ممتاز علي پٺاڻ
“الوحيد اخبار جي سورن جي مذڪور بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
سنڌي صحافت قائم ٿيڻ کان وٺي عوام کان الڳ نہ رھي آھي. مالي مشڪلاتن، حڪومتي دٻائن ۽ پارٽين جي پريشرن باوجود اخبارن ماڻھن جي مسئلن ۽ ڌرتي جي دردن کي ڪو نہ وساريو آھي . صحافت جي اھڙي شاندار ڪارڪردگي اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ سونھري باب وانگر ھميشہ محفوظ رھندي.
“الوحيد“ اخبار سنڌي مسلمانن جي اھا واحد اخبار ھئي جنهن جون خدمتون ڪڏھن بہ وساري نٿيون سگهجن. ڊاڪٽر خان محمد پنھور مرحوم ھن اخبار تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ھن اخبار جي خدمتن تي روشني وڌئين. ھنن ٻنھي کان اڳ بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) پي ايڇ ڊي ڪئي، جنهن ۾ گھڻن کان اڳ “ الوحيد“ اخبار تي لکيائين.
“الوحيد “ اخبار جو تمام گهڻو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي. 1936 ۾ سنڌ ممبئي پرڳڻي کان الڳ ٿي صوبائي حيثيت ورتي تہ ان جو“ اسپيشل نمبر“ ڪڍيو ويو. انهي نمبر کي ڪجه سال اڳ ٻيھر اهو نمبر ڇپرايو ويو آھي ۽ گل حيات اداري ۾ ان جو نئون توڙي پراڻو ايڊيشن موجود آھي.
1920 کان وٺي 1947 تائين الوحيد ۾“ خلافت تحريڪ“، مسلم ليگ، “ ھندو مسلم لاڳاپا“، شڌي تحريڪ“، “نٿورام جو قتل ۽ قاضي عبدالقيوم کي ڦاهئ جي سزا“ ۽ “ مسجد منزل گاھ تحريڪ“ بابت جيڪو الوحيد اخبار ۾ مواد شايع ٿيو اھو ذري گهٽ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.
الوحيد اخبار“ فيبروري 1920 ۾ جاري ٿي. ھيءُ “ خلافت تحريڪ“ جو زمانو ھيو ۽ سنڌي مسلمان انهي تحريڪ جي ڪري ترڪي جا دوست ۽ انگريزن جا دشمن بڻجي پيا. ھن اخبار جو نالو ئي ترڪي جي حڪمران “ عبدالوحيد“ جي نالي پٺيان رکيو ويو. “ خلافت تحريڪ“ در اصل انگريزن جي سياسي حڪمت عملين جي خلاف ھئي . ان ڪري ھن اخبار کي ڏکيا ڏينهن بہ ڏسڻا پيا. اڄ مون پوسٽنگ جي شروعات ۾ انهي اخبار جي 22 مارچ 1935 جي پھرين صفحي جي تصوير رکي آھي .جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ ڊسٽرڪ ماجسٽريٽ ڪراچئ ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 144 ھيٺ اخبار کي ھڪ مھيني لاءِ بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھي اھي ڏينهن ھئا جنهن ۾ نبي ڪريم صلي اللہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ نٿورام کي ڪورٽ ۾ قتل ڪندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاھي چاڙھيو ويو ھو ۽ ان جي ردعمل ۾ صحافت کان وٺي اسيمبلين جي ايوان تائين وڏو گوڙ ٿيو.دوستن کي ٻڌائيندو ھلان تہ نٿو رام وارو ڪتاب اصل ۾ پنجاب ۾ لکيو ويو ۽ اتي ڇپيو. ليکڪ تي ڪيس ھليو پر ان کي اتي آزاد ڪيو ويو. سنڌ ۾ نٿو رام انهي ڪتاب جو ترجمو ڪري ڇپرايو ۽ ھو پاڻ ڪيس ھلندي ماريو ويو ۽ کيس ماريندڙ غازي عبدالقيوم کي ڦاسي ڏني وئي. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ حالتن ۾ ضابطي آڻڻ لاءِ الوحيد اخبار تي ھڪ مھيني لاءِ نہ ڇپجڻ جي پابندي لڳائي.
“ الوحيد“ تي اھو ڪو پھريون يا آخري سرڪاري عتاب ڪونہ ھيو. ھن اخبار تي سڀ کان پھريون ولي محمد حسن علئ انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 500 ھيٺ بد ناموسي جو ڪيس ڪيو ھو. ولي محمد حسن علي سنڌ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جو فرزند ھيو. ھو ان زماني ۾ اسپيشل ماجسٽريٽ،“ڪراچي ميونسپالٽي جو ميمبر“ ۽ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جو سيڪريٽري ھيو. ھن جو ڪيس 27 آڪٽوبر 1920 تي ڪراچي جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ھليو ھو.
ھن اخبار تي ڪيترائي ڪيس ٿيا ۽ انهن جو مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي ۽ اھو ايترو تہ گھڻو آھي جو ھن موضوع تي ايم فل ڪري سگهجي ٿي.1920 کان وٺي 1936 تائين ھن اخبار سرڪار ۽ سرڪار دوست ماڻھن جي ھٿان ڏاڍو ڀوڳيو. آئون سمورا تفصيل تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان پر ڪن ٿورن ڪيسن جو مختصر احوال ڏيڻ چاھيندس.
قاضي عبدالرحمان الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ھيو. ھن کي ممبئي سرڪار 14 ڊسمبر 1920 تي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 124 الف ۽ 135 ھيٺ جيل ۾ وڌو ڇو تہ هن ھندو مسلم اتحاد ۽ عدم تعاون جي موضوعن تي اداريا لکيا. قاضي عبدالرحمان ڪورٽ جي شنوائين ۾ نہ تہ ڪو بيان ڏنو ۽ نہ وري پنهنجو ڏوھ باسيائين.
1920 ۾ الوحيد اخبار ۾ جن ايڊيٽوريلس ۽ مضمونن سرڪار کي ڏمرائي وڌو، انهن جي لسٽ بابا سائين تيار ڪئي آھي جنهن کي جيئن جو تيئن ھتي ڏيڻ مان مناسب ڄاڻان ٿو .بريڪيٽ ۾ اخبار جي پرچي جي تاريخ ڏني اٿم:
“ڊيلي گزيٽ اخبار ۽ اسان“(5-8-1929)، “بغداد؟“ (19-8-1920)، “ تعليم جو سوال“( 31-8-1920)، “ ھندستان جو مستقبل“( 28-8-1920)،“ مسلمانن جي صورتحال ۽ سندن مستقبل“( 14-9-1920)، “ خلافت جو بچاءُ“( 18-9-1920)، “ انور پاشاجو خط“( 21-9-1920)، “ مسلمانن لاءِ سرڪاري لقبن ۽ ڪائونسلن جو مسئلو“( 6-10-1920)،“ لارڊ ڪرزن ۽ پرشيا“ ( 8-11-1920)، “ دک ۾ ديوالي نہ ملھايو - ڪائونسلن جو بائيڪاٽ ڪيو“ (10-11-1920)،
“ ھندو ۽ مسلمان ڀائر“ ( 16.10. 1920)، “سرڪاري اسڪولن جو بائڪاٽ ڇو ڪجي“ ( 16.10.1920)، “ عدم تعاون اڻٽر آھي“( 2-11-1920) وغيره.
قاضي عبدالرحمان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي ان جو ايڊيٽر ٿيو جنهن کي بہ 10 ھزار روپين جي ضمانت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو.ھن کان پوءِ سيد جمال الدين بخاريءَ کي 25-11- 1922 تي شو ڪاز نوٽس ڏنو ويو،ھو ان وقت الوحيد اخبار جو مئنيجر ھيو .29-11-1922 تي اخبار جي ايڊيٽر دين محمد عليگ کي جيل اماڻيو ويو. جنوري1923 ۾ ھن اخبار جي ايڊيٽر نبي بخش کي 4 سالن جي سزا ڏني وئي. 1936 ۾ ايڊيٽر کي ھزار روپيا ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ڏني وئي. مون ڏاڍو مختصر مختصر اھي ڪجه اشارا ڏنا آھن جنهن تي وڌيڪ تفصيل سان لکي سگهجي ٿو.