ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي تمام وڏيون ۽ مشھور تحريڪون ھليون، انهن مان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ واري جدوجهد، ون يونٽ خلاف تحريڪ ، اي آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊئم ٺاھڻ جي خلاف تحريڪ ذڪر لائق آھن. بنگالين پنهنجا ڳڀرو جوان مارائي پنهنجي ٻولي جو شان رکيو ۽ دنيا وارن انهي قرباني کي نظر ۾ رکندي “ مادري ٻولي جو ڏينهن“ بين الاقوامي سطح تي ملھائڻ شروع ڪيو. اسان سنڌ واسي ٻولي کي اھو حق وٺي ڏئي نہ سگهيا سين. ويتر ايوب شاھي جي زماني ۾ “شريف ڪميشن“ ان کان تدريسي ۽ تعليمي حق بہ کسي ورتو . ان ھوندي بہ ھي تحريڪ اڃا ختم نہ ٿي آھي. سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون سال ۾ ھڪ دفعو ٻولي کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿارينديون آھن.
ون يونٽ خلاف سنڌ وڏيون قربانيون ڏنيون جنهن جو تفصيل بعد ۾ ڏيان ٿو. اي آر ڊي جي تحريڪ بہ سنڌ جي ھڪ بي مثال عوامي تحريڪ ھئي جنهن دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ دنيا اھا ڳالھ مڃي تہ سنڌ جا ماڻھون وڏي سياسي بصيرت رکندڙ آھن ۽ انهن کي احتجاجي تحريڪن ھلائڻ جو ڏانء آھي. ڪالا باغ ڊئم جي مئل مسئلي کي ھر ڪنهن مرڪزي حڪومت ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر سنڌي عوام ھر دفعي انهي ڦوڪڻي مان پئي ھوا ڪڍي آھي.گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن چئني تحريڪن بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي.
اھا سنڌ جي سياسي تاريخ جي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جو ڳٽ انهن وڌو، جن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون. خان بھادر محمد ايوب کھڙي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. پاڪستان ٺھيو تہ سنڌ کان ڪراچي ڇنڻ واري ڳالھ تي ھن ئي شخص ملڪ جي حڪمرانن سان اکيون اکن ۾ ملائي ڳالھايو. پر وقت اھڙو ڦيرو کاڌو جو ھن پاڻ سنڌ ٿالھي ۾ رکي ون يونٽ ٺاھيندڙن کي پيش ڪئي. ھي واقعو سنڌ جي باقي سياستدانن ۽ عوام اکيون ٻوٽي قبول نہ ڪيو پر انهن ھڪ احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽“ سنڌ پراونشل اينٽي ون يونٽ ڪاميٽي“ ٺاھي ورتي. انهي ڪميٽي طرفان احتجاج جو ھڪ ھفتو ملھايو ويو جيڪو 19 آگسٽ 1955 کان وٺي 25 آگسٽ 1955 تائين ھليو.سنڌ اھو سمورو ھفتو جلسي گاھن ۾ پھچي روڊن ۽ رستن تي پھچي وقت جي حڪمرانن کي ٻڌايو تہ اھي پاڪستان سان پيار ڪن ٿا پر سنڌ جي مفادن تي سوديبازي قبول نہ ڪندا. ھن ڪميٽي سنڌ جي مکيه سياستدانن ۽ عوام ون يونٽ خلاف ڇا ڇا ڪيو.، مان اھي ڳالھيون پوءَ ٿو ڪيان، اچو تہ اڳ ۾ انهن سياستدانن ۽ مکيه ماڻھن جي نالن جو مختصر وچور نظر مان ڪڍئون جن هن تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو، ملاحظه فرمايو ڪي نالا: جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي.حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام مصطفا ڀرڳڙي، غلام محمد لغاري.عبدالحميد جتوئي، محمد حفيظ قريشي، عبدالحفيظ لاکو، پير الاھي بخش، ذوالفقارعلي ڀٽو ، محمد ھاشم گذدر. قاضي عبدالرحمان ،دين محمد عليگ وغيره. گل حيات انسٽيٽيوٽ تقريبن انهن سمورن مکيه سياستدانن ۽ ڪارڪنن جي نالن جي لسٽ جوڙي آھي جن ھن تحريڪ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون.
ھن “اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ جي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ جيڪو ان جي دستاويزات ۾ لکيو ۽ ٻڌايو ويو آھي اھو ھي آھي:
1. پاڪستان جو وفاقي جمھوري رياست جي حيثيت ۾ تحفظ ڪرڻ. 2 ون يونٽ کي ختم ڪرڻ. 3. آئيني حقن جي روشني ۾ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ وغيره. ھن ڪميٽيءَ عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻ ۽ تحريڪ کي عوامي بڻائڻ لاء سڄي سنڌ ۾ جلسن ۽ جلوسن جو اهتمام ڪيو. پھرين ڊسمبر1955 کان وٺي 17 ڊسمبر 1955 تائين ڪميٽي جي مکيه اڳواڻن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بہ شامل ھيو،مختلف ھنڌن تي وڏا جلسا ڪيا جھڙوڪ 1-2 ڊسمبر 1955 ٺٽي، 3-4-5 ڊسمبر 1955 حيدرآباد، 6-7 ڊسمبر 1955 ميرپورخاص، 8 ڊسمبر 1955سانگهڙ، 9-10 ڊسمبر 1955 نواب شاھ، 11-12 ڊسمبر 1955 خيرپور ميرس، 13-14 ڊسمبر 1955 سکر، 15 ڊسمبر 1955 جيڪب آباد، 16 ڊسمبر 1955 لاڙڪاڻي، 17 ڊسمبر 1955 دادو .
“اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ ٺاھڻ کان وٺي ان جي گڏجاڻين تائين سائين جي ايم سيد جو مرڪزي ڪردار رھيو ۽ ڪراچي واري سندس رهائشگاه“ حيدر منزل“ ان جي سرگرمين جو مرڪز رھي. حيدربخش جتوئي جھڙو ڄاڻو ۽ لائق ماڻھو وري انهي اينٽي ون يونٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري ھيو. 26 کان 27 آگسٽ 1955 تي ملڪ جي مکيه سياستدانن جو حيدرمنزل تي ئي ميڙاڪو ٿيو ھو جنهن ۾ اولھ پاڪستان جي وڏن سياستدانن حصو ورتو ۽ ھن تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ ڀرپور نموني سان ھلائڻ جو فيصلو ڪيو. اھا تحريڪ ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين ھلي. پر سياسي شعور رکندڙ ماڻھون اھا ڳالھ سمجهن ٿا تہ اوڀر پاڪستان کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي لاءَ “ ون يونٽ ٺاھيو ويو ھو“ پر جڏھن اوڀر پاڪستان مان ھٿ پٽڻ ۽ ان کي ملڪ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو تہ ان وقت ون يونٽ جو ھجڻ اجايو ٿي پيو تنهن ڪري ون يونٽ کي ملڪ ٽٽڻ کان اڳ ئي ٽوڙيو ويو.
ون يونٽ خلاف جيڪا سنڌ ۾ تحريڪ ھلي انهي بابت گل حيات ۾ چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي ئي ورق گرداني ڪري ھن پوسٽ کي لکڻ لاء مواد حاصل ڪيو اٿم. بس ڳالھ ھيءَ ڪرڻي آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڪم جي ڏانء ۽ گڏ ڪيل مواد جي ئي اھا حيثيت آھي جنهن ڪري اسان گل حيات کي ھڪ منفرد ادارو چئي سگهون ٿا.