“گل حيات جي گنج مان“
“ سوشلزم بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“

facebook 1711629169410 7179093071776665351
    ماڻھن جو خيال آھي تہ روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي قيام کان پوءِ سنڌ  سوشلزم ۽ ڪميونزم جو اثر قبول ڪيو.بلاشڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم سياسي نظريا آھن پر اھي سماجي روپ ۾ سنڌ جي سماج ۾ اوائل کان نظر اچن ٿا. مثال طور اسان چوندا آھيون تہ “ونڊي کاءُ ايمان پاءِ“ ھن جو مطلب بہ اھو آھي تہ ذريعن ۽ وسيلن تي انفرادي نہ پر اجتمائي حق کي سنڌي سماج اوليت ڏني ٿو. سنڌي سماج ۾ “خواھشن“ کان وڌيڪ “ضرورتن“ تي توجه ڏنو ويو آھي. ان ڪري  ماضي قريب تائين ڪرت ڪندڙ ماڻھون ٻئي ڪرت ڪندڙ ماڻھو کان نقدي معاوضو نہ وٺندو ھيو. لوھر حجم کان مفت ۾ وار ٺھرائيندو ھيو، حجم ڊکڻ کان مفت ۾ کٽون ٺھرائي ايندو ھيو. اھڙي ريت  ھاري بہ ھٿين خالي لوھر،واڍي،حجم،ڊکڻ ۽ رنگريز کان پنهنجو ڪم وٺي ايندو ھو. جڏھن بٽئي ٿيندي ھئي تہ ھر ڪنهن کي حصو ملندو ھيو. انهي نظام کي ھڪ نظرئي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت شھيد پنهنجي جان جي قرباني ڏئي “ جو کيڙي سو کائي“ واري ڳالھ ڪئي.
    سنڌ دنيا جي قديم ترين قومن مان ھڪ آھي ان ڪري ھن قوم جا مشاھدا ۽ تجربا باقي ٻين قومن کان آڳاٽا آھن. ان ڪري سوشلزم يا ڪميونزم پوءِ جا نظريا آھن ۽ سنڌي سماج صدين کان وٺي “اجتماعيت“ جو عملي نمونو پيش ڪيو آھي.
   جديد ڪميونزم سنڌي سماج ۽ سياست تي ڪھڙو اثر وڌو؟ انهي سوال جي جواب جي جستجوءَ ۾ منهنجي والد  انگريزن جي دور جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ ان بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. 1926 ۾ ڪميونسٽ حڪومت  ۽ نظام جا اثر سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پوڻ لڳا. اھو ئي سبب آھي جو ڄيٺمل پرسرام انهي سال “ ساميه واد“ ڪتاب لکيو جيڪو دراصل انگريزي مان ترجمو ڪيو ويو ھيو. ھن کان ترت پوءِ وشنو شرما “ ھندستان ڪيئن پائمال ٿيو“ نالي ڪتاب لکيو.ھي اھو دور ھيو جڏھن ھندستان جي وڏين پارٽين ھاريءَ ۽ پورھيت جي مسئلن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پنهنجي پارٽي پروگرام ۾ انهي ڳالھ کي شامل ڪيو.گڏيل ھندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي بہ ٺھي چڪي ھئي. پر سنڌ ۾ سوشلزم يا ڪميونزم ھڪ سياسي نظرئي طور گھڻو پوءِ قبول ڪيا ويا . ليڪن ان دور جي اديبن ۽ ليکڪن سوشلزم ۽ ڪميونزم تي پنهنجي پنهنجي خيال سان لکيو.
مون اڄوڪي پوسٽ ۾ بابا جي نوٽس جي ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي ۽ اھا فيبروري 1927 جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي.   1927 کان وٺي 1947 تائين سنڌ ۾ ڪميونزم جي ڪھڙي ڪارڪردگي رھي؟ اھو تفصيل انهئ فائيل ۾ موجود آھي، جنهن منجهان مون ھڪ صفحي جي تصوير ڏني آھي.  فيبروري 1927 ۾ برٽش ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ سڪلت والا ڪراچي ۾ آيو ھو ۽ ڪنهن مشهور ڪميونسٽ ليڊر جو اھو سنڌ جو پھريون دورو ھيو. ھن جي اچڻ تي جھڙوڪ سنڌ جي نظرياتي حلقن ۾ ھل چل مچي وئي. ڪامريڊ سڪلت والا سنڌ ۾ آيو تہ انگريزي اخبارن نہ رڳو ھن خلاف ھاءِ گھوڙا مچائي، پر ڇوھ بہ ڇنڊيا. 7فيبروري 1927 تي “ ڊيلي گزيٽ“ اخبار جيڪا ڪراچيءَ  مان نڪرندي ھئي، ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ھن ڪامريڊ ۽ ڪميونزم خلاف زھر اوڳاڇيو .“ زرد صحافت“ جو اصطلاح تہ اسان ٻڌو آھي، پر ھن ايڊيٽوريل کي پڙھي مڃڻو ٿو پوي تہ “ زھر صحافت“ بہ ٿيندي آھي. ھن اخبار ڪامريڊ کي جھڙوڪ نسورو گهٽ وڌ ڳالهايو. ھي جملا ملاحظہ  ڪيو.
But in any case, as your presence in Sindh can not possibly benefit a single one of its population,poor or rich, we beg you not to try but to take the first train and steamer back to Batter sea where the poor and ignorant with whom back streets are densely packed,love to hear your torrential talk...
  سنڌ جاگيردارانہ نظام جي انهي جديد دور مان گذري رھي ھئي، جنهن جو بنياد چارلس نيپيئر  1843 ۾ درٻار سڏائي، اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائي انهن کي جاگيرون ڏنيون ھيون. ھي اھو زمانو ھيو جڏھن سنڌ ۾ مزدور يا ھاري طبقو سياسي  ۽ نظرياتي طور تي منظم ٿي نہ سگهيو ھو. ان ڪري اپر ڪلاس سندن نالي ۾ پارٽيون ٺاھي پنهنجي مفادن جي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. “ ھاري پارٽي“ شروع ۾ ھارين ڪا نہ ٺاھي ھئي پر زميندارن، پيرن ۽ صنعتڪارن ٺاھي ھئي ۽ پوءِ انهي اڳتي ھلي عوامي پارٽيءَ  ۽ ھارين جي حقداريءَ جو روپ ورتو. بابا سائين جي ھن نوٽس ۾ سنڌ جي انهيءَ سياسي ۽ نظرياتي تبدليءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي . 1946 ۽ 1947 ۾ سنڌ ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽيون ٺھيون جن منجهان “ دي سوشلسٽ پارٽي“، “ سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي“ ۽ “ فرينڊس آف سوويت يونين“ ذڪر لائق آھن. انهن پارٽين جي ڪارڪردگي بابت گھڻو ڪجه مواد بابا سائين جي ورتل نوٽس ۾ موجود آھي. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي تفصيل سان ڪا تحقيق نہ ٿي آھي. جيڪڏھن ڪنهن اداري يا فرد کي انهي موضوع تي ڪم ڪرڻ جي خواھش ٿي تہ گل حيات جا دروازا ۽ اسان جون دليون انهي لاءِ کليل رھنديون.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes