ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام“

 
 Mumtaz 11zon
 
“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام".
    بابا سائين ڪيترن سالن کان صبح, شام, رات ۽ تهجد وقت سوين دوستن کي منظوم سلام موڪليندو رهيو آھي ۽ ڪنهن بہ سنڌي شاعر اهڙو وڏو ادبي ۽ قلمي پورهيو ڪونہ ڪيو آھي, جيڪو ڪنھن ناغي کان سواءِ سالن کان مسلسل هلندو پيو اچي. مون ڪوشش ڪئي آھي تہ بابا سائينءَ جي انھن منظوم سلامن کي محفوظ ڪريان. انھيءَ سلسلي ۾ نوٽس مان ورتل سندس سال 2009ع وارا ڪجھ ڊسمبر مهيني وارا "منظوم سلام " اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آھيان:
********
سر نمائجي يا سر نوائجي، سبق هي حسين کان پرائجي. (صبح جو سلام) 7 محرم 2009/12/25
**
خدا جي بندن جو سکيم احترام، 
حوالي انهيءَ سان، اوهان جو سلام. (2009/12/23)
****
آءُ صبح تون آءُ، دير تہ نہ هاڻي لاءِ، 
سلام صاحب کي جلدي تون پهچاءِ. (2009/12/22)
****
سائين صبح آئيو وئي اجهامي رات، 
سلامن جي سوغات، مون اماڻي اوهان کي. (2009/12/21)
****
ساري رات صبح جو رهيو انتظار، جيئن ماڻيان آئون قرار، چئي سلام صبح جا. (2009/12/20)
*****
صاحب کي سلام، صبح ساري چئيج، 
رتي نہ ات رهيج، جيئن وري سگهين وار تي. (2009/12/18)
****
مقدر ئي منهنجو رسول عربيء جي غلامي هجي، 
سندن امت جي لکيل صبح جي سلامي هجي.،(2009/12/17)
****
اماڻيان اوهان کي صاحب جي بہ سلام، 
سي کڻي اچن جام، دعائون سندي درتان. (2009/12/16)
***
سانگي ساهه پساهه سان، مارون اندرمن، 
تن پنهنوارن پهچن، سلام سهڻي صبح جا. (2009/12/15)
****
سندي دل جي درگاهه جو سلام آهيان،
تنهنجي دعائن جو طالب دوامي آهيان. (2009/12/14)
****
صبح سج سلام پهتئي کڻندي گام، 
معلوم تن کي مام، ته آهيان خادم تنهنجو. (2009/12/13)
*****
سائين سلام خاطر لفظن جي جستجو آ،
تصور جو تنهنجو صاحب، منهنجي دوبدو آ. (2009/12/12)
****
سندي صحت سلامتي چين ۽ خوشحالي، 
گهريم خدا کان بڻجي صبح جو سوالي. (2009/12/08)
*****
صبح جو سلام چوان ته چين ملي پوندو،
روح پوءِ راحت مان کلي پوندو. (2009/12/07)
*****
تهذيب جو گهوارو هي ديس وفائن جو،
نيشان بڻايو ويو، نفرت ۽ جفائن جو. (2009/12/06)
****
صبح جو ان لاءِ رهان پيو منتظر، جيئن اماڻيان مان سنيهو خوب تر. (2009/12/05)
****
دل جون دعائون ۽ صبح جا سلام قبول پون،
خلوص، ادب ۽ بي انت احترام قبول پون. (2009/12/03)
****
اوهان لاءِ اسان جون صبح جون دعائون،قبوليندو خالق نه وينديون اجايون. (2009/12/02)
*****
سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،
صبح جو سائين، رکئي رحم نگاهه سان. (2009/12/01)
****
گهربيون رهبيون اوهان لاءِ دل سان دعائون جام، 
چئبا رهبا اوهان کي ساجهر صبح سلام. (2009/11/26)
****
عقيدت اوهان جي مون لاءِ وکر بي مثال،
خدا رکئي خوش حال، صدقي هنن سلامن جي. (2009/11/25)
****
سلامن دعائن لاءِ صبح مناسب وقت، 
منهنجو  بهتر بخت، جو سلامن بغير نه رهان. (2009/11/23)
*****
صبح جي سلامن کي، جو مليو توکان مان، 
ته اوچو منهنجو شان، نظر ايندو نظرن ۾.  (2009/12/31)
*****
ساجهر رستا صبح جا نيڻن نهاريا، 
سانگي مون ساريا، جيئن سلام چوان صبح جا.،(2009/12/29)
*****
ماڻهون غير محفوظ هتي خاص ۽ عام، 
صبح جو هي سلام، دعا ساري ديس کي. (2009/12/28)
*****
رکئي رب رحيم، سکيو صبح شام، 
منهنجو هي سلام، دوست دعائون دل جون. (2009/12/27)
****
شهادت حسين جي آهي درس اهم، 
مليو هي فهم، ته فتح هردم حق جي.
*****
 (ڏهين محرم)
چئبا سو سلام، چاهي اکيون هجن آليون،
چاهي غم گوندر پاليون، پر سوالي تنهنجي سکن جا. (2009/12/27)
*****
بروز نائين محرم الحرام،
 نبي، آل ۽ امت تي سلام.
 

Good Wishes