ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون“
“انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون". هن مرد-معاشري ۾ عورت-ذات سان ڏاڍو انياءُ ٿيندو آيو آھي. سسئيءَ کي رڻ ۾ رولي, سهڻيءَ کي درياھہ ۾ ٻوڙي ۽ مومل کي ڏاگھہ تي مرد-معاشري ئي چاڙھيو ۽ پوءِ وري روئي رڙي انھن کي سورميون بڻائي, کين سنڌي شاعريءَ جي عمارت اڏي سمورين ستني سورمين کي اڄ تائين ياد رکيو آھي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن عورت ذات جي عظمت کي معاشري کان تسليم ڪرائي, کين پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيل طور ڪم آندو ۽ رومانوي داستانن کي قلم بند ڪيو. نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شاهاڻي انگريزن جي دور جو پهريون قلم-ڌڻي هو, جنھن عورت خلاف مرد-ذات جي ستن گناهن تي لکيو ۽ چيو. سندس اهو ڪتاب انڊيا ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو آھي. هن اهو ليڪچر هاسارام پمناڻيءَ جي گذارش تي روهڙيءَ ۾ ڏنو هو. سنڌي عورت پوءِ بہ پنهنجي وجود ۽ حيثيت جي جنگ وڙھندي اچي ٿي ۽ ڏکين حالتن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي خدمت ڪندي اچي ٿي. سنڌياڻي زندگيءَ جي ڪنهن بہ شعبي ۾ پٺتي نہ رهي آھي. فرنگي حڪومت سنڌ ۾ عيسائي عورتن جي همت افزائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ”ليڊيز برٽش امپائير ليگ" ۽ "ينگ وومين ڪرسچن ائسوسيئيشن" جهڙيون جماعتون جڙيون. سنڌياڻن جي سرڪار يا اپر ڪلاس ايڏي وڏي همت افزائي نہ ڪئي, پر سياستدانن پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ ۾ عورتن جون تنظيمون جوڙايون. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي عورت مذھبي بنيادن تي بہ تنظيمون بہ ٺاهيون تہ هندياڻين ۽ مسلماڻين پاڻ ۾ ملي بہ جماعتون ٺاهيون. انھيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا وومينس ڪانفرنسون" بہ ٿيون. مسلمان عورتن واري اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي ۽ 1945ع ۾ وري حيدرآباد ۾ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس ٿي, جنهن تي هندياڻين جي ڇاپ لڳل هئي. اها ارڙھين ڪانفرنس هئي, جيڪا ڀريا چار ڏينھن اين.ايڇ.اڪيڊميءَ جي ايوان ۾ ٿي هئي. ھن آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جي حيثيت هڪ منظم ۽ رجسٽرڊ تنظيم واري هئي. اها 1926ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون اجلاس 1927ع ۾ پوني ۾ ٿيو هو. حيدرآباد واري آل انڊيا وومينس ڪانفرنس 28 ڊسمبر 1945 کان شروع ٿي ۽ 1 جنوري 1946 تي پڄاڻيءَ کي پهتي. ان جي صدارت شريمتي هنسا ميهتا ڪئي هئي. اها مائي ممبئيءَ جي رهواسڻ ھئي. هن ڪانفرنس ۾ آنڌرا, بڙودا, اوڀر بينگال, ڪلڪتي, برار, ممبئي, سي.پي, گجرات, ڪرناٽڪ, گواليار, مهاراشٽريه, حيدرآباد دکن, ملبار, انڊور, ميسور, اوڙيسا, پنجاب ۽ اوڌ کان عورتن جي وفدن ڪهي اچي شرڪت ڪئي. سنڌ مان سوين عورتن ان ۾ شرڪت ڪئي. انھن مان ڪي خاص نالا آھن: سرلا نرسن, سندري ملڪاڻي, ساوتري ميرچنداڻي, پاروتي پهلاجاڻي, راڌاراني ڪشنچند, ايس.سي سمتاڻي, ٺاڪري لکاڻي, موتل آڏواڻي, گوپي جڳتياڻي ۽ وشنيملڪاڻي. حيدرآباد شاخ پنهنجيءَ سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو تہ هن شاخ جون 102 ميمبرياڻيون آھن. شاخ جي هن وقت تائين ڪارڪردگي اها رهي آھي تہ: 1). حيدرآباد ۾ هڪ "ٻال مندر" کوليو ويو آھي ۽ ان ذريعي ٻارن جي ڌرمي تربيت ڪئي وڃي ٿي, 2). عورتن لاءِ ميوزڪ ۽ ڊانس جا ڪلاس شروع ڪيا آھن,3). عورتن ٻارن جي صحت بابت هفتيوار ليڪچر ڪرايا پيا وڃن. آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جو هي هڪ وڏو واقعو ۽ مثالي ميڙاڪو هو. انھيءَ ۾ عورت-ذات سان لڳاپيل سمورن مامرن ۽ موضوعن تي تفصيلي بحث ٿيو, انھن مان ڪي موضوع آھن: صحت, کاڌ خوراڪ, تعليم, ملازمت, ملازم عورتن لاءِ ھائسٽلن ٺاهڻ, عورتن جا گهريلو مسئلا وغيره. هن ڪانفرنس ۾ سياسي حوالي سان ملڪي آزاديءَ کان علاوه فلسطين جي مسئلي تي بہ ٺھراءُ پاس ڪري فرنگي حڪومت جي ندا ڪئي وئي تہ اها مظلوم فلسطينن کي ڏاڍ سان ٿورائيءَ ۾ پئي بدلائي. حيدرآباد جي تاريخ جو هي هڪ اهم واقعو آھي, جيڪو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي. پر جس آھي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن سنڌ جي تاريخ جي واقعن, ڪردارن ۽ ادارن/تنظيمن/پارٽين کي بچايو آھي