ممتاز علي پٺاڻ.
“سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ".

   facebook 1705806978578 7154673033480173308 سڀ کان اڳ ۾ بابا سائين 
(ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) پنهنجي ڪتاب "سياسي چرپر" ۾ سال اڳ اها ڳالھہ لکي تہ آل انڊيا مسلم ليگ گهڻو دير سان سنڌ ۾ شاخ کولي. ان کان اڳ سنڌ ۾ جيڪا مسلم ليگ نالي جماعت هئي, اها سنڌ سطح جي ۽ نج سنڌ جي سياسي پارٽي هئي ۽ ان جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪو بہ واسطو ڪونہ هو. "سنڌ مسلم ليگ" 1930 تائين, بلڪ ان کان پوءِ بہ سنڌ جي عوام جي سياسي خدمت ڪئي.
          گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي خط و ڪتابت جو 1912 کان 1947 تائين جو رڪارڊ پيو آھي. اهو هزاها خطن جو منفرد خزانو آھي, جيڪو بابا سائينءَ گل حيات ۾ گڏ ڪيو آھي.
    آئون جڏهن خطن جي انھن فائيلن جي اوراق گرداني ڪريان ٿو تہ پتو پئي ٿو تہ سڀ کان پهريون خط 04 فيبروري 1912 جو آھي, جيڪو سنڌ مان  آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽريءَ کي لکيو ويو آھي. خط ۾ لکيل آھي:
" تازو هز هائنيس سر آغا خان هتي آيو هو, جنهن صلاح ڏني تہ سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي شاخ کوليو. اوهان کي گذارش ٿي ڪجي تہ پارٽيءَ جا "اغراض و مقاصد" ڏياري موڪليو". پر انھيءَ خط جي موٽ ڪانہ ڏني وئي. ايئن وقت گذرندو رهيو.
      وري 02 نومبر 1917 تي خالق ڏني هال ۾ سنڌي مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ ھن ريت "سنڌ مسلم ليگ" جا عهديدار چونڊيا ويا: يوسف علي علي ڀائي (صدر), رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (نائب صدر), سيٺ غلام علي چاڳلا (اعزازي سيڪريٽري) ۽ حاجي عبدالله هارون (جوائنٽ سيڪريٽري). ان وقت "سنڌ مسلم ليگ" جي باقي ميمبرن جو تعداد 68 هو. سنڌ وارن وري آل انڊيا مسلم ليگ وارن کي هٿ جوڙ ڪئي تہ اسان کي الحاق ڏيو. پر کين خاطر خواھہ جواب ڪونہ مليو. انھيءَ دوران چيلمسفورڊ جي اڳواڻيءَ ۾ هندستان ۾ آئيني سڌارڻ بابت سياستدانن سان ملڻ صلاح ڪرڻ لاءِ ولايت مان وفد آيو. "سنڌ مسلم ليگ" پنهنجي آزاد حيثيت ۾ انھيءَ وفد کي سپاسنامو ڏنو. اهو سپاسنامو گل حيات ۾ موجود آھي.
     ٽي سال گذري ويا. وري سنڌ مسلم ليگ گذارشون ڪيون تہ اسان جي پارٽيءَ کي الحاق ڏيو. ليڪن جواب ڪونہ ملين. 1920 ۾ ”سنڌ مسلم ليگ"جي مرڪزي قيادت هن ريت هئي:
رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), سيٺ حاجي عبدالله هارون (نائب صدر), اي.ايم.احمد (سيڪريٽري) ۽ سيٺ طيب علي علوي (جوائنٽ سيڪريٽري). ان کان سواء سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل تي هي ميمبر هئا: سيٺ غلام علي چاڳلا, مير ايوب, جي.جي.مرزا, محمد خان, شيخ عبداعزيز, شيخ عبدالمجيد, محمد علي محمد, احمد حاجي ڏوسل کتري, ڊاڪٽر نور محمد, حاجي غلام حسين قاسم, ابوبڪر حاجي موسا, فدا حسين ڪوٽياوالا, عبدالله حاجي ذڪريا ۽ لاڙڪاڻي وارو جان محمد جوڻيجو. ان وقت سنڌ مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل 90 ميمبرن تي ٻڌل ھئي. 
       منھنجيءَ هن پوسٽ جي ٻن ڳالهين ڪري اهميت آھي. پهريون هي تہ "سنڌ مسلم ليگ" جو اڻ پڙھيل باب مون دوستن اڳيان آندو آھي ۽ ٻيو تہ مثال ڏئي ثابت ڪيو اٿم تہ سنڌ مسلم ليگ پارٽي هئي ۽ ڪوششن باوجود ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نہ ڏنو.

Good Wishes