ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر“

 
 FB_IMG_1660040260844.jpg
“پهرين سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر". ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيقي ڪم جا طريقا بہ منفرد آھن تہ سليقا بہ نت نوان آھن. هي اهو تحقيقي قلمي پورهيت آھي, جنهن جي حيثيت پنهنجي دور جي محققن ۽ ليکڪن کان بنھہ نرالي آھي. شايد ڪو تڪڙ ڪري, ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي همسري ۽ برابري ڪري نہ ٿو سگهي. مثال ڪري وٺو: سنڌي ماڻھون "پروي ڪائونسل", “ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل", “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل", ”سنڌ اسيمبلي", "مغربي پاڪستان اسيمبلي", نئشنل اسيمبلي", سينيٽ" ۽ ”مجلس شورا" جا ميمبر ٿيا آھن. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن سمورن پارليامينٽرينس جي نالن جي لسٽ موجود آھي ۽ الائي ڪيترن جا وري سوانحي خاڪا ۽ فوٽو بہ موجود آھن. گل حيات ۾ انهن شخصيتن تي ايترو مواد موجود آھي جو هر هڪ تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ پهرين اسيمبليءَ کي "سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي" چيو ويندو. اها 1937 ۾ قائم ٿي. اڄوڪي ڏينھن تائين جيڪي اسيمبليون قائم ٿيون, انھن سمورين جي ميمبرن جا نالا اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل نظر ايندا. مان هتي پهرين سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن جا نالا ڏئي رهيو آهيان: شيخ عبدالمجيد سنڌي, عبدالستار پيرزادو, اکجي رتن سنگ سوڍو, الّله بخش گبول, الّله بخش سومرو, احمد خان سڌايو, مولا بخش سومرو, مير الّله داد ٽالپور, حاجي امير علي لاهوري, ارباب تغوچي, ديوان ڀوڄسنگ, چوئٿرام وليڇا, ڏيئلمل دولترام, دولترام موهنداس, گهنشيام شوداساڻي, گنومل تارچند, مير غلام علي ٽالپور, مير غلام الّله, مير حسين بخش, مخدوم غلام حيدر, پير غلام حيدر, غلام محمد اسراڻ, سيد غلام مرضا شاه, غلام نبي شاه, گوڪلداس ميلداس, هاسارام پمناڻي, لولومل موٽواڻي, ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻي, هوتچند هيرانند, پير الاهي بخش, ايسرداس ورندمل, جعفر خان بڙدي, جمشيد ميهتا, ڄام جان محمد جوڻيجو, جينو ٻائي الانا, ڄيٺي سپاهيملاڻي, قيصر خان بوزدار, خير شاھ, ڪرنل ايڇ. جي ماهن, ميران محمد شاه, محمد علي شاه, محمد ايوب کهڙو, محمد هاشم گذدر, مير محمد چانڊيو, محمد عثمان سومرو, محمد يوسف چانڊيو, نارائڻ داس بيچر, نيوندرام وشنداس, نهچلداس وزيراڻي, نور محمد شاه, ڊاڪٽر ڊي.اين.او سليوان, پرتاب راء خوشحال داس, ڊاڪٽر پوپٽلال, جي.ايڇ. ريسڪن, رسول بخش انڙ, رسول بخش شاه, علي گوهر مهر, رستم جي سڌوا, مير بنده علي ٽالپور, شمس الدين دراني, سيتلداس پيرومل, زين الدين سندراڻي, محمد امين کوسو, سهراب خان سرڪي, مکي گوبندرام, هيرانند کيمسنگ, ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي, غلام حسين هدايت الله, فلاڪهرٽ, ليفٽيننٽ ڪرنل هوسيڪ, فريزر, لالا مينگهراج ۽ تاراچند ڌرمداس

Good Wishes