سج ته سڀني ڏٺو آهي ، پر ٻڌاءِ ته ڌرتيءَ جو سج ڪٿي آهي ؟“ انهيءَ تي وزير ڪنڌ نمائيندي بادشاهه کي ادب سان جواب ڏنو ته :”بادشاهه سلامت ! اوهان جو ولي عهد ئي هن ڌرتيءَ جو سج آهي .“ بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو . وزير ، جي اڳ ۾ پنهنجو ساهه بادشاهه جي مٺ ۾ بند ٿيل محسوس ڪري رهيا هئا ، تن جي دلين کي به آٿت اچڻ لڳو ۽ سمجهڻ لڳا ته ڪو سندن لولو اگهاڻل آهي . ليڪن خوشين ۽ غمن ۾ ڪو ويڇو آهي ئي ڪو نه . سک ۽ ڏک ته پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن . سو هنن سان به ائين ئي ٿيو . اوچتو ئي اوچتو بادشاهه کانئن اهڙا سوال پڇيا جن سندن وايون ئي بتال ڪري ڇڏيون ، بادشاهه سڀني وزيرن ڏي منهن ڪندي پڇيو ته :”اسان جي بادشاهيءَ جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون . سڀني هڪ ئي آواز بڻائي جواب ڏنو ته : ”حضور جيستائين اسان جي نگاهه وڃي .“ پوءِ وري بادشاهه کانئن پڇيو ته :”ڀلا ٻڌايو ته اسان جي بادشاهيءَ ۾ اها ڪهڙي ولايت آهي جتي وڻ ته آهن پر ڇانو ڪانهي؟“ هي سوال ٻڌندي سڀئي وزير وائڙا ٿي ويا . سندن منهن جو رنگ ئي بدلجي ويو، پيرن هيٺيان ڌرتي ئي ڇڏائي وين . ڪڇن ائين ڄڻ ڀت . سڄيءَ درٻار ۾ اهڙي ته خاموشي ڇانئجي وئي جو جيڪڏهن کڻي سئي اڇلائجي ته به ان جي ڪرڻ جو آواز اچي . اهڙي چپ ٿي وئي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي .

بادشاهه تپي لال ٿي ويو ، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس ۽ مٽا ڦوڪجي آيس ۽ ناسون ڦوٽارجي ويس . گجگوڙ ڪندي چيائين :”مابدولت طرفان اوهان کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ٿي . جيڪڏهن اوهان منهنجي سوال جو صحيح جواب نه ڏنو ته سڀني کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وڌو ويندو .“

پيارو ٻارو ! جنهن ملڪ جي اختيار ۽ اقتدار ۾ عوام کي ڀاڱي ۽ ڀائيوار نه ڪيو ويندو آهي ، ۽ اڇي يا ڪاري جو مالڪ عوام نه پر ڪو ٻيو هوندو آهي ته انهيءَ ملڪ ۾ عوام ۾ عوام جو حشر ائين ٿيندو آهي . سو انهيءَ ملڪ جو به اهو حال هو . بادشاهه جي انهن وزيرن کي به اچي سر جي لڳي . هر هڪ پنهنجي پنهنجي گهر وڃي اونڌي منجي ڪري ويهي رهيو . سندن هڪ ڏينهن ته ائين ئي ڳڻتيءَ ۽ ڳاراڻي ۾ گذري ويو . ٻيو سج اڀريو ته مٿن ڏکن جا ڏونگر ڪري پيا . هر هڪ وزير پنهنجي موت جون گهڙيون ڳڻڻ لڳو . نيٺ ٻيو ڏينهن به گذريو ۽ رات ڪاري چادر بڻجي ملڪ کي وڪوڙي وئي . هر ڪو ماڻهو وڃي آرامي ٿيو ، ليڪن وزيرن جو اچي آرام ڦٽو . وزيرن جي من ۾ ڪا جڙي آئي ، سوچيائون جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو . سو وڏي وزير کان سواءِ بادشاهه جا باقي سورهيه وزير پنهنجي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ راتو رات ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا . صبح ٿيو ته اها خبر باهه جيان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي . تان جو وڃي بادشاهه جي ڪنين به پهتي . بادشاهه وزيرن کي پڪڙڻ لاءِ چئني طرفن ڏانهن گهوڙا ڊوڙايا . بادشاهه جا سپاهي ڀڳل وزيرن کي پڪڙي آيا يا نه ؟ انهيءَ قصي کي ڇڏيو . هاڻي اچو ڏسون ته وڏي وزير جو ڪهڙو حال ٿيو ،

بادشاهه جي من ۾ اچي گدڙ ويٺو ته متان وڏو وزير به نه ڀڄي وڃي . ان ڪي هن ڇاڪيو جو کڻي قيد ڪرايائينس . وڏي وزير رتُ رنو دانهون ڪيون ، ليڪن وريس ڪي به ڪونه ، بادشاهه کي ايتري به ڪهل نه آئي ته اهڙي ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏي جنهن سڄي ڄمار سندس خدمت ڪئي هجي . وڏي وزير سان کڻي اهڙي جٺ ڪيائون  ، جوڄڻ هن پوري عمر بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هجي . ماڻهن جو ته دڪو به داخل ٿي ويندو آهي مگر هن جون هڙئي قبول نه پيون .هن لاءِ ٻئي پڙ ڳؤرا ٿي پيا . جنڊ کڻي ته جنڊ ڳؤرو ، جي پُڙ کڻي ته پُڙ ڳؤرو . ڦٽيل دل مان دانهن نڪري ويس ته :

            جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان ،

            جي ٿو ڪيان ماٺ  ته  پوان  ڪاٺ . 

ائين بس ويچارو پاڻ کي چؤکنڀو ٻڌرائي ماٺ ٿي ويهي رهيو . جيئن جيئن شام ويجهي پوندي ٿي وئي ، تيئن تيئن کيس يقين ٿيڻ لڳو ته سندس زندگيءَ جو سج به تيزيءَ سان لڙندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ پلڪ کان پوءِ جڏهن دنيا وارا ڏيئا ٻارڻ لڳندا تڏهن هن جي حياتيءَ جو ڏيئو گل ٿي ويندو .

انهيءَ ملڪ جي رواج موجب ، جنهن بدنصيب کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي ، تنهن کي شام ٿيڻ سان پوري شهر جي چوڌاري ٽي چڪر ڏياريا ويندا هئا . ان ڪري جڏهن سج لهڻ ٻڏڻ تي هو ته وڏي وزير کي گڏهه تي چاڙهي شهر کان ٻاهر ڪڍي ويا . انهيءَ وقت منهن اونداهي ٿي رهي هئي ۽ ڌنار پنهنجا ڌڻ چاريو گهر ٿي وريا . انهن ڌنارن ۾ هڪ ننڍڙو ڌنار به هو . جڏهن وزير جو جلوس اچي هنن جي ڀرسان گذريو ته سڀني ڌنارن مڙي اچي جلوس وارن کان ماجرا پڇي . جڏهن ننڍڙي ڌنار کي خبر پئي ته هڪ معمولي سوال تي جيئري جاڳندي انسان کي ماريو پيو وڃي ته مٺيان به لڳس ۽ ارمان به ٿيس . ان ڪري ڊوڙي وڃي وڏي وزير جي گڏهه سان رليو . چوندا آهن ته ڪانوءَ کي مزو اچي لڙ مان ، سو ماڻهو سڀئي هنبوشيءَ ۾ پورا هئا . ڀلا جن سادن ماڻهن کي اها به خبر نه هئي ته اڄ جنهن واقعي تي خوش ٿي رهيا آهن سو سڀاڻي هنن کي پيش اچي سگهي ٿو ، سي وري ڪيئن سمجهي سگهندا ته وڏي وزير کي ڪو ٻار پٽيون پڙهائي رهيو آهي . ننڍڙي ڌنار وڌي وڃي وڏي وزير کي ڪن ۾ چيو :”مون سڄي ماجرا ٻڌي آهي . اوهان غم نه ڪريو ، ظالم بادشاهه جي سوال جو جواب مان ٿو اوهان کي ٻڌايان .“ ٻڏندڙ ماڻهوءَ لاءِ ته ڪک به سهارو ٿيندو آهي . ان ڪير وڏي وزير ننڍڙي ڌنار کي چيو ته :”جلد ٻڌاءِ اها ولايت ڪٿي آهي ، جنهن ۾ وڻ ته آهن ، وڻن جي ڇانو ٿئي ئي ڪانه .“ تنهن تي ننڍڙي ڌنار وڏي وزير کي چيو :”اي وڏا وزير ڌيرج ڪر . کير ٿڻن مان اڃا نڪتو ئي ڪٿي آهي ، جو توکي اچي ڳڻتي ٿي آهي ته ڏڌو کير ٿڻين ڪيئن پوندو . اسان جي ملڪ ۾ هڪ نه پر اهڙيون ٻه ولايتون آهن ،جتي وڻ ته ٿين پر ڇانو نه ٿئي.“ تنهن تي وڏي وزير بي صبرو ٿيندي ڇوڪري کي چيو  : ”منهنجي حياتي بچائيندڙ فرشتا جلدي ڪر ۽ انهن ولايتن جا پار پتا ڏي . ائين نه ٿئي جو بي رحم بادشاهه جا ماڻهو مون کي ڦاسيءَ تي ٽنگي ڇڏين . “ انهيءَ تي ابهم ڌنار کي رحم اچي ويو ۽ وڏي وزير کي چيائين :”اي وزير تنهنجي جان بچائڻ لاءِ آئون توکي ٻنهي ولايتن جو ڏسُ ڏيان ٿو .“ ۽ پوءِ ننڍڙي ڌنار وزير کي چيو ته :”حقيقت ۾ اها ولايت بادشاهي“ آهي ، جنهن ۾ وڻ ته ٿين ٿا ، مگر ڇانو اصل ڪا نه ٿئي . تون سڄي ڄمار بادشاهه جي ڀر ۾ گذاري پنهنجا وار به اڇا ڪري ڇڏيا ، ليڪن محنت ۽ خدمت جو صلو توکي اڄ اهو پيو ڏنو وڃي . اهو ٻڌندي ئي وڏي وزير جو ڪنڌ جهڪي ويو ۽ وڏي ارمان سان چوڻ لڳو ته : ”واقعي مون ائين محسوس ٿي ڪيو ته منهنجي ڄمار بادشاهه جي شفقت ۾ گذري ويندي ، ليڪن اڄ يقين ٿي ويو ته بادشاهه بي رحم وڻ ۾ ڪڏهن به ڇانو نه ٿيندي آهي ، ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اڄ مون کي موت جي منهن مان ڪڍي نه سگهندي . انهيءَ تي ڌنار کيس چيو :”ائين نه چئو وزير صاحب ! مان اوهان کي اهڙو ڏسُ ڏيان ٿو . جنهن مان اوهان جي جان بچي پوندي اوهان بادشاهه کي چئو ته جهنگ اهڙي ولايت ٿئي ٿو ، جنهن جي وڻن يعنيٰ ڪانڊيرن ۾ ڇانو ڪا نه ٿيندي آهي . اهو جواب ٻڌي بادشاهه اوهان جي جان بخشي ڪندو . ڇو ته ظالم نه رڳو بزدل ٿيندا آهن ، پر بيوقوف به ٿيندا آهن . اوهان جو اهو جواب ٻڌي بادشاهه خوش ٿي ويندو . اوهان دلجاءِ ڪريو.“ اهو جواب ٻڌي وزير کي ڪجهه آٿت مليو ۽ ڌنار کانئس موڪلائيندي چيو ته : ”وزير صاحب اسان غريب ماڻهو ڇانو نه ڏيندڙ وڻن کي وڍي ، زمين صاف ڪري رنگ برنگي فصل پوکيندا آهيون ۽ نوان گل ٻوٽا پوکيندا آهيون “ بس هو ائين چئي وزير کان موڪلائي وڃي پنهنجي ڌڻ سان رليو .

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ايڪ ڏون چار

گهڙيال وقت جي ڀير تي چار ڏونڪا وهائي ڪڍيا ، ليڪن وسائيءَ جي ڪنن تائين انهن جو آواز نه پهتو . هوءَ ستُي پئي هئي . دنيا جهان کان بيخبر ! بنهه ائين ڄڻ هوءَ صدين جي ويڙهه کان پوءِ جنگ جيتي بي فڪريءَ سان آرامي ٿي هجي ! ڄڻڪ هن کي انهيءَ ٿڪاوٽ لاهڻ لاءِ اڃا به سمهڻو هجي . سندس ماءُ اچي مٿان بيٺس .

”ڇوري پچر ڇڏ هنڌ جي ، اجهو ٿو ماستر پهچي . اٿي هٿ منهن ڌوئي ٽيوشن لاءِ تيار ٿي .“ ماڻهس کيس اٿاريندي چيو . ”امان آرام ته ڪرڻ ڏي .........“ ننڊاکڙيءَ وسائي مختصر جملو چئي پنهنجو پاسو ورائي ڇڏيو .

”چنڊي ! ڪا عورتن کي ننڊ سونهين ٿي ؟ اٿي جاڳ ، ڇڏ اها نڀاڳ جي ننڊ .“ ماڻهنس وسائي مٿان پيل چادر ڇڪيندي چيو . وسائي کٽ تي اٿي ويٺي . سندس خمار ڀريل اکين مان چڙ جا سمورا رنگ نظر اچي رهيا هئا . هن پهريون اکيون مهٽي گهڙيال ڏي ۽ پوءِ ڪاوڙ مان ماءُ ڏي ڏٺو . جڙي آيس ته ماءُ کي چئي ڏي ته : ”ڪٿي ، ڪڏهن ۽ ڪهڙي عورت کي ننڊ نصيب ٿي آهي ؟ “ مگر هن ماءُ کي ڪجهه نه چيو . ڇو ته کيس پڪ هئي ته ان جي جواب ۾ کيس ٻه ٺپيون ٻڌڻيون پونديون . هوءَ مونن ۾ منهن پائي کٽ تي ئي ويهي رهي ۽ ماڻهس دلجاءِ ڪري وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي . هن ڪنڌ مٿي ڪري وري گهڙيال ڏانهن ڏٺو . چار وڄي ست منٽ ٿيا هئا . هوءَ گهڙيال ڏي ڏسندو ئي رهي . سيڪنڊن وارو ڪانٽو ڊوڙي وڃي پيو منٽن ۽ ڪلاڪن جي ڪانٽن سان ملي ۽ وري انهن کان اڳ ڪڍندو پيو وڃي . وسائي جي ذهن جو ڪانٽو به ماضيءَ ڏانهن تيز تيز ڊوڙڻ لڳو ، ۽ هوءَ خيالن ۾ گم ٿي وئي . اٺن مهينن جي عرصي ۾ هن ٻه ٽيوٽر مٽايا هئا . ساجن سندس ٽيون استاد هو . هوءَ ساجن جي ذهانت جو قدر ضرور ڪندي هئي ، ليڪن جت پنهونءَ جا ڀائرجيان هن کي به باقي ٻين استادن جهڙوئي  سمجهيوهو : مرد جيڪو صدين کان وٺي معاشري جي وڏ ماڻهائپ جو ٺيڪيدار رهيو آهي  ۽ جنهن عورت ذات کي ڏسي وائسي پاڻ جهڙو نه بنجڻ ڏنو آهي ! وسائي انٽر جي امتحان جي تياري ڪري رهي هئي . ليڪن امتحان کان وڌيڪ هن کي فڪر عورتن جي آزاديءَ جو هوندو هو . هن جي دلچسپي ڪتابن ۾ نه پر جيڏين سرتين سان ساڳئي موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ هوندي هئي . اهو  ئي سبب آهي جو هوءَ پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ پٺتي پئجي چڪي هئي . سندس والدين جو خيال هو ته انٽر پاس ڪري ته هن کي شينهن ڪلهي چاڙهيو وڃي . ان ڪري ئي هنن کيس هڪ مٿان ٻيو ٽيوٽر رکي ڏنو ته من گهر ۾ ئي دل لائي ٻه اکر پڙهي وٺي . پر هتي به هن ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ڪري ڏيکاريا . ٻن استادن کي ته ٽڪڻ ئي ڪو نه ڏنائين، ليڪن ساجن جي بردباري، سهپ ۽ سياڻپ اڳيان هن جي تريءَ تيل ئي ڪو نه لڳندو هو . ڏاڍي ڪوشش ڪندي هئي ته ساجن کي ورچائي ۽ رسائي وجهي ، پر هو به اڏول هو ، بنهه جبل جيان .

هوءَ پاڻ استاد ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته :”مون استادن جي ويس ۾ مرد جا ٽي روپ ڏٺا آهن . هڪ روپ فقير جو ، ٻيو روپ ڌاڙيل جو ، ٽيون ساجن جو .“ هوءَ ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته کيس پهريون سر بنهه پينو لڳندو هو، هوءَ جڏهن به وسائي اڳيان ايندو هو ته چپ خشڪ ٿي ويندا هئس . رکي رکي پنهنجي آلي زبان ائين چپن تي گهمائيندو هو ، ڄڻڪ مرلي ٻڌي جوڳيءَ جو نانگ پنهنجي ڄڀ ڦڙڪائيندو هجي . ڳالهائيندو هو ته پيو وڦلندو هو ، هڪ جي بدران وات مان ٻيو نڪري ويندو هئس . پهريون ته ڏسڻ جي ئي ڪوشش نه ڪندو هو، پر جيڪڏهن ڏسڻو پوندو هئس ته ڪن ئي ڳاڙها ٿي ويندا هئس . هر عورت ۽ هر ڇوڪريءَ کي ڏسي سندس اهو حشر ٿيندو هو . هو وسائيءَ جي ئي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو ، ڪاليج جون سموريون ڇوڪريون کيس ”استاد مستانو“ سڏينديون هيون . وسائي ساجن کي ٻڌائيندي هئي ته جڏهن به هوءَ استاد مستاني کي ڏسندي هئي ، تڏهن هرڪو مرد کيس پينو ۽ فقير لڳندو هو . اهڙن فقيرن جي روپ ۾ پوريءَ دنيا جا مرد هن کي هيچ ۽ نيچ لڳندا هئا . سمورن مردن سان نفرت واري جذبي هن کي پنهنجي سر کان به پري ڪري ڇڏيو ، ان ڪري هوءَ ڪڏهن به دل لائي کانئس نه پڙهي ، تان جو ويچارو استاد پاڻهن ڄاڻهن کين جواب ڏئي هليو ويو .

”ڇوري ! هنڌ جي پچر ڇڏيئه يا نه ؟“ وسائيءَ جي ماءُ ٻئي ڪمري مان دانهن ڪئي ۽ هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. ”امان ! اٿي آهيان.“ هن مختصر جواب ڏنو ، وري ٻنهي طرفن کان خاموشي جا آثار محسوس ٿين لڳا .

وسائيءَ جو ويچار ساگر وري بيڪران ٿي ويو . هن جي خيالن جون ڇوليون وري به وڃي ماضيءَ جي ڪنڌيءَ سان لڳيون . هن کي ماءُ جي دڙڪي ڏيڻ تي سندس ٻيو استاد ياد اچي آيو ، جيڪو کيس ”مستاني فقير“ جي ڀيٽ ۾ ”عبدالرحمان ڌاڙيل“ لڳندو هو . سندس والدين هڪ ڪڙڪ ۽ سخت استاد کي ٽيوشن لاءِ ان ڪري رکيو هو ، جو وسائيءَ پهرين استاد کان پٽيون پڙهڻ بدران هن ويچاري کي پٽيون ٻڌرايون هيون ، ان ڪري هن لاءِ هڪ اهڙي استاد جي ضرورت هئي ، جيڪو ڪي قدر هن تي سختي ڪري .

هن استاد جو اهو معمول هوندو هو  ته جڏهن کيس چانهه ڏني ويندي هئي ،تڏهن هو پاڙهڻ بدران وسائيءَ لاءِ نسورو ملان بڻجي ويندو هو . ڳالهه نصيحتن کان شروع ٿيندي هئي ۽ وصيعتن تائين پهچندي هئي.ويچاري وسائي اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري ويندي هئي . ليڪن هو جڏهن مرد  بڻجي ڳالهه ڪندو هو ته هوءَ پنهنجي مٿان آسمان ڪرندو محسوس ڪندي هئي . هن استاد جو اهو جملو کيس هر روز ٻڌڻو پوندو هو  ته ”مرد هڪ اڌورو اڻپورو ۽ ڀٽڪيل روح آهي ، جيڪو صدين کان وٺي پنهنجي ٻئي اڌ جي تلاش ڪندو آيو آهي . “ وسائي ڪڏهن ڪڏهن بي صبري به ٿي ويندي هئي . ۽ کيس چئي ڏيندي هئي ته ”سر ! مرد پنهنجي بهتر اڌ جي تلاش ۾ نه ، پر پوري عورت ذات جي تلاش ۾ سرگردان رهيو آهي .“ هن جي اها تلاش رشتن ۽ روپن جون سموريون حدون اورانگهي ويندي آهي. مرد،  عورت ذات جي قدمن هيٺيان جنت تلاش ڪرڻ بدران ان جي وجود ۾ پنهنجي لاءِ ”بهتر اڌ“ جي تلاش ڪندو رهندو آهي . ويچارو مرد پنهنجي جوڙيل روايتن کان مجبور آهي . هونئن نه ته جيڪر هو پنهنجي ماءُ ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي رشتن ۾ به انهيءَ بهتر اڌ جي تلاش ڪندو رهي .تاريخ شاهد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي روايتون به کيس اهڙي تلاش کان روڪي نه سگهيون آهن .“

وسائيءَ جون اهڙيون ڇوٽ ڳالهيون سندس استاد کي چيڙائي وجهنديون هيون . مگر کيس ”خود سر“، ”ضدي“ ۽ ”ناعاقبت انديش“ ڇوڪري چئي هو پنهنجي ڪاوڙ لڪائي ويندو هو . نه رڳو ايترو ، پر مرد هئڻ جي ناتي سان هو وسائيءَ کي انهيءَ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته عورت کي هر حالت ۾ مرد جي بالادستي مڃڻ گهرجي ، ڇو ته عورت ڪڏهن به مرد جي مٽ ٿي نه ٿي سگهي . اهو ئي سبب آهي ته عورتن مان ڪو به نبي ، پيغمبر يا رسول نه ٿيو . وسائي هر هجت کي رد ڪندي هئي ۽ پنهنجي استاد کي ٻڌائيندي هئي ته :” بلاشڪ عورتن مان ڪو به نبي پيغمبر نه ٿيو ، مگر ڪنهن مرد بيبي مريم وانگر اڪيلي سر نبي پيغمبر کي به جنم نه ڏنو آهي . ان کان سواءِ ائين ڪو نه آهي ته رڳو مرد بهادر ٿيندا آهن ۽ عورتون انهيءَ ڳُڻ کان وانجهيل آهن . مرد سچار ٿيندا آهن ۽ عورتون ڪونه ٿينديون . مرد وطن دوست ٿيندا آهن ۽ عورتون ڪي انهن جي برعڪس ٿينديون آهن . بس فرق صرف اهو آهي ته مرد ڪڏهن عورت جي عظمت کي تسليم نه  ڪيو آهي ۽ هن جو هر روپ لڪائي رکيو آهي . بس ، مرد ذات وٽ عورت جو ڪو روپ آهي ته ننگيءَ مورتيءَ جو  ! جنهن کي هو ڪڏهن برقعي ۾ بند ڪري ٻٽاڪ هڻندو آهي ته هن عورت کي پنهنجو صحيح مقام ڏنو آهي .“

وسائيءَ وري گهڙيال ڏي ڏٺو . ٺيڪ ساڍا چار ٿيا هئا ، هوءَ ٽپ ڏئي کٽ تان اٿي ، عورت ذات جي دکن دردن جا بادل هن جي ذهن جي آسمان تي ڀرجي آيا . هن فيصلو ڪيو ته هوءَ اڄ سر ساجن سان به هڪ هڪاڻي ڪندي . ڏهه- پندرهن منٽ هن کي تياريءَ ۾ لڳا . هوءَ هٿ منهن ڌوئي ، ڪتاب کڻي ، اچي ڪرسيءَ تي ويٺي ، ٽيبل تي هن طرف کان خالي ڪرسي رکيل هئي . استاد ساجن کي ٺيڪ پنجين وڳي اچڻو هو . هن پنهنجون ٻئي ٺوٺيون ٽيبل تي رکي ، هٿن کي پاڻ ۾ ملائي ، ان تي پنهنجي کاڏي رکي ڇڏي ، تان جو وري  سوچن جا واچوڙا هن کي ورائي ويا .

هن پڪو پهه ڪيو هو ته اڄ سر ساجن سان مرد جي ٻي شاديءَ جي مسئلي تي ڳالهائيندي . هن کي اها خبر هئي ته سندس استاد ٻهراڙيءَ جو آهي . ان ڪري اوس ئي ونيءَ وارو هوندو . پر جڏهن کانئس ٻي شاديءَ بابت پڇيو ويندو ته هن جو جواب هر حالت ۾ هيءَ ئي هوندو ته ”سندس گهر واري ڄٽي آهي ، اها شادي هن جي خواهش مطابق نه ٿي هئي ، پر سندس پيءُ – ماءُ ٻالڪپڻ ۾ هن تي مڙهي هئي ، هوءَ اعليٰ تعليم وٺي انهيءَ ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهي ته هن کي ڪو سمجهڻ وارو هجي . هن جوڪو قدر ڪرڻ وارو هجي . ۽ هن جو ڪو ذهني ساٿ ڏيڻ وارو هجي . “ اهي خيال پچائيندي ، وسائيءَ جي دل ۾ سر ساجن لاءِ پاڻ ڄاتو نفرت ٿيڻ لڳي . هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي ، چي : ”اڳيان ويا وسري ، پويان لڳا مصري ! شهر ۾ اچي هر ڪو مرد هتان جون رنگينيون ڏسي ، ايئن پيو محسوس ڪندو آهي ته ساڻس  ظلم ٿيو آهي . هن کي مٿي ۾ اڻ پڙهي ۽ عقل جي انڌي لڳي وئي آهي . هن کي ٻي شادي ڪرڻ گهرجي، نه ته هو اڌورو ۽ اڻپورو رهجي ويندو . هن کي لکيو پڙهيو ساٿي گهرجي ، جيئن گڏجي قوم جي خدمت ڪري سگهي .“ وسائيءَ ٽوڪ گاڏڙ ”هون“ ڪئي ۽ پنهنجي خيال کان هٿي ، پنهنجي ئي خيال سان ڏنائين : ”هڪ مظلوم عورت جي خدمت ڪرڻ جو به ڍنگ ڪونهي . هليا آهن مڙس سڄي قوم کي سڌارڻ ! ڪوڙا جوڳي ، ڪوڙي جوڳين ريت . مڙئي ٿيو ٻين کي بيوقوف بنائڻو  . اهڙن مڙدن کي ضمير جي به مار نه ٿي پوي . پنهنجي گهر واريءَ کي پڙهائي سيکاري پاڻ جهڙو ڪرڻ بدران هليا آهن پاڻ کي جڳ جهڙو بنائڻ !!“

هن اڃا دل کولي مرد ذات تي ڇوهه ڇنڊيا ئي ڪين ، جو دروازو کڙڪيو . هن اٿي وڃي دروازو کوليو ، جتي کيس سر ساجن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ڪرڻو پيو . هڪ ٻئي جي کيڪار کان پوءِ ٻنهي اچي پنهنجون پنهنجون ڪرسيون والاريون . ساجن پنهنجي ٻانهن واري واچ ڏسندي ، روايتي انداز سان چيو ته :”پنج منٽ وقت کان اڳ پهتو آهيان .“ وسائيءَ طنزيه انداز سان وراڻي ڏني :”هونئن به مرد عورت کان اڳ پيدا ڪيو ويو هو . ان ڪري مرد کي نه رڳو وقت ۾  ، مگر عورت تي به اڳرائيءَ جو حق حاصل آهي .“ ساجن هن ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجي مسڪراهٽ جي ڍال سان وسائيءَ جو وار کائيندي به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي . ليڪن وسائي ته اڄ وڄ جو پاڻي پي ويٺي هئي ، ان ڪري هن پنهنجي استاد کان سوال پڇڻ ۾ ويرم ئي ڪا نه ڪئي : ”سائين ! سمجهان ٿي ته اوهان جي شادي ٿيل هوندي ۽ اوهان کي ابي سڏڻ وارا ابهم ٻار به هوندا ، پر پوءِ هيتري تعليم وٺڻ کان پوءِ ، اوهان کي احساس نه ٿيندو آهي ڇا ته اوهان ٻي شادي به ڪريو . اهڙي عورت سان جيڪا اوهان کي سمجهي سگهي ۽ اوهان جو ساٿ ڏئي سگهي ؟“

في الحال ته سر ساجن وائڙو ٿي ويو ، پر پاڻ سنڀالي چوڻ لڳو : ” وسائي ، تون نه رڳو منهنجي ، مگر مون جهڙن الائي ڪيترن مردن جي دل وٽان ڳالهه ڪئي آهي . منهنجي خيال ۾ نه رڳو ٻي شادي ڪرڻ جو اهو به هڪ مضبوط سبب آهي ، پر اسان جو معاشرو هڪ سنگين مسئلي ۾ مبتلا ٿي ويو آهي . ان جو حلُ به اهو آهي ته مرد ٻي شادي به ڪن . مسئلو هي آهي ته آدمشماريءَ جا انگ اکر ئي بدلبا ٿا وڃن .عورتن جي آباديءَ ۾ روز بروز اضافو ٿيندو ٿو وڃي ۽ مرد گهٽبا پيا وڃن . ان کان سواءِ اسان جي قوم جا مرد هاڻي ته غيرن مان به شاديون ڪرڻ لڳا آهن  ، ان ڪري به پنهنجي عورتن سان ذيادتي ٿي رهي آهي. عورتن سان انصاف ڪرن خاطر ۽ عورت ذات کي زندگيءَ جي خوشين ڏيڻ خاطر مرد کي ٻي شادي ڪرن گهرجي .“

”پر سائين ! .......“ ۽ وسائي وڏ ڦڙي مينهن جيان وسڻ شروع ڪيو : ”عورتون ڪي مردن ڏي قرآن کڻي ته ڪو نه ٿيون وڃن ته هنن کي ونين ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي . هونءَ به اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته هڪ عورت جي خوشين جي باغ مان ٻوٽا پٽي ، ٻيءَ عورت جي اميدن جي چمن کي سينگاريو وڃي . ........مرد ذات ٻيءَ شاديءَ کي پنهنجو حق سمجهي ٿو ، پر جيڪڏهن اهڙو مطالبو عورتون ڪن ته ......؟“

”نه وسائي نه .........“ سر ساجن پنهنجي طرفان صفائي پيش ڪرڻ شروع ڪئي : ”وسائي ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته عورت به اهڙو مطالبو ڪري . جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته معاشرو ئي بگڙجي ويندو . ملڪيت جي ورهاست ڪيئن ٿئي؟ اولاد ڪنهن جو سڏبو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته ڪهڙو غيرت مند مرد اهو تسليم ڪندو ؟“

”سائين مٺيان نه ڀانئجو ........“ وسائيءَ وراڻي ڏيندي چيو :”معاشري ۾ بگاڙو ان ڪري ايندو ، جو هيءُ معاشرو آهي ئي مرد –ڌڻي معاشرو . ملڪيت جو مالڪ به مرد آهي ۽ دولت جا ذريعا به هن جي گوڏي هيٺيان آهن . ان ڪري چئو ٿا ته ورهاست جا مسئلا پيدا ٿيندا . باقي رهيو اهو سوال ته اولاد ڪنهن جو سڏبو  ، تنهن لاءِ عرض آهي ته قيامت جي ڏينهن هر ڪو ماءُ جي نالي سان سڏيو ۽ اٿاريو ويندو . باقي رهي غيرت جي ڳالهه ، سو جيڪڏهن عورت ٻه شاديون ڪري ته مرد کي غيرت اچي ٿي ته اهڙي نموني سان مرد جي ٻيءَ شاديءَ تي به عورت کي غيرت ايندي آهي ، مگر هوءَ زهر جو ڍڪ ڀري ويندي آهي ، ان ڪري جو هوءَ مظلوم آهي . هوءَ خاموش ٿي ويندي آهي ، ڇو جو هن جو آواز چادر ۽ چؤديواريءَ کان ٻاهر ٻڌڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي .“

ساجن خاموشيءَ سان ڏانهنس ڏسندو رهيو . وسائي، جيڪا جوش وچان ڳاڙهي ٿي وئي هئي، جڏهن ڪجهه ٺاپر ۾ آئي ته ساجن کي به ڳالهائڻ جو موقعو مليو :”محترمه ! مذهب ته مرد کي چئن شادين جي اجازت ڏني آهي . تون ته اجايودانهون پئي ڪرين!“ . وسائيءَ جو رتُ ٽامڻي هڻي ويو ۽ هوءَ شروع ٿي :”تنهن جو مطلب ٿيو ته هڪ مرد کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه زالون ضرور هجن . هونءَ نه ته حق ته هن جو چئن زالن تي آهي !“

مون سمجهيو هو ته مرد رڳو ”ايڪ ڏون ڏون“ جو کوڙو پڙهندا هوندا ، پر اوهان سڀئي ته ”ايڪ ڏون چار“ ڪيون ويٺا آهيو . قيامت ۾ ڀل ته ڌڻي تعاليٰ اوهان هڪ هڪ کي ستر حورون ڏئي ، ليڪن هتي اسين اهڙو انياءُ ڪرڻ نه ڏينديوسين “، ۽ پوءِ وسائي ٻار جيان اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳي . هوءَ اڄ تائين روئندي رهي ٿي ۽ شايد قيامت تائين روئندي رهي .

         

لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چهرا

 

اسان جي شاديءَ کي ڀريا ٻه سال گذري چڪا آهن . ايتري عرصي ۾ مندون ته ڇا ، پر ماڻهو به مٽجي ويندا آهن ،ليڪن هن ۾ ڪائي تبديلي ڪا نه آئي . ويتر وقت گذرڻ سان گڏ هو ڄڻ دل لاهيندو رهيو آهي . هن شاديءَ کان اڳ مون ۾ ايتري دلچسپي نه ورتي هئي ، جيترو سندس هينئر حال آهي . گهر ۾ پير پائيندو ته ائين اچي گهوريندو ڄڻ آءٌ ڪا وڃائجي وئي هيس ۽ هن وڏيءَ جاکوڙ کان پوءِ مون کي ڳولهي لڌو هجي . صبح جو ناشتو ڪري اٽيچي کڻي اچي منهنجي اڳيان بيهندو . ڄڻ آءٌ ڪا سينٽ آهيان ، جنهن کي پنهنجي جسم سان لائي پوءِ چائنٺ ڇڏيندو . ان وقت هن جو روپ ڏسڻ وٽان بڻجي پوندو آهي . مان هن جي اکين منجهان سندس اندر جو انسان ڏسي وٺندو آهيان؛ اهو انسان جيڪو شاديءَ کان اڳ به سندس نيڻن ۾ نظر ايندو هو : معصوم ، پياسو ۽ شڪر گذار !

اڄ هو جيئن ٺهي سنبري اچي منهنجي اڳيان موڪلائن لاءِ بيٺو ته آءٌ هن سان چڙي پيس . ڀلا چڙان به ڇو ؟ هن طرف گهڙيال جي گهنٽي پئي مٿو کائي ته اجها ٿي مون کي به گاڏي کڻڻ لاءِ اچي . آءٌ به ته هن وانگر گهر کي جنت بنائڻ لاءِ ملازمت جي دوزخ کي منهن ڏيندي آهيان . مون کي پنهنجي دفتر ۾ وقت تي پهچڻو پوندو آهي . اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو دير سان پهچڻ تي ٻه ٺپيون ٻڌڻيون پيون ۽ ڏينهن جو آغاز ئي موڊ آف سان ٿيو .

ان ڪري اڄ جڏهن هو اٽيچي کڻي اچي اڳيان بيٺو ته پنهنجي ڪاوڙ روڪي نه سگهيس ۽ کيس چئي ويٺس ته :”تو ته ٻارن کان به لنگهائي کنئي آهي . مريو ڪا نه ٿي وڃان جو سڪ ۾ هنيانءُ ٿو ڦاٽئي . ڏند ڪڍي توکي الله واهي نه چيم ، تنهنجي ٽاءِ نه ٺاهيم ۽ وارن ۾ آڱريون نه ڦيرايم ته ڪهڙو آسمان ڪرندو . ڇڏ پچر ته مان به پنهنجي تياري ڪريان “

هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا . هو صوفا سيٽ تي ڊهي پيو ، روئڻ لاءِ ! سڏڪا ڀرڻ لاءِ !! ڄڻ هن کان ڪنهن سڀ ڪجهه کسي ورتو هجي !! مون جيستائين پنهنجي تياري نه ڪئي ، هو اتي ئي ويٺو رهيو ، بنهه پٿر جي مورت بڻيو . مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو اڃا ويهارو منٽ باقي هئا . انهن ويهن منٽن ۾ هن رٺل انسان جي ويهن صدين جا غم لهي پئي سگهيا ، ان ڪري اچي سندس ڀر ورتم ، هن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ ؛ هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ ، هن کي پرچائن لاءِ ۽ پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ .

هن اٻاڻڪيون اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺو . منهنجي لؤن لؤن هن جي سڪ ۽ سچائيءَ جي ساک ڏيڻ لڳي . مون پنهنجو رومال ڪڍي هن جا گرم گرم لڙڪ اگهڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي هن پٿر جي مورتيءَ ۾ جان پوڻ لڳي . هو ڳالهائڻ لڳو :”تون ئي ته مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين ، تون ئي ته منهنجي پناهه آهين . گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ چاهيندو آهيان ته تنهنجي اکين جي طلسمي تالاب مان پنهنجي وجود کي وهنجاريو وڃان ، جيئن ڪنهن جو به جادو اثر نه ڪري . مان پنهنجي اکين ۾ تنهنجي وجود کي اتارڻ چاهيندو آهيان ، جيئن دنيا ۾ توکان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏسي نه سگهان . ....“ هن جي اکين ۾ وري گرم گرم لڙڪ تري آيا .

مون هن جي گردن کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيندي کيس دلداري ڏني :”لڙڪن وارين اکين سان هر شئي ڌنڌلي نظرايندي آهي . اگهي ڇڏ انهن لڙڪن کي ، پسڻ جي ڪوشش ڪر مون کي اصلي روپ ۾ . تنهنجي لڙڪن کي ته مون انهيءَ ڏينهن مرڪن ۾ بدلايو هو ، جڏهن تو منهنجي لڙڪن مان ڀريل وجود جي مٽي ڳوهي هئي ۽ منهنجي حوالي ڪيو هئي پاڻ ته جيئن آءٌ انهن مان هڪ مڪمل مورتي جوڙي سگهان ....“ ۽ پوءِ مرجهايل مکڙي گل جيان ٻهڪي پئي هئي . هو ائين خوش نظر اچڻ لڳو ، ڄڻ صدين جي تلاش کان پوءِ کيس خزانو هٿ آيو هجي . هن پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏانهن ڏٺو :”او ! اٺ منٽ دير ٿي وئي .“ پوءِ تڪڙو تڪڙو گهر کان ٻاهر نڪري ويو . هن کي ويندو ڏسي مون کي ائين لڳو ، ڄڻ هن جي لؤن لؤن ٺري پئي هجي . هن کي جيوت جا سچا پچا رنگ ملي چڪا هجن .

ساجن جي ههڙي هلت ڏسي ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي سمورن مردن لاءِ دل ۾ عزت ۽ احترام جا جذبا جاڳي پوندا آهن . ڌاڙيل ، لٽيرا ، ٺڳ ، بي ايمان ، ۽ دغا باز مردن جا سمورا گناهه ساجن جي ههڙي هلت صدقي ڌوپي ويندا آهن . جيڪڏهن يقين ايندو اٿم ته دنيا جا سڀ مرد ساجن جهڙا نه ٿيندا آهن ، پر ان ڳالهه جي به ترديد نه ٿي سگهندي آهي ته ساجن دنيا جي مردن جهڙو نه آهي . هي بنهه نرالو آهي . ماڻهن ۾ موتيءَ داڻو  .“

ساجن کي آئون ٽن سالن کان سڃاڻان ، يعنيٰ شاديءَ کان هڪ سال اڳ . مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد ٿو اچي ، جڏهن هڪ مهيني جي موڪل کان پوءِ آئون پنهنجي اسڪول ڏانهن وري هيس . منهنجي سهيلين ٻڌايو هو ته اسان جي اسڪول ۾ ساجن نالي هڪ نئون استاد آيو آهي . بنهه ڄاڻ جي کاڻ ، اخلاق جو مجسمو ۽ ذهانت جو ڀنڊار . آئون جڏهن اسڪول پهتس ته هو ٽن ڏينهن جي موڪل تي ويل هو . اهي ٽئي ڏينهن مون پنهنجي سهيليءَ کي مٿو کائيندي محسوس ڪيو . مون کي محسوس ٿيندو هو ته منهنجي سهيلي پاڻ- هرتو پنهنجي خيالن جي پنجوڙ ۾ ڦاسندي پئي وڃي . هوءَ يڪ طرفو ساجن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي . مون کي هن جي حال کي ڏسي رحم ايندو هو . خواهش ٿيندي هيم ته پنهنجي سهيليءَ کي ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايان . هڪ ڏينهن ته کيس کهرو ٿيندي چئي ڏنو هيم ته : ”مرد بي درد ٿيندا آهن . هنن کان متاثر ٿيڻ معنيٰ آهي ، پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ .“ ليڪن منهنجي سهيلي پير ته ڇا پر پنهنجي سسيءَ تي به ڪهاڙا وهائڻ لاءِ تيار ٿي نظر آئي .

نيٺ خير جا ٽي ڏينهن گذريا ، ساجن به آيو . اسٽاف روم کان ڪلاس روم تائين ، سندس شخصيت کان وٺي ڪردار تائين ، هن جي قول کان وٺي فعل تائين ، مون سندس غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو . هٿرادو پنهنجائپ جي ڄار ۾ هو روز بروز پاڻ وڪوڙائيندو ويو . هن پنهنجي وجود جي ڪتاب کي اسان اڳيان کولڻ شروع ڪيو . هن جي زندگيءَ جو هر هڪ باب عظمتن ، نيڪ نامين ۽ چڱاين سان ڀريل نظر آيو ، سواءِ هڪ باب جي جيڪو اڌورو ۽ اڻپورو هو . سواءِ هڪ ڪهاڻيءَ جي جنهن کي هن عنوان ڏين ٿي چاهيو . هو وقت گذرڻ سان پنهنجي شخصيت کي پاڻيءَ جيان اسان اڳيان پلٽڻ لڳو، تان جو اسان کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هن جي شخصيت جو پاڻي اسان جي پيرن کان ٿيندو دماغن جي تهن تائين پهچڻ لڳو آهي . پوءِ اسان ٻئي سهيليون ساجن جي شخصيت ، مسئلن ۽ پنهنجائپ واري روين تي بحث ڪنديون هيونسين . ساجن پنهنجي شاديءَ جي مسئلي تي حد کان وڌيڪ سنجيدو ٿي ويندو هو . هن سان همدرديءَ خاطر ساڻس انهيءَ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ليڪن فيصلي جي ڇڙي منهنجي هٿن ۾ هوندي هئي . جنهن سان آئون ڪنهن به وهم گمان کي نه رڳو پنهنجي، پر پنهنجي سهيليءَ جي ذهن تائين به پهچڻ ڪا نه ڏيندي هيس . ڪنهن عرصي کان پوءِ ساجن اسان لاءِ ڪا ڳجهارت نه رهيو هو . مون کي ياد ٿو پوي ته هو چوندو هو ته :”مان انهيءَ پناهه جو تلاشي آهيان. اهڙي پناهه جيڪا منهنجي گناهن کي باهه بڻجي ساڙي ڇڏي ۽ پاڻي بڻجي منهنجي صلاحيتن جي سائي سلي کي سدابهار ٻوٽو بڻائي . هو چوندو هو ته اڌوري ۽ اڻپوري هئڻ جي باوجود هن سالن تائين پنهنجي ضرورتن ۽ پاڻ کي پنهنجي خول ۾ بند ڪري رکيو هو . انهيءَ وهم گمان ۽ شڪ جي نالي ۾ ته هن کي بنهه هن جهڙو اڌ نه ملندو . هن تي ڪو به رحم ڪري کيس پناهه نه ڏيندو ۽ هن جي اڌوري وجود کي ڪو به مڪمل نه ڪندو .

هو اسان جي اڳيان ائين پاڻ وکيري ڇڏيندو هو ، ڄڻ پنهنجي خول کان ٻاهر نڪري آيو هجي . ڄڻ کيس ڪٿي اميد جو ڪرڻو نظر آيو هجي . هن جي سنجيدگي انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪندي هئي ته واقعي هو اڌورو يا اڻپورو آهي . هو مڪمل ٿيڻ ٿو چاهي . هن کي پناهه گهرجي اهڙي وجود جي ، جيڪو هن جهڙو هجي . اهو وجود ، جنهن جي تلاش ۾ ڄڻ هن صديون گذاريون هجن . اهو وجود جنهن لاءِ هن پنهنجيون سموريون محبتون ، حسرتون ۽ خواهشون سالن کان امانت طور سانڍي رکيون هجن .

ڪڏهن ڪڏهن ساجن جا اهڙا سر ٻڌي ڏاڍي مٺيان به لڳندي هئي . هن سان ، هن جي سمورين خوبين ۽ صلاحيتن جي باوجود نفرت ٿيڻ لڳندي هئي . نفرت ٿيڻ لڳندي هئي هر مرد سان ۽ مرد جي نالي سان . جڙي ايندو هو ته هن کي اهڙيون ٻه - ٺپيون ٻڌائجن جو هميشه لاءِ پنهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏي . مگر اڻڄاتو هن کي معاف ڪرڻو پوندو هو . بي سبب زهر جو ڍڪ ڀرڻو پوندو هو . مگر منهنجي اها خاموشي دامن ۾ هزارين طوفان کڻي آئي . هو هر روز سنجيدو ٿيندو ويو .تڏهن مون محسوس ڪيو ته هو مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي . جيتوڻيڪ هن تي ڪاوڙ به ايندي هئي ، مگر آءٌ ساڻس اڻڄاتل همدردي ڪرڻ کان سواءِ به رهي ڪانه سگهندي هيس . شايد ان ڪري جو هن جي سنجيدگيءَ تي يقين ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي انهيءَ نه ڪيل گناهه جو احساس ٿيڻ لڳو هو ته انهيءَ انسان جو وجود شايد منهنجي ئي هٿان ڀور ڀور ٿيڻ لڳو آهي ، جنهن کي منهنجي سهيلي اڏول ۽ مضبوط سمجهندي هئي . جيڪو خود پنهنجي لاءِ پاڻ به چوندو هو ته جبل جيان سخت هوندي به آءٌ واري وانگر وکرڻ لڳو آهيان .

ايڏن طوفانن آئي به هر ڪو پنهنجيءَ جاءِ تي اڏول رهيو ، ليڪن هڪ ڏينهن واقعي ٿرٿلو آيو . اهڙو زلزلو آيو جو اسان سمورن جي اصولن ۽ عقيدن جي ڌرتي ڌٻي پئي . هو ٻارن جيان بي قابو ٿي ويو . هن جي دل زبا ن بڻجي وئي . هن ائين ڏک ڏني ڄڻ شڪست مڃي هن پنهنجي وکريل وجود کي سميٽڻ جو فيصلو ڪيو هجيس . ڄڻ نا اميديءَ جي تيز هوا . هن جي اندر واري آزاد ٿيل انسان کي وري پنهنجي ذات جي خول طرف ڌوڪڻ شروع ڪيو هجي . هن جي اندر واري انسان ڄڻ ٻارن جيان ضد ڪري نراسائيءَ مان جان ڇڏائي ، ڪنهن پناهه طرف تاڻيندو هجي . ڪنهن وجود کي ائين ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي ، ڪنهن انسان کي پنهنجي ذات جي خول سان نفرت ڪندي ۽ ڪنهن انسان کي مضبوط پناهه جي تلاش ۾ ائين سرگردان ٿيندي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو . کيس ههڙي حالت ۾ ڏسي مون کي هن سان همدردي ٿيڻ لڳي ۽ منهنجي پٿر جهڙي دل به پاڻي ٿي پئي ۽ اهو پاڻي منهنجو اکيون به روڪي نه سگهيون . مون لڙڪن جي اها راند ته همدرديءَ ۾ ڪئي هئي ، ليڪن منهنجي هڪ هڪ لڙڪ مان هن اڻ پڇيو ۽ اڻ ٻڌايو پنهنجي وکريل ۽ ڀريل وجود کي ڳوهڻ شروع ڪيو ، تان جو اهو وقت به آيو جو هن انهيءَ مٽيءَ مان هڪ مورتي جوڙي راس ڪئي . اها مورتي جيڪا پوءِ به اڌوري هئي ، جنهن کي هڪ مڪمل روح جي ضرورت هئي ۽ جنهن کي وري ڊهندو ۽ ڀور ڀور ٿيندو ڏسڻ لاءِ ڪنهن کي به همت ڪا نه هئي .

پوءِ اها بي روح ۽ منتظر مورتي ڏينهن جا ڏينهن اکين آڏو رهي . چپ چاپ ۽ خاموش . تان جو مون پاڻ اڳتي وڌي هن ۾ روح ڦوڪيو . وري وري ڊهڻ کان کيس بچائي ورتو . هن بي جان مورتيءَ ۾ جان پيدا ڪيم ۽ هو جيئرو جاڳندو انسان بڻجي پيو . مخلص ، بي لوث ۽ شڪر گذار انسان .

اهو ساڳيو ئي انسان هر روز ۽ هر صبح گهر جي چائنٺ ڇڏڻ کان اڳ لڙڪن جي راند سان پٿر جي مورتي ۽ مرڪن جي راند سان ٻهڪندڙ گلاب بڻجي ويندو آهي . هن کي ڏسي سوچيندي آهيان ته جيڪڏهن دنيا جي هر هڪ انسان کي ساجن جيان پناهه جي جاءِ ملي وڃي، دنيا جو هر هڪ مرد ساجن جيان مڪمل ۽ ڪامل بڻجي وڃي ته انسانيت جي چهري تان اڻ ڳڻين گناهن جا داغ ائين مٽجي وڃڻ لڳن ، جيئن جبل جي چوٽيءَ تان پيل برف سج جي گرميءَ ۾ ڳرندي ۽ پگهربي رهندي آهي . پر لڙڪن واريون اکيون ۽ مرڪڻ وارا چهرا انسان ڪٿان آڻي ؟

 

چم پرين

تنهن ڏينهن مون ائين ٿي ڄاتو ته نيٺ گونگي پاڻيءَ رنگ ڏيکاريا ۽ حور ٻڏي وئي . مان ائين ٿي سوچيو ته مرد جي روايتي دوکي واري فطرت جي وري تصديق ٿي وئي . مان منير لاءِ ڇا ڇا ٿي سوچيو . ان ۾ منهنجو به ڪهڙو ڏوهه . ڀلا جتي اٺ پهر چاهت کي چکيا تي چاڙهيو وڃي ٿو . جنهن معاشري ۾ عورت کي اڪ جي ماکي ڄاتو ٿو وڃي ، ۽ جنهن دنيا ۾ مرد اکيون پٽيندي ئي فرهاد جو پيءُ ۽ مجنون جون نانو بڻجي وڃي ٿو .......۽ سڀ کان وڌيڪ جتي عورت جهڙي ٻالي ڀولي شئي نه ڳولهي به لڀي پوي . تڏهن مون کي به غلط فهمي ڇو نه ٿئي .

ائين نه هو ، مون کان غلطي ٿي وئي . حقيقت ۾ هڪ دفعو الفت جو الٽو صحيفو پڙهيو ويو . وري هڪ اڻ ٿيڻي ٿي پئي . وري هڪ دفعو عورت پنهنجي روايتي قربانيءَ کان ڪنڌ ڪڍرايو . چريءَ حور پاڻ کي چم پرين ثابت ڪيو .

پنهنجي پيرن تي ڪهاڙا هڻي ها ته ٺهي پيو ، پر هنئين اصولن کان ڇو اکيون ٻوٽيائين. ڪهڙي خبر ته ٻه اکر پيٽ ۾ وجهي ، ڪنهن کي پيٽ ئي ڪو نه ڏيندي . چنڊي جيڪڏهن اڳ ۾ اونت ڏئي ها ته گهٽ ۾ گهٽ عورتپڻي جو نڪ هنئين ته نه وڍجي ها . آءٌ کيس ايئن ڪرڻ نه ڏيان ها . ڇا سمجهندو منير .

وقت وقت جي ڳالهه آهي . اهو به وقت هو جو ڪئمپس جي وڻن جون ٽاريون به نمي نمي هنن جون ڳالهيون ٻڌنديون هيون . ماڻهن جون اکيون ۽ آڱريون هن جوڙي تي کتل هونديون هيون  . کيس منير کان سواءِ ماني گرهه به ڪو نه اڪلندو هو . جڳ جهلي پر هيءَ پاڻ نه پلي . لک کي به ڪک ڪري ڄاڻندي هئي . پر هاڻي وڃي ڪک تي پير پيس . ڪاريءَ کاڌي ڪنهن جاءِ جي . حور سِپَ نه هئي . پر ڪو سَپُ هئي ، منير جي محبت ۽ خلوص واري مينهن موتي نه پر زهر پيدا ڪيو .

نڀاڳيءَ نيٺ اڄ ڦاٽ کاڌو ، چي :”اٺا مينهان دا ڪيها ميلا؟ هو چرن جهنگ ، هو چرن ٻيلا“ ......... مان ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ڪيتروئي سمجهايومانس ته منير تون ۽ مان گڏو گڏي ناهيون  جو هنئين حقيقتون وساري ويهون . ڀلا مان ڪيستائين ٿي انتظار ڪري سگهيس . هڪ هڪاڻي ڪرڻي هئي . سا نيٺ ڪيم . حور کي جي ڇنڻي هئي ته ننهن سان به ڇني ٿي سگهي ، ڪاتي وهائڻ جو ڪهڙو ڪم هيس .

منير کي آءٌ ڏيڍ سال کان سڃاڻان . ابتدائي ڏهاڙي ۾ سڄي يونيورسٽيءَ مان هن ويچاري مسڪينن تي ڪنهن جي به اک ڪا نه ٻڌندي هئي . ڪلاس روم مان نڪري وڃي لائبريري ۾ پوندو هو ، ۽ اتان اٿي وڃي ڪوٺي ۾ پوربو هو . سياري جي سج جيان وڃي ٻن پهرن جو تاءُ ڪيائين . امتحان ٿيا ته سڀني جون اکيون کليون . سڀني کڻي مبارڪن جا جهول ڀري ڏنس . سڄيءَ سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو . پهرين سال هي ڪتابن جو ڪيڙو سڏبو هو ۽ هن سال اسان سڀئي هنجا ڪيڙا ٿي پيا هياسين . ڪلاس ۾ ڪا ڳالهه نه سمجهيسين ته لان ۾ وڃي منير کان پڇبو هو . ان هوندي به مان هن جي ايترو ويجهو نه ويس  . الائي ڇو مون کي منير گونگو پاڻي لڳندو هو . مون کي هن مان ڊپُ ٿيندو هو . هن به وري ڪڏهن مون ۾ ايتري دلچسپي ڪا نه ورتي .

ڪجهه وقت اڳ جڏهن ”لطيف ڊي“ ٿي ملهايوسين . سڀئي ڪم ۾ رڌل هئا ، مان ۽ حور اڪيليون اسٽيج سينگاري رهيون هيونسين . ٻئي اسان کان گهڻو پري هئا منير به هٿن ۾ لغڙن جو بنڊل کڻي اچي اڳيان بيٺو . هيانءُ ئي ڏڪي ويو ، سمجهيم ته ڄاڻ ٿو غريب گن ڪري . چوڻ لڳو :”حور لغڙيون منجهي پيون آهن ، ٿوري مدد ڪيو .“ مان ڇڙٻيندي چيو مانس :”سُٽ ته ڪو نه منجهيو ٿي جو کڻي آيو آهين .“ مون چيو ته منير کي پر مٺيان لڳي حور کي ، چيائين : ”ويچاري جون لغڙيون منجهيون آهن ، پر تنهنجون ڇو متيون منجهي ويون .“مون موٽ ئي ڪا نه ڏني ته هوءَ وڃي ساڻس لغڙيون کولڻ بيٺي . منهن ۾ گهنڊ وڌم پر پرواهه ٻنهي ڪا نه ڪئي .

تنهن وقت ته سن کائي ويس ، پر گهر موٽيوسين ته حور کان اڳيان پويان پلاند ورتم . پر هن وٺُ ئي ڪانه ڏني . الٽو آڪڙجي چوڻ لڳي :”زمانو گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي ، تون آهين جو ........“ مون کيس جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ چيم :”گداڙيءَ کي کڻي موت ته ڀنگن جا گهر تاڙي .“ فلڪ ئي ڪانه ڀريائين . ويتر ايئن ڏک ڏيڻ لڳي ڄڻ ڪوٽ کٽي آئي آهي .

سڀاڻو ٿيو ته منير سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڃي مهمانن جي اڳ تي بيٺي . سوچيم ڇڏ منڊي کي واريءَ ۾ . پر آءٌ کيس ائين به ته ڇڏي نٿي سگهيس . ڇو ته هوءَ نه رڳو منهنجي ساهيڙي هئي بلڪ ماسات به . هو وقت گذرڻ سان گڏ اڳتي وڌندا رهيا، زماني جي رواجي روايتن جا بند ٽٽندا رهيا ، ۽ مان پاڇي جيان سندن پيڇو ڪندي رهيس . ڪڏهن به ٻنهي کي انت بحر نه ڏنم . جڏهن ڏٺم ته پاڻي مٿي کان چڙهندو پيو وڃي ته پوءِ پري رهڻ مناسب نه ڄاتم . اڳي هو ٻه هوندا هئا ، ۽ هاڻي ٽين آءٌ به گڏي مان . ڪلاس روم ۾ ، لان ۾ ، ۽ ڪيفي ٽريا ۾ مطلب ته مون کين ڪڏهن به اڪيلي ٿيڻ  جو موقعو نه ڏنو .

مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته منهنجيون چوڪسي ڪندڙ اکيون به ڪڏهن منير تي لاٽونءَ وانگي ٽڪ ٻڌي بيهي رهنديون . مون ته آئيني کان سواءِ ڪٿي به پنهنجو عڪس نه ڏٺو هو ، پر پوءِ منير جون اکيون مون لاءِ آرسيون ٿي پيون . انهن ۾ پنهنجي جيئري جاڳندي جيو جا عڪس نظر اچڻ لڳا .

اڃا منافقيءَ وارو زمانو هو ، هن تي ڪوڙو ڪلمو پڙهيو هيم . هڪ دفعي اس کائڻ لاءِ ٻاري ۾ ويٺا هياسين . حور ڪلاس ۾ هئي . منير ڪئنٽين مان چانهه کڻڻ ويو . الائي ڇو اندر واري چور منير جي ڊائري کولڻ تي مجبور ڪيو . ڊائري کوليم ته هڪ صفحي تي اکيون کپي ويون . مون پڙهن شروع ڪيو : ”نيٺ هوءَ اڄ رات کڙڪيءَ کان اچي بيٺي ، مان ته پنهنجي پڙهڻ ۾ پورو هيس . مون کي ڪهڙي خبر ته هن سانتيڪي وقت به هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ هوندي . دريءَ جي آواز منهنجا ڪن کڙا ڪيا ۽ هن منهن کوليو :”ڪتابن جا ڪيڙا انهن مڙدن ورقن ۾ ڇا رکيو اٿئي ؟ مان به ته فطرت جو هڪ کليل ڪتاب آهيان ، مون کي ڇو نٿو پڙهين؟“ ڪتاب مان اکيون ڪڍي ڏانهنس ڏٺم . فطرت جو حسين شاهڪار پئي لڳي ....... وار ڄڻ ڪاري گهٽا ، شرابي اکيون ، ڳٽول ڳل ، انهن کان ويتر چپ . ڏند ڄڻ موتيءَ جا داڻا ! کيس نهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺم ۽ دانهن نڪري وئي : ”ڪاش ايترو تنگ دل هجان ها جو رڳو توسان ئي پيار ڪيان ها .“ اکيون ڦيرائي ڪتاب ۾ اٽڪائي ڇڏيم . هوءَ نراس ٿي موٽي وئي . “

منير کي ايندو ڏسي مون جلديءَ ۾ سندس ڊائري ٺپي ڇڏي . هو منهنجي اٻهرائيءَ مان اندازو لڳائي ويو ۽ چيائين :”ڇا ٿي پڙهيئه جنت ؟“ مون کيس جواب نه ڏنو . منير به چپ ٿي ويو . ٻئي چانهه پيئڻ ۾ لڳي وياسين . ياد نه ٿو پوي هن ڪو ٻيو موضوع ڇيڙيو هو . پر جيئن ته آءٌ ڊائريءَ جي ورق ۾ غرق هيس ، ان ڪري کيس ”هان ، هون“ کان سواءِ ڪا به موٽ نه ڏيندي رهيس .آخرڪار منير منهن کوليو :”هيڏي ساري جنت ڊائريءَ جي ننڍڙي صفحي ۾ گم ٿي وئي .“ طنزيه جملو ٻڌي هوش سنڀالي ورتم ، مگر ڄڻ چور پڪڙجي پيو .

منير ڊائري هٿ ۾ ڏيندي چيو :”کولي ڏيکار ڪهڙو صفحو ٿي پڙهيئه ؟“ سوچيم انڌو گهري هڪ اک پر ملنس ٿيون ٻئي . مون به نه ڪئي هم نه تم . ساڳيو صفحو کولي کڻي هٿ ۾ ڏنو مانس . منير هڪ نظر صفحي تي وڌي ۽ پوءِ مون ڏي ڏسي مشڪڻ لڳو . مان ان اڳيان ڄڻ سوال بڻجي ويهي رهيس .منير ڊائري بند ڪري چانهه پيئڻ ۾ لڳي ويو . مگر مون دل ٻڌي ڳالهه کي چوريو :”آخر هوءَ ڪيستائين نراس ٿي پئي موٽندي؟“ هن جي منهن ۾ سنجيدگي اچي وئي ، نرڙ ۾ ٿورو گهنج وجهندي چيائين:”جيستائين ڪو غريب نراس ٿي سگهي ٿو.“ مون کيس وڌيڪ چورڻ لاءِ چيو:”اوهان جو مطلب نه سمجيم.“ ۽ هو شروع ٿيو :

”اڄ ٿورورئي ، اوهان ته صدين کان وٺي مطلب نه پيا سمجهندا اچو....ٿڌو ساهه کڻي وري چيائين :”جي دنيا وارا اسان جو مطلب نه سمجهن ها ته هوند اڄ هي ساري دنيا دلهن جيان نه سينگارجي وڃي ها .“ منير جي اڳ به خبر هيم ته هو نظرياتي ماڻهو آهي . جڏهن به کيس دوستن سان ڳالهائيندي ٻڌو هيم ته غريب ۽ مظلوم عوام ئي سندس موضوع هوندو هو . هو چپ رهندو هو ته اندر جا اڌما پيا اٿلون کائيندا هئا .

مون کي ڄڻ موقعو ملي ويو . هن جي انت لهڻ جو  کڻي پڪو پهه ڪيم . ان ڪري ڀالي ڀولي ٿيندي چيم :”منير ماڻهو اشارن ۽ ڪتابن ۾ ڇو ڳالهائي ......صاف کڻي ڇو نه ٻڌائين .“

ڄڻ سندس جذبن جي درياهه کي کنڊ لڳي ويو: ”جنت ! تنهنجي ماسات حور چري آهي، پاڳل آهي . هن ۽ مون ۾ زمين آسمان جو فرق آهي . هوءَ چم پرين آ ، ۽ منهنجو انهيءَ عقيدي ۾ ايمان ڪونهي .“

مون ڳالهه کي وڌيڪ کولڻ لاءِ چيو: ”منير پيار جي موٽ پيار سان ڏبي آهي ۽ چاهت جي موٽ چاهت سان .“

ڄڻ باهه وٺي ويس :”پيار ، پيار ......ڪو پيار جي وڪالت سکي ته اوهان کان . ائين پيا ڏک ڏيندا ڄڻ پيار جا ٺيڪيدار ئي اوهان آهيو . اوهان پيار آخر چئو ڇا کي ٿا ؟“

مون کيس وائڙن جيان چيو ”پيار ڇا کي ٿا چئون ؟ “ چيائين، ”انهيءَ کي جنهن سسئيءَ کي رڻ ۾ رلهيو ، سهڻيءَ کي درياهه ۾ ٻوڙيو ۽ مومل کي ڏاگهه تي چاڙهيو . ان کي ٿا اوهان پيار چئو نه ؟ مان اهڙي پيار کي ڪو نه ٿو مڃان .“

”ڀلا اوهان ڪهڙي پيار کي ٿا مڃو؟“ مون وضاحت پڇي .

جواب ڏنائين :”جنت ، پيار حسن سان ڪيو ويندو آهي ، ۽ حسن وري ٽن قسمن جو ٿئي ٿو : طبعي حسن، جسماني حسن، ۽ نظرياتي حسن . ماڻهو جڏهن طبعي يا فطرتي حسن سان پيار ڪري ٿو ته وطن جي جهنگ جهر ، مال وٿاڻ ، نديءَ ڪسيءَ ۽ وڻ ٽڻ جو عاشق سڏجي ٿو . ڪوئي جڏهن نظرياتي حسن سان پيار ڪري ٿو ته ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارا هن جو محبوب بڻجي وڃن ٿا ۽ ماڻهو جڏهن جسماني حسن سان پيار ڪري ٿو  ته پوءَ ڪڏهن فرهاد بڻجي پنهنجو مٿو ٿو ڦاڙائي ته ڪڏهن قيس بڻجي مجنون ٿو ٿئي . جسماني حسن ماڻهوءَ کي خود غرض ، مفاد پرست ۽ تنگ دل ٿو بڻائي .........مان ايترو تنگ دل ناهيان .“

آءٌ چپ ڪري سندس فلسفو ٻڌندي رهيس  ۽ هو ساهي کڻي وري چوڻ لڳو . پيار تي تسبيحون پڙهندڙن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته نفرت به اوترو ئي عظيم جذبو آهي جيترو پيار . حقيقت ۾ اها نفرت آهي جا عظيم پيار کي جنم ڏئي ٿي . غريب سان سچي محبت ڪرڻ لاءِ اميرن کي ڌڪارڻو ئي پوندو . ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ لاءِ غدارن کي ڌڪارڻو ئي پوندو .نفرت ۽ محبت شخصيت جا لازمي جزبا آهن ، ٻنهي کي هڪ ئي وقت کڻڻو پوي ٿو ۽ نه ڌار ڌار .“

”پر ،حور توسان پيار ڪري ٿي . هن تنهنجي ڪري ڪيترن سان نفرت ڪئي آهي ......“ مون ڳالهه کي موڙيندي چيو . منير ڄڻ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڀڀڪندي چيائين : اهو نسورو ڪوڙ آهي . هوءَ چم پرين آهي . هوءَ جسماني حسن جي مريض آهي . مان رڳو گوشت جو ٽڪرو ناهيان ، مون کان وڌيڪ منهنجا نظريا اهميت رکن ٿا . اهي مون کان اڳ ۾ توجهه لهڻن ٿا . جنت ، تون ٿي چئين ته هوءَ محبت ڪري ٿي؟ظلم ٿي ڪرين . هوءَ ڪٿي ٿي پيار ڪري ؟ حور ته مون کان اٽي تي اٽو ٿي وٺي . هوءَ هڪ هٿ سان ڏئي ٻنهي هٿن سان وٺڻ ٿي گهري . محبت ئي سهي ، پر محبت ته انهيءَ کي ته نه چئبو آهي . محبت ته قربانيءَ جو نالو آهي ، محبت ته غير مشروط ۽ هڪ طرفو جذبو آهي ........ مون کان وڌيڪ ڪير ٿو محبت ڪري . مان ته اهڙي محبوب جو انتخاب ڪيو آهي ، جو کيس به خبر ڪونهي . بس يار ليکي نه ليکي اسان يار جي ليکي آهيون نه ! “

گهڙيءَ لاءِ ٻئي چپ ٿي ويا سين .پوءِ  وري منير منهن کوليو : ”جنت تون سياڻي آهين ، کيس سمجهاءِ . هوءَ مونکي ايترو تنگ دل نه سمجهي ...... مان هڪ هنڌ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي ڪو نه رهندس. .... هيءَ پوري دنيا حسين هئي ، اسان جي ابن ڏاڏن کان وٺي هن معاشري ، هن دنيا جي ٻهڪندڙ چهري تي رنگ ، نسل ، ذات پات ، ۽ ننڍ وڏائيءَ جا ڪارا ڪارا ليڪا پئي پاتا آهن . مان اهي ميٽي پوري دنيا سان پيار ڪرڻ گهران ٿو .“

 ڏينهن کان وٺي منير مون کي شاگرد کان وڌيڪ فيلسوف ۽ عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ آدرش لڳندو هو . انهيءَ ملاقات منهنجن ڪيترن ئي مفروضن تي منڌيئڙا گهمائي ڇڏيا . انهيءَ گڏجاڻيءَ بعد ئي مونکي پتو پيو ته ساجد ڪيڏو نه ڪوڙ ڳالهائيندو هو . ساجد هن لاءِ ايامن کان ڪات ڪهاڙا تکا ڪري رکيا هئا . اهو ساجد ئي هو جو جنهن منهنجي معصوم دل ۾ منير خلاف نفرت جو ٻج پوکيو هو . جيئن جيئن منير جي آدرشي شخصيت وئي ٿي شاگردن تي اثر ڪندي تيئن تيئن ساجد ويو ٿي گهٽ گهيڙيندو  . حور جي چار چشمي به ويتر کيس وڌيڪ گرم ڪري ڇڏيو هو . سر حيدر به ڪيترا دفعا حور کي شاديءَ جي آفر ڏني هئي . ڳالهه مان جڏهن ڳالهوڙو بڻجي ويو ته حور سندس پيرڊ اٽينڊ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا ، ۽ اها ليٽ وري منير ڀريندو هو . سر حيدر ۽ ساجد مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري پيا ڀوڳيندا هئا . سندن وس ڪو نه هلندو هو . ڇو ته وڇ ڪڏي ڪلي آهر .

منير جي آدرشي شخصيت ۽ سندس ڪردار منهنجي من ۾ سراپ جيان واسو ڪندا ويا . هن اڻڄاتل تبديليءَ مون کان مرڪون ئي کسي ورتيون  ، آءٌ پاڻ لاءِ ائين ڄاڻڻ لڳس ته منهنجو وجود مون لاءِ ناهي ، آءٌ ته غريبن جو سهارو آهيان ۽ مظلومن جو ورثو آهيان . پنهنجي اندر وارين اکين سان آهستي آهستي ذات پات رنگ نسل جا کوپا ڪرندي ڏٺم . ذهن جي زمين ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيڻ لڳو . مان منير کي پنهنجي پوري دنيا جو ورثو ڄاڻڻ لڳم . منير پاڻ غريب هو پر سندس اصول ۽ آدرش امير هئا . مون کيس ، ڪيترائي دفعا مالي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر هو ته رپئي راند ئي ڪو نه ڄاڻندو هو . هر دفعي ائين چوندو هو ته هن دنيا ۾ آءٌ اڪيلو ئي غريب ناهيان، جو منهنجي ٿيون مدد ڪيو . اوهان ڪيستائين اسان کي اهي پن جا ٽڪر پيٽ ۾ وجهندا رهندؤ . جڏهن آءٌ چڙي ويندي هيس ته هو سنجيدگيءَ سان سمجهائيندو هيو ته : ”جنت ! هر ڪو ماءُ پيٽان هٿين خالي اچي ٿو ، هن ڌرتيءَ جي دولت ۽ نعمت سڀني جي گڏيل ميراث آهي . امير ماڻهو ڪو پنهنجي ڀاڳ ۽ بخت جي پٽي هٿ ۾ کنيون نٿا اچن .“

مون ڪيترن ڏينهن کان يونيورسٽيءَ جو منهن به نه ڪيو هو . بيماريءَ اچي ڀر ورتي هئي . تنهن شام حور منهن سڄائي اچي ويٺي . جيءُ خوش ته جهان خوش سو مون کيس اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه ڏنو ۽ اٿندي ويل جملو ڪسيون وئي :”سچ پئي چوين ته ڍنگهرن تي اٽو پئي هاريان ، ٿيو به ائين .“ مون کيس ڪو اتر ڪو نه ڏنو هو . وري هوءَ ورندي شام جو پڇڻ آئي . اڻ پڇيو اچي کلي :”پلئه نه ورتومانس ته منهنجو نالو حور ناهي .“ امڙ اچي نڪتي ان ڪري وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي . مگر منهنجي من ۾ اچي آنڌ مانڌ پئي . ائين پئي سوچڻ لڳس ته متان گونگي پاڻي رنگ ڏيکاريا ۽ حور ٻڏي وئي . مان ائين سوچڻ لڳس ته مرد جي روايتي دوکي واري فطرت جي وري تصديق ٿي وئي ۽ منير منهنجي غير حاضريءَ جو  ڪو ڀرپور فائدو ورتو آهي .

مان منير لاءِ ڇا ڇا نٿي سوچيو ! ان ۾ منهنجو به ڪهڙو ڏوهه هو . ڀلا جتي اٺ ئي پهر چاهت کي چکيا تي چاڙهيو وڃي ٿو ، جنهن معاشري ۾ عورت کي اڪ جي ماکي ڄاتو وڃي ٿو، ۽ جنهن ماحول ۾ نت نون طريقن سان عورت جو استحصال ڪيو وڃي ٿو . تڏهن مون کي به غلط فهمي ڇو نه ٿئي .

مان انهيءَ آنڌ مانڌ ۾ غرق هيس. بيماري به مهلت نه پئي ڏني ته وڃي يونيورسٽيءَ ۾ ڏسان ته مامرو ڪهڙو مچي ويو آهي . حور ته الائي ڪهڙي طرف ڀينڊ اڇلائي وئي هئي . اڄ ٻپهري اچي منهن ڪڍيائين . ڏاڍي خوش پئي ڏسجي ، ڄڻ ڪوٽ کٽي آئي هئي . نڀاڳيءَ نيٺ اڄ ڦاٽ کاڌو ، چي : ”اٺا مينها دا ڪيها ميلا؟ هو چرن جهنگ ، هو چرن ٻيلا .......مان ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو ڪيتروئي سمهجهايومانس ته منير تون ۽ مان گڏو گڏي ناهيون جو هينئن حقيقتون وساري ويهون ڀلا مان ڪيستائين ٿي سندس انتظار ڪري سگهيس . هڪ هڪاڻي ڪرڻ هئي سا نيٺ ڪيم .“

پڇيومانس ته آخر ڳالهه ڇاهي ؟ چيائين :”منهنجو سر حيدر سان مڱڻو ۽ منير جي يونيورسٽيءَ کان نيڪالي .“

”مون ڳالهه نه سمجهي آخر چئين ڇا ٿي ؟“ مون وضاحت طلب ڪئي .

چيائين :”جي ، ها . ڇا ياد ڪندو . هن ڪڏهن عورت جي نفرت نه ڏٺي هئي .“

”ڪو ڏوهه ڪيائين ڇا ؟“ مون وڌيڪ اٻهرائي ۾ پڇيو .

محبت جو جواب محبت سان ڏجي ، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڏوهه ؟ وڃي ڀوڳي ته ڪل پويس .“ حور وڏي فخر سان چيو .

توکي منهن نه ڏنائين نه ، پر يونيورسٽيءَ وارن جون ڪهڙيون ٻليون ماريائين ؟“ مون شڪايت ڪندي چيو .

”نئشنلسٽ ۽ ڪميونسٽ ماڻهن جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي گنجائش ؟“ حور ائين جواب ڏنو ڄڻ يونيورسٽي ئي سندس هئي .

”چئبو اها مهرباني سر حيدر ڪيس ؟ مون چڙ ۾ پڇيو .

چيائين :”ظاهر آ ......پر سجاد ۽ حور به ته اهميت رکن ٿا يا نه ؟“

”او چم پرين حور نسورو قهر ڪيئه .“ مون کان دانهن نڪري وئي .

Good Wishes