ممتاز علي پٺاڻ.
"الرحيم ۾ ڊاڪٽر در محمد جا لکيل مضمون."
سنڌالاجيءَ ۾ بابا سائين 1985 کان 1990 تائين نوڪري ڪئي. انھيءَ عرصي ۾ کيس ڪيترن عالمن ۽ اديبن, شاعرن ۽ صحافين کي ويجهو ڏسڻ پڙھڻ جو موقعو مليو. جيڪي سندس ويجهو رهيا انھن مان علامه قاسمي, محمد ابراهيم جويو, ڊاڪٽر الهداد ٻوھيو, حليم بروهي, سيد ظفر حسن ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جا نالا مون کي چڱيءَ طرح ياد اچن ٿا. ڇو تہ سندن هٿ ڌورائڻ ۽ چانھ پاڻي جو موقعو مون کي ملندو هو.
علامه قاسمي انھيءَ دور جو عالمن جو آفتاب هو. هن جي علمي فياضيءَ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ڪرائڻ جو بنياد وڌو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو قائم رهندو تہ هن گهڻا ڪتاب لکيا. اهڙيءَ طرح علامه قاسميءَ جو نالو بہ قائم رهندو تہ هن گهڻي کان گهڻا پي ايڇ.ڊي ڊاڪٽر پيدا ڪيا.
هي بيبدل عالم بابا سائينءَجو گهڻو قدردان هوندو هو. پاڻ جڏهن "شاه ولي اللُه اڪيڊميءَ" جو ڊائريڪٽر هوندو هو تہ اتان سنڌيءَ ۾ ”الرحيم" رسالو ايڊٽ ڪندو ۽ ڇپرائيندو هو. سندس ئي چوڻ تي باباسائين ڊاڪٽر در محمد "الرحيم" ۾ لکڻ شروع ڪيو. هيءَ ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہ بابا سائينءَجا مضمون ڪو مذھب جي موضوع تي ڪونہ هوندا هئا, پر علامه قاسمي هڪ سنڌ دوست ۽ دل ذھن جو کليل انسان هو, ان ڪري بابا جا مضمون خوشيءَ سان "الرحيم" ۾ ڇپيندو هو.
اڄ ڪلھ مان بابا سائينءَجا لکيل ڪالم ۽ مضمون پيو گڏ ڪريان. "الرحيم" جا پرچا کوليم تہ سندن مضمونن جي لسٽ ھن ريت جڙي پئي:
"درگاه ٺلاه جا ٻه شاه شاعر"(نومبر 1978), "ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم شاعرن جو ڪلام"(جون 1979), " غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو جائزو"- هي مضمون قسطوار ڇپيو.هيءَ ٻي قسط هئي.(سيپٽمبر 1979), "لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم"(جنوري 1980).