ڍوري ناري ۾ حاجي محمد سومري کي قلندر بخش نالي پٽ ڄائو ، جنهن اڳتي هلي پهريون ضلعي لوڪلبورڊ کان سياست جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو . کيس 07 جون 1930ع تي قتل ڪيو ويو . |
25 جنوري 1880ع |
قلندر بخش ولد حاجي محمد صوفي ڳوٺ ڍورو نارو ۾ ڄائو . جيڪو ڪيترو وقت ضلعص لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به ٿي رهيو . |
25 جنوري 1880ع |
عبدالرحمان ولد حافظ محمد يعقوب ڪراچيءَ ۾ ڄائو . هي صاحب اڳتي هلي ناميارو وڪيل ٿيو ۽ ” سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ـــ ” ڪانگريس “ ۽ ” خلافت تحريڪ “ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين . |
17 سيپٽمبر 1880ع
|