ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي“

 
 FB IMG 1660039861101
"هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي". منھنجو والد سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڌر آھي. ڪنهن بہ سياسي پارٽيءَ جو ڪارڪن ڪونهي, پر هر ڪنهن پارٽيءَ جو ايترو مواد گڏ ڪيو اٿس جو اهو انھيءَ پارٽيءَ جي وڏن وڏن عاشقن وٽ بہ ڪونہ هوندو. ورهاڱي کان اڳ 47 ۽ هن دور جي سنڌ سطح وارين سمورين ۽ پاڪستاني سطح وارين سڀني وڏين جو مواد بابا سائينءَ گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيو آھي. انھيءَ مواد تي "سنڌ جي سياسي تاريخ جي انسائيڪلوپيڊيا" نالي/عنوان سان ڪتاب ڇپرائي سگهجي ٿو. "هاري تحريڪ/پارٽي" بہ انگريزن جي دور ۾ ٺھي. سکر بئراج وارو ڪم مڪمل ٿيو تہ سنڌ جي زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خيال آيو تہ هاڻي پوکي راهيءَ لاءِ زمينون الاٽ ٿينديون, ان ڪري پاڻ کي تنظيمون ٺاهڻ گهرجن. ان ڪري هاري ڪانفرنسون ٿيون ۽ هاري پارٽيون جڙيون. ائين ٻہ ٽي ھاري پارٽيون ٺھي ويون. سنڌ ۾ پوءِ هاري پارٽيءَ کي پر خلوص قيادت تہ ملي, ليڪن اها پارٽي عوام ۽ هارين ۾ ايتري مقبول نہ ٿي سگهي, جيئن شهرن ۾ ٽريڊ يونئنيون ڪامياب ۽ مقبول ٿيون. سبب اهو هئو تہ ٽريڊ يونئين ۾ پورهيت ذاتي طور تي پاڻ متحرڪ ۽ شريڪ رهيو. جڏهن تہ هاري پارٽيءَ ۾ هاري گهڻي ڀاڱي "غير متعلق ۽ غير حاضر" شريڪ ٿيو. ڇوتہ هاري بدران پارٽيءَ جي قيادت ٻين هٿن ۾ هئي. ٻيو سبب هي هو تہ ابتدائي دور ۾ ھرين جا اڳواڻ پاڻ کي "ڪامريڊ" چورائي شوشلزم ۽ ڪمينزم واري نظريئي مان پنهنجو دڳ ڳولهيندا رهيا. هنن ڌرتيءَ جي نظريئي ۽ شاھہ عنايت جهڙن آدرشي ڪردارن کي هارين جي سوچن ۽ لوچڻ تي گهٽ اثر انداز ٿيڻ ڏنو. هاري پارٽيءَ سنڌ جي سياسي, نظرياتي ۽ سماجي ڍانچي تي بي مثال ۽ دور رس اثر وڌا آھن. ھن پارٽيءَ تي هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ. ڊي مقالا لکي سگهجن ٿا. پر اسان وٽ ڳالهيون وڏيون ۽ ڪم گهٽ ٿيندو آھي. بابا/گل حيات هاري پارٽيءَ بابت نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي, پر انھيءَ پارٽيءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نون محققن کي اتساهيو بہ آھي ۽ مدد بہ ڪئي آھي. بابا جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئو تہ ان زماني ۾ رتيديري جي علي حسن "معروف" چني جي همت افزائي ڪيائين. مرحوم چني پي ايڇ.ڊيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ تمام وڏو ڪم بہ ڪيو. پر, استاد ۽ شاگرد جي ذھني هم آھنگي ٿي نہ سگهي ۽ چنو بي دليو ٿي پيو. هن هاري تحريڪ تي وڏو مواد گڏ ڪيو هو. باباسائين جڏهن ڏوڪري سائنس ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو ۽ ڪوشش وٺي ڪاليج جو نالو بدلائي "حيدر بخش جتوئي ميموريل سائنس ڪاليج" واريءَ تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين ۽ سندس ئي پرنسپاليءَ واري دور ۾ ڪاليج جو نالو اهو رکيو ويو. اها هاري تحريڪ جي مثالي اڳواڻ حير بخش جتوئيءَ لاءِ بابا طرفان هڪ مڃتا هئي. هن ڪاليج ۾ بابا تحقيقي ڪم ۽ قدوقامت ڪاليج جي استادن کي متآثر ڪيو ۽ هنن بہ تحقيق ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. ڪاليجي استادن مان موهن لعل پريمي, خليل اللّه شيخ ۽ ديدار سولنگيءَ ايم.فل ۾ داخلا ورتي ۽ ڊگريون ورتائون. موھن لعل پريمي ۽ ديدار سولنگيءَ گل حيات مان ڀرپور فائدو ورتو. ديدار سولنگي پوءِ ڪاليج جو پرنسپال بہ ٿيو. هن بابا جي صلاح سان هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪئي. سنڌ جي نالي واري نياڻي ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي جي وني سلمان جوڻيجو بہ هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪري رهي آھي ۽ ان سلسلي ۾ گل حيات ۾ سندس اچڻ ٿيندو رهي ٿو. گل حيات ۾ ھاري پارٽيءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي جهلڪ پڙھندڙن کي بابا جي "واقعاتي تاريخ" ۾ بہ نظر ايندي. هاري پارٽيءَ تي ڪامريڊ حيدر بخش جيڪي بہ پمفليٽ لکيا, اهي گل حيات ۾ موجود آھن. انهيءَ پارٽيءَ جو آئين بہ هتي موجود آھي. هاري پارٽيءَ بابت حير بخش جتوئيءَ جو لکيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بہ گل حيات ۾ آھي. بابا مختلف انگريزي ۽ سنڌي اخبارن مان هاري پارٽيءَ بابت ڪافي نوٽس ورتا, انھن کان سواءِ مسعود کڌر پوش واري هارين بابت سرڪاري رپورٽ بہ گل حيات ۾ آھي. تاج مريءَ هاري پارٽيءَ تي وڏو ڪم ڪيو آھي. هن جا ترتيب ڏنل "هاري حقدار" جا خاص نمبر بہ اسان جي اداري ۾ آھن. پرسو منگهارام ممبئي يونيورسٽي مان Tenancy and Tenant Farming in Sindh جي عنوان تي ايم.ايس سيءَ لاءِ ٿيسز لکي, اها بہ گل حيات ۾ موجود آھي

Good Wishes