ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
انگريزن طرفان 1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ بہ سنڌ ۾ ڪرستان ھئا پر انهن جو ھن ڪري نام و نشان ڪونہ ھيو تہ اھي ڪٿي ڪو شھر ٻڌي يا وسندي ٺاھي ڪونہ ويٺا، پر تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اھي سنڌ ۾ ايندا رھيا ھئا. ملڪ انگريزن جي قبضي ھيٺ آيو تہ اسان جا وڏا جھڙوڪ ڪرستانن جا غلام بڻجي ويا. ڇو تہ انگريز ڪرستان ھئا. انهن جي آمد کان پوءِ سنڌ ۾ ڪرستانن چئن گروپن جو روپ ورتو . ھڪڙا ھئا “ حڪمران ڪرستان“، ٻيا ھئا “ واپاري ڪرستان“، ٽيان ھئا “ مبلغ ڪرستان“ ۽ چوٿان ھئا “ ڏيھي سنڌي ڪرستان“ جن دين مٽائي عيسائيت قبول ڪئي. پرمانند ميوارام ۽ ان کان پوءِ فادر ڪوٽواڻي ٻئي مشھور سنڌي عيسائي ھيا ،جن جا وڏا ھندو ھئا. پرمانند ميوارام جو پيءُ مسلمان ٿيو ھو ۽ ان تي وڏو مامرو ٿيو ھو. ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو جيڪو “ گريٽ شيخ ڪيس“ جي نالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ مشھور آھي. فادر ڪوٽواڻي باگڙجي جو ويٺل ھيو. ھن پنهنجي تر ۾ جيڪي ھندو مسلم اختلاف ۽ جھيڙا ڏٺا، انهن کان متآثر ۽ مجبور ٿي عيسائي ٿيو. باگڙجي واري پاسي مولانا تاج محمود امروٽي جي ھٿ تي ڪيترا ھندو مسلمان ٿيا ھئا. ان ڪري انهي طرف وڳوڙ بہ ٿيا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس بہ ھليا. عيسائي مبلغن جي ڪوششن سان سنڌ جو غريب طبقو، اڪثر ڪري ٻھاريدار عيسائي ٿيو.
سنڌي سماج ۾ چئني قسمن جي عيسائين پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ھنن پنهنجون ڪليسائون ٺاھيون تہ ان کان پوءِ ھندن ۽ سکن بہ پنهنجا ڌرمي ٽڪاڻا ٺاھيا ۽ انهن کي پنهنجي مذھبي ۽ سماجي بيداريءَ جو مرڪز بڻايو.
سنڌ ۾ اڳ ۾ بلاشڪ “ رام ليلائون“ ۽ “ ڊرامائي انداز“ جو ماحول موجود ھئو، پر جديد ڊرامي جي شروعات ڪرستانن ڪئي. انگريزي فوجين جون ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون ھونديون ھيون، جيڪي ڊراما اسٽيج ڪنديون ھيون. انهي کان پوءِ ھندستان جون ناٽڪ منڊليون سنڌ ۾ آيون جن وڏن شھرن ۾ اڪثر ڪري اردو ۾ ڊراما ڪيا. انهن کي ڏسي سنڌي ماڻھن پنهنجا ٿيئيٽر بہ ٺاھيا ۽ ناٽڪ منڊليون پڻ ٺاھيون.
ميڪس ڊينسو ھال ٺھيو تہ اتي فادر بئمبرج 1885 ۾ ادبي سوسائٽي ٺاھي جنهن سالن جا سال ماحول کي گرمائي رکيو. انهي ۾ ھندو توڙي مسلمان ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ ٿيندا ھئا. ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ جديد ادبي تنظيمن جو رواج پيو ۽ سنڌي ماڻھن کوڙ ساريون ادبي جماعتون ٺاھيون. حڪمرانن ۽ دولتمند ڪرستانن پنهنجي سک لاءِ پنهنجو سماجي وايو منڊل ٺاھيو. ڪلبس ۽ جيم خانا ٺاھيا جن ۾ ھندو توڙي مسلمانن کي وڃڻ جي اجازت ڪونہ ھوندي ھئي. انهي صورت حال کي ڏسي ھندن توڙي مسلمانن ۽ پارسين پنهنجون پنهنجون ڪلبس ۽ جيم خانا ٺھرايا. ڪرستانن جون پنهنجون کوڙ ساريون سماجي جماعتون ھيون جن منجهان “يورپين ايسوسيئيشن“ ، “ دي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ۽ “ ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ڏاڍو مشھور ھيون. عيسائين جون اھڙيون سماجي خدمتون ۽ تنظيمون ڏسي سنڌ ۾ ھندن ۽ مسلمانن ، سکن ۽ پارسين لاتعداد تنظيمون قائم ڪيون. گورا ڪرستان حڪمران ھيا ۽ اھو فائدو سندن مبلغن کي مليو جن سرڪاري سرپرستي ۾ اسڪول بہ کوليا ۽ عيسائيت جي تبليغ لاءَ “ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ بہ قائم ڪئي. انهي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ “چرچ مشنري سوسائٽي“ ھوندي ھئي جيڪا پنهنجي دين ڌرم جي تبليغ ڪندي ھئي. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي 1906 ۾ قائم ٿي. لنڊن واري “ رليجس ٽرئڪٽ سوسائٽي“ ۽ “ آمريڪن ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ ھن سنڌ واري سوسائٽيءَ جي مالي ۽ اخلاقي پرگھور لھنديون ھيون. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي جو صدر دفتر ڪراچي ۾ ھو پر ان جون شاخون سکر ۽ حيدر آباد ۾ بہ ھونديون ھيون. ھيءَ سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي مذھب جي ڪتاب ڇپرائي تبليغ ڪندي ھي. ڊيلي گزيٽ جي 11 فيبروري 1925 واري پرچي جي صفحي نمبر 4 تي ٻڌايو ويو آھي تہ 1924 تائين سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ 16900 ڪتاب ڇپرايا. پرمانند ميوارام پاڻ عيسائي ھيو ۽ ھن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ عيسائي مذھب جي وڏي تبليغ ڪئي .ان کانسواءِ عيسائيت تي معياري ڪتاب پڻ لکيا . ھن سوسائٽي لاءِ مرزا قليچ بيگ بہ ڪي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا.
1941 واري آدم شماري ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ فقط ڪراچي ۾ ئي ڪرستانن جو تعداد 17466 ھيو ۽ انهن مان 13000 رومن ڪيٿولڪ ھئا جن مان ڪيترن جو تعلق آئرش اسڪاٽ لينڊ ۽ برطانيه سان ھيو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ تاريخي پيرو کڻي سنڌ ۾ ڪرستانن جي آمد تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي. ان کان پوءِ 1843 کان وٺي 1947 تائين ڪرستانن جي سماجي.،سياسي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت مواد ۽ معلومات جا سوين صفحا گڏ ڪيا آھن. ڪرستانن تي ڪو ٻيو ڪم ڪونہ ڪندو. اسان جي ڪوشش رھندي تہ اسان پاڻ اھو مواد وقت ، وسيلن ۽ سھولتن مطابق ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪنداسين.