ممتاز علي پٺاڻ.
”گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
“ تاريخي تقريرن جو وڏو خزانو گل حيات ۾ موجود آھي.“

facebook 1711805069788 7179830851435247932اسان ھميشہ اھا پئي ڪوشش ڪئي آھي تہ گل حيات اداري ۾ اھڙن موضوعن تي مواد گڏ ڪيون جن جي تمام وڏي اھميت آھي ۽ جن تي ڪڏھن ڪم نہ ٿيو آھي. تقريرون ۽ سپاس ناما ۽ ايڊريسون ھڪ اھڙو موضوع آھي جنهن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. پر گل حيات ادارو انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ جي انگريز گورنرن، سياستدانن ۽ مشھور شخصيتن جون تقريرون گڏ ڪيون آھن ۽ انهن منجهان ڪيتريون گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن جن منجهان گھڻي کان گھڻيون شھيد راڻي بينظير ڀٽو جون آھن ۽ ان کان پوءِ چڱيون خاصيون تقريرون اھي آھن جيڪي ڪراچي،لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر ۽ حيدرآباد ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ جي موقعن تي ڪيون ويون. سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ٺھراءَ پيش ڪرڻ وقت جيڪا تقرير ڪئي ھئي اھا بہ ويب سائيٽ تي موجود آھي. پر گل حيات ۾ گڏ ٿيل تقريرن ۽ سپاس نامن مان اھي ٿوريون تقريرون آھن جيڪي اسان ويب سائيٽ تي رکيون آھن. اڄ پوسٽ جي شروعات ۾ مون جيڪا اخباري ڪٽنگ جي تصوير ڏني آھي اھا ڊيلي گزيٽ جي 15 ڊسمبر 1924 جي ڪٽنگ جي تصوير آھي جنهن ۾ تڏھوڪي گورنر جيڪا لاڙڪاڻي ۾ تقرير ڪئي ان جو متن موجود آھي. انگريزن جي دور ۾ لڳ ڀڳ سمورا ممبئي جا گورنر ۽1936 کان پوءِ سنڌ جا گورنر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويا ۽ پنهنجون درٻاريون لڳرايون. کين ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سپاس ناما ڏنا. انھي ھيڏي ساري وڏي خزاني جو چڱو خاصو مواد اسان وٽ موجود آھي.اھي گورنر درٻار سڏائي انهن ۾ سرڪار دوست ماڻھن کي لقب القاب، آفرين ناما ۽ ڪرسين تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏيندا ھئا. انگريزن سنڌ جي اپر ڪلاس کي انهيءَ حڪمت عمليءَ وارن زنجيرن سان پڪڙي رکيو ۽ پنهنجو وفادار بڻايو. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڇاڇا مليو؟ انهن ھزارن ماڻھن جي لسٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
“ سياسي چر پر“ جي نالي سان بابا سائينءَ ڪيترا سال اڳ ڪتاب لکيو جنهن ۾ انگريزن جي دور وارن ڪن مشهور سياستدانن جون تقريرون ڏنل آھن. ويب سائيٽ تي رکيل ۽ انهي ڪتاب ۾ ڏنل مواد کان سواءِ ٻيو تمام گھڻو مواد گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ موجود آھي جنهن ۾ گورنرن جون تقريرون،سياستدانن جون تقريرون، ادارن ۽ سياسي پارٽين طرفان ڏنل سپاس ناما پڻ موجود آھن. انهن سياسي پارٽين مان آڳاٽي “سنڌ مسلم ليگ“ ،“ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ، “ ھندوسڀا“ ۽ “ اينٽي سيپريشن موومينٽ“جا سپاس ناما شامل آھن. سياسي پارٽين جي سپاس نامن ۽ سياستدانن جي تقريرن ۾ سنڌ جي سورن جا مذڪور نظر اچن ٿا. اھڙي نموني سان گورنرن جي تقريرن ۾ وري حڪومت جي حڪمت عملين ۽ خدمتن جا تفصيل موجود آھن. انگريزن جي زماني ۾ سياستدانن تمام تفصيلي تقريرون ڪيون ۽ انهن منجهان ڪيتريون تقريرون تہ لڳ ڀڳ 100 صفحن تي مشتمل آھن. “لاڙڪاڻي سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جيڪا صدارتي تقرير ڪئي، اھا ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي. اھڙي نموني سان جمشيد مھتا جيڪا “ جيڪب آباد سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ جي موقعي تي تقرير ڪئي اھا بہ پوءِ الڳ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿي.
اسان وٽ تاريخ دوستي تہ آھي پر“ تاريخي تحقيق“ جو شوق ۽ ڏانء ڪونهي .ان ڪري اسان ماضي تي ڪم بہ ڪري نہ سگهيا آھيون ۽ ان ڪري اسان ڪيترين اھم ۽ ضروري ڳالھين کان بيخبر رھيا آھيون. ان ڪري سنڌ جي تاريخ جا ڪيترا سچا ماڻھون اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا ۽ صورتحال اھا ٿي جو اھي موتي وڃي پاتال ۾ پيا ۽ ڪک حالتن جي پاڻيءَ ۾ مٿي تري بيٺا ۽ اسان انهن کي ئي آدرش ۽ معتبر ڄاڻي ويھي رھيا سين جيڪي آدرشن بدران بت هئا ۽ اھا بتن جي پوڄا اسان جي نظرين جو بنياد بڻجي وئي . انڪر ي ضروري آھي تہ اسان“ تاريخي تحقيقي“ ۾ دلچسپي وٺئون ۽ ماضي جو مطالعو روايتي اندازن جي بدران مختلف زاوين کان ڪيئون. تقريرن ۽ سپاس نامن جو مطالعو بہ پڻ ھڪ نئون زاويو آھي. شال اللہ اسان جي ادارن مان اوندھ ڪڍي ۽ اسان جي ذھنن ۾ ماضي جي مطالعي جي عشق جي ڪا لاٽ ٻاري تہ جيئن اسان کي پنهنجي نظرياتي جوڙ جڪ ۾ ڪي نوان رنگ ملائڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اسان حالتن کي صحيح طريقي سان تبديل ڪرڻ لاءَ نين سوچن ۽ لوچن کان ڪم وٺي سگهئون.
تقريرن سپاس نامن جي پس منظر ۾ بہ اسان جي سماجي روين ۽ انهن جي ڏڦيڙ جون کوڙ ڪھاڻيون موجود آھن. مثال طور لارڊ رپن کي سپاس نامي ڏيڻ واري مسئلي تي “ سنڌ سڀا “ جي گڏجاڻيءَ ۾ حسن علي آفنديءَ ۽ساڌو ھيرانند جي وچ ۾ “ تون ڇا تون ڇا“ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ “سنڌ سڀا “ ٽٽي پئي“ ۽ پوءِ ان مان “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي سان ٻہ پارٽيون جڙيون.سپاس نامن جي اھڙي پس منظر پٺيان لڪيل تاريخي حقيقتن وانگر تقريرن ۾ بہ کوڙ ساريون کلائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڪھاڻيون موجود آھن. ڇو تہ سياستدانن ڳالھيون ڪھڙيون ڪيون ۽ پوءِ ڪم ٻيو ڪيائون. مثال طور جڏھن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ۽ آزاد ڪرڻ واريءَ تحريڪ دوران سنڌ ۾ ڪانفرنسون ٿيون تہ انهن ۾ ڪيترن مسلمان سياستدانن پنجاپ ۽ پاڪستان جي حوالي سان ھڪڙيون ڳالھيون ڪيون ۽ پنهنجي مقصد ماڻڻ کان پوءِ ڳالھين تان ڦري بيھي ويا.
خير مونکي ٻين ڳالھين ۾ پوڻو ڪونهي پر اھا گذارش ڪرڻي آھي تہ گل حيات اداري ۾ تقريرن ۽ سپاس نامن جو وڏو خزانو موجود آھي جنهن دوست يا اداري کي ضرورت پوندي تہ گل حيات جا دروازا سدائين کليل رھندا

Good Wishes