ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين“

 
 sindh sabha khaa
“سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين". چوندا آھن تہ "اڳ ئي ويٺي هئي رٺي, پوءِ جو پيڪن جو نياپو آيس تہ روئي پئي". انھيءَ مصداق اڳ ئي اسان پاڻ کي پٺاڻ, بلوچ ۽ سيد سڏائي پاڻ کي ٻاهران آيل چئي سنڌ جي ماضيءَ کان جهڙوڪ رشتو ٽوڙي چڪا آھيون, مٿان وري غير جانبدارانہ ۽ مستند لکتون پڙھون ئي ڪونہ ٿا. ان ڪري نہ پاڻ سڃاڻي ٿا سگهون ۽ نہ سنڌ سڃاڻي ٿا سگهون. ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ جي حب جي ڳالھہ ڪندي بہ قول ۽ فعل سان سنڌ جي مفادن کي ڇيهو رسايون ٿا. پاڻ سڃاڻڻ ۽ سنڌ سڃاڻڻ لاءِ اسان کي سچيءَ ۽ مستند تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. جس هجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن ڏينھن رات هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ تي غير جانبدارانہ تحقيق ڪئي آھي. ان مان اسان کي سنڌ جي ٽن دورن (ٽالپور, انگريز ۽ موجوده دور) کي هڪ منطقي ۽ سائنٽيفڪ تسلسل سان پڙھڻ جو موقعو ملي ٿو. آئون بابا جي "نوٽس" ۽ لکت جي آڌار تي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي آڳاٽين سياسي پارٽين بابت لکندو رهيو آھيان. هن کان اڳ مون "سنڌ سڀا" بابت لکيو آھي ۽ ٻڌايو آھي تہ "سنڌ سڀا" سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم هئي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازم بہ اهڙين تنظيمن جا ميمبر ٿي سگهندا هئا. "سنڌ سڀا" ديوان ڏيارام گدومل جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي ۽ 1882ع ۾ قائم ٿي. آڪٽوبر 1884ع ۾ ”سنڌ سڀا" جي گڏجاڻي ٿي تہ جيئن لارڊ رپن کي سندس مدي پوري ٿيڻ تي هندستان ڇڏڻ وقت "مانپر" (شڪريہ ادائيءَ جو ليک) ڏنو وڃي. لارڊ رپن جيڪي ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊس ۾ ميمبرن جي چونڊ جي گنجائش رکي هئي, اها وڏي تبديلي هئي. "سنڌ سڀا" لارڊ رپن کي انھيءَ ڪم ۽ ڪارنامي تي "مانپتر" ڏيڻ لاءِ اها گڏجاڻي سڏائي هئي. حسن علي آفنديءَ انھيءَ رٿ تي راءِ ڏني تہ مڪاني حڪومت ڏيڻ حڪومت جو فرض ھو. لارڊ رپن پنهنجو فرض پورو ڪيو. ان ڪري کيس فقط خط لکي شاباش ڏجي ۽ "مان پتر" نہ ڏجيس. ڏيارام انھيءَ جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪندي چيو تہ لارڊ رپن کي "سنڌ مانپتر نہ ڏنو تہ سنڌ تي لعنت آھي". انھيءَ رويئي حسن علي آفنديءَ کي ڪاوڙائي وڌو ۽ "سنڌ سڀا" جي گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪري اٿي ويو. اها گڏجاڻي "سنڌ سڀا" کي ٽوڙڻ جو سبب ٿي. حسن علي آفنديءَ وڃي پنهنجي "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" ٺاهي. پوءِ بہ هن "سنڌ سڀا" تان استعيفا ڪانہ ڏني. سندس پٽ لڳاتار "سنڌ سڀا" جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. حسن علي آفنديءَ جي پٽ ڪوشش ڪئي تہ "سنڌ سڀا" کان چونڊن لاءِ ”گڏيل تڪ" بدران هندن ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ ”چونڊ تڪ" ٺاهڻ وارو اصول قبول ڪرائي, پر هو ان ۾ ڪامياب نہ ويو. مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعليم يافتہ تعداد گهڻو هو, ان ڪري هو "گڏيل تڪن" مان پنهنجا گهڻا ميمبر چونڊرائي ٿي سگهيا. حسن علي آفنديءَ 1884ع ۾ ئي "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" ٺاهي. هن انهيءَ پليٽ فارم تان "سنڌ مدرسو" قائم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. هوڏانھن "سنڌ سڀا" جو خيال هو تہ "سنڌ مدرسو" قائم ڪرڻ بدران سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪجي. انھيءَ تي "سنڌ سڀا" ۽ "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. هندن جو ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ تي هولڊ هئو. اتان حسن علي آفنديءَ کي مدرسي لاءِ پلاٽ وٺڻ ۾ دشواري محسوس ٿي. ڪن ناعاقبت هندن ڪراچيءَ ۾ حسن علي افنديءَ خلاف چاڪنگ شروع ڪري ڏني. خاص ۽ عام نوشتہ ديوار هي هئو تہ "حسن علي وڪيل, تجهي الّله ڪري ذليل". چاڪنگ اردو ۾ ڪئي وئي. حسن عليءَ جو موقوف هو تہ مسلمان تعليم ۾ پٺتي آھن. ان ڪري هو هنن کي ڪاليج کان وڌيڪ هاءِ اسڪول جي ضرورت آھي. ڪاليج ڀلي کلي, پر هاءِ اسڪول بہ ضرور قائم ٿئي. "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ھڪ جماعت طور ڪم جاري رکيو ۽ "سنڌ سڀا" جي بہ دونھين دکندي رهي. تان جو 5 نومبر 1901 تي "سنڌ سڀا" کي وري سرگرم ڪرڻ لاءِ آخري گڏجاڻي ٿي. 20 نومبر 1901 تي خط و ڪتابت ذريعي رابطا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي, پر نتيجو ڪونہ نڪتو. تان جو 19 آگسٽ 1904 تي "سنڌ هندو سڀا" قائم ڪئي وئي, جنهنجو روح روان سيٺ ھرچند راءِ وشنداس رهيو. ايئين "سنڌ هندو سڀا" سنڌ جي هندن جي ۽ "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" مسلمانن جون سياسي پارٽيون ٿي اڀريون ۽ 1936ع تائين قائم دائم رهيون

Good Wishes