ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“
ممتاز علي پٺاڻ. “ 1917 ۽ 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق". انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن سياستدانن سنڌ کان ٻاهر هلندڙ تحريڪن کان متآثر ٿي اهي تحريڪون سنڌ ۾ بہ ھلائڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي معاشري کي ڇيهو رسايو. مثال: غير سنڌي ڪٽر هندن هندستان ۾ ”رام راڄ" قائم ڪرڻ جي تياريءَ ۾ ”شڌي تحريڪ" هلائي تہ لٺ يا چٺ سان مسلمانن کي هندو بڻائجي. اسان جي وڏڙن انھيءَ ٻرندڙ باھہ مان چوچڙي کڻي سنڌ ۾ 1923ع ۾ ”شڌي سڀا" ٺاهي ۽ سنجوڳين کي هندو بنائڻ شروع ڪيو. ايئن سالن جا سال مذھب-مٽائڻ واريءَ هن تحريڪ ۽ ان جي رد عمل سنڌ ۾ تباهي مچائي ۽ نتيجي ۾ مذھبي ڪٽرپڻو سنڌ جي هندو توڙي مسلمان سنڌين جي دلين کي داغدار ڪيو. اهڙي نموني سان سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مسجدن ۽ عبادتگاهن تي هندو-مسلم اختلاف اڀريا تہ انھيءَ باھہ مان سنڌ جي مسلم ليگي سياستدانن الّله بخش سومري جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ ”مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائي. سنڌ جڏهن ممبئيءَ جو حصو هئي تہ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اوڏانھن ويندا ايندا رهيا. انھي پاسي اردو ۽ هنديءَ جي حوالي سان لساني نفرتون چوٽ چڙھيل هيون. اتي اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو هئو ۽ اتي ڪيترن شھرن ۾ , بلڪ جتي ڪٿي مسلمان ٿورائيءَ ۾ ھئا. اسان جي وڏڙن سنڌي مسلمانن اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن سان عملي ۽ علمي طور تي همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي, سنڌ ۾ سندن اردو ٻوليءَ جي حق ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هنن ڪو اردو ٻوليءَ کي "قومي ٻولي" بڻائڻ جي تحريڪ ڪانہ هلائي, پر اردو کي هندوستاني مسلمانن جي وچ ۾ رابطي جي ٻوليءَ طور مڃڻ ۽ مڃرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ تي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳ ئي اختلاف هئا ۽ انھن اختلافن سنڌ جي ڪن مسلمان اڳواڻن کي اردوءَ جي وڪالت ڪرڻ تي آماده ڪيو. سال 1917ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ”اردو ڪانفرنس" ٿي ۽ ان جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي. هن ان وقت جيڪو صدارتي خطبو ڏنو/پڙھيو ۽ اردوءَ جي حق ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا, سي سندس آپ-بيتيءَ واري ڪتاب "سائو پن يا ڪارو پن" ۾ ضرور هوندا. سندس صدارتي تقرير تي سنڌ جي هندو پريس تنقيد ڪئي هئي. اپريل 1918ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو. ان ۾ جن وڏن سياستدانن ۽ ماڻھن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي آھن: غلام حسين هدايت الّله, حيدرآباد جو قاضي سيد ابراهيم شاه, نور محمد وڪيل, مرزا فخر بيگ, قاضي عبدالقيوم, ڊاڪٽر شيخ نور محمد, مرزا سڪندر بيگ, منشي امين الدين, عبدالوهاب خان, عبدالعزيز ۽ ڪئپٽن يار محمد. هن عوامي ميڙاڪي جي صدارت غلام حسين هدايت الّله ڪئي هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ٽي موضوع تفصيل سان بحث ھيٺ آيا. 1). پهريون تہ سنڌي مسلمان "هوم رول ليگ" کان پري رهن, 2). ٻيو, مرزا قليچ بيگ جي اردو-دوستيءَ جو تحفظ ۽ هندو پريس جي حد کان وڌيڪ تنقيد جي مخالفت, ۽ 3). تہ اردو زبان کي هندستان جي رابطي جي زبان (Lingua franca) بنائڻ جي گهر/مطالبو. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترا ٺھراءَ پاس ڪيا ويا, انھن مان هڪ هٿي ڏجي ٿو: That this public meeting of the muslims of Hyderabad Sindh strongly condemms Hindi movement recently started in sindh and expresses its firm and universal conviction that urdu alone can be and should be the lingua frannca of india and supports the resolutions passed by the urdu confrence held at karachi in the last easter that. This meeting strongly condemns the attacks made on Mirza kalich Beg the President to the last urdu confrence and that this meeting supports the views expressed by Mirza sahib in his presidential address. انھيءَ ميڙاڪي سنڌ ۾ اردو کي حيثيت ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي "انجمن ترقي اردو" تنظيم قائم ٿي تہ سيد پير حسام الدين شاه راشديءَ ساڻن هر ممڪن علمي, قلمي ۽ عملي سهڪار ڪيو. اردو-دوستيءَ جو هي ڪاروان اڳتي وڌندو رهيو, تان جو لاڙڪاڻي جي ادب-دوست شاعرن جي قادري گهراڻي اتان "اديب سنڌ" نالي رسالو جاري ڪيو, جنهن ۾ ”اردو معلا" عنوان سان هڪ مستقل سلسلو جاري ڪري سنڌي شاعرن کي اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي تربيت ۽ ترغيب ڏني ۽ کوڙ سارا اردوءَ جا سنڌي شاعر ادبي ميدان ۾ لاٿا.