ممتاز علي پٺاڻ.
“ ١٧ آڪٽوبر ١٩١٩-سنڌ جي سياسي شعور جو ڏينهن".
ترڪيءَ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ترڪيءَ خلاف وڙھندڙ ملڪن (اتحادين) "امن ڪانفرنس" سڏائڻ جو فيصلو ڪيو تہ جيئن ترڪيءَ تي پنهنجي مرضيءَ جا شرط مڙھي سگهجن. سنڌ جي مسلمانن انھيءَ صورتحال کي آڏو رکي فرنگي حڪومت تي زور رکڻ لاءِ تہ ترڪيءَ کي وڌيڪ نقصان نہ ڏنو وڃي, 17 آڪٽوبر 1919 تي سنڌ ۾ گڏجاڻين ڪرڻ ۽ ٺھراءَ پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سنڌ واسين جي هن فيصلي پٺيان سندن سوچن ۽ لوچن جا هي روپ رنگ موجود هئا:
1). اسلام دوستي,
2). مظلوم ترڪيءَ سان همدردي,
3). فرنگي حڪومت لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو رويو.
هن دور ۾ سنڌي اخبارن جو ڪال هو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي سرگرمين بابت انگريزي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿينديون هيون. سرڪار پرست اخبارن ۾ اهڙيون خبرون شايع ئي ڪونہ ٿينديون هيون. اهڙيءَ صورتحال ۾ منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ ۽ هند جي اخبارن جو مطالعو ڪري, هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي ورتي تہ سنڌ جي ڪهڙن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ 17 آڪٽوبر 1919 تي گڏجاڻيون ٿيون. انھيءَ رپورٽ جو اختصار هتي پيش ڪريان ٿو, جنهن مان عام سنڌيءَ جي سياسي شعور ۽ سنڌ ۾ سياسي بيداريءَ جو پتو پئي ٿو:
1. لاڙڪاڻو: هن گڏجاڻيءَ ۾ جان محمد جوڻيجي, پيرزادي عبدالغفار, سيٺ خداداد سرهيئي, پير تراب علي شاھ, پير امام الدين راشدي, مولوي محمد سليمان, پير سيد علي انور شاه راشديءَ وغيره شرڪت ڪئي.
2. سکر : هتي معصوم شاه جي مناري ڀرسان گڏجاڻي ٿي. خاص ڳالھہ اها هئي تہ ان ۾ ھندن جي وڏي ۽ پرديدار مسلمان عورتن بہ شرڪت ڪئي.
3. راڌڻ: هتي سيد مصري شاه جي صدارت ۾ جلسو ٿيو.
4. ڳوٺ قاضي محمد عارف:
5. پير جهنڊو:
6. باقراڻي روڊ: هتي پير محمد فتح الله شاه گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪئي.
7. ڳوٺ شاه قلي پور تعلقو ڳڙھي ياسين:
8. رڪ: 9. ڳڙھي ياسين: 10. ڳوٺ ڳڙھي ٻڍل تعلقو شڪارپور, 11. ڪراچي, 12. حيدرآباد, 13. ميرپور خاص, 14. هالا پراڻا, 15. امروٽ وغيره.
انھن هنڌن تي گڏجاڻين ۾ جيڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا, انھن جو تت هن ريت آھي:
1). ترڪي سلطنت جي حدن ۾ ڦير گهير نہ ڪئي وڃي.
2). عربستان کي ڇني ڌار ملڪ ڪري نہ ٺاهجي.
3). ترڪيءَ جي "خليفہ المسلمين" واري حيثت متاثر نہ ٿئي.
هن قسم جي معلومات ڏيڻ ۽ ونڊڻ مان اسان کي خبر پئي ٿي تہ سنڌ جي چپي چپي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو آھي ۽ سنڌ جي تاريخ ڪو اهڙو ڏينھن نہ گذريو آھي, جنهن ۾ ڪا سياسي, سماجي, ادبي يا ثقافتي اهميت واري ڳالھہ نہ ٿي هجي. ان ڪري اسان کي جيڪڏهن سنڌ جي جامع تاريخ مرتب ڪرڻي آھي تہ پوءِ طريقي ۽ سليقي سان ايئن ڪم ڪرڻو پوندو, جيئن گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪري رهيو آھي