ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”سنڌي ٻوليءَ دفترن کان تعليمي ادارن تائين ڪيئن راڄ ڪيو؟ “
سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين مان اها واحد ٻولي آھي، جنهن ۾ سڀ کان پهريون قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مختلف دورن ۾ دفتري ۽ درٻاري ٻوليون ٻيون رهيون، پر عوامي ۽ عام ٻولي سنڌي رهي. عربن کان ارغونن، افغانين ۽ مغلن تائين جيڪڏھن حڪمرانن کي سنڌي نہ ايندي هئي تہ عوام کي سندن درٻار ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان روڪ ڪونہ هوندي هئي. درٻاري امير وزير عوام جي سنڌيءَ ۾ ڪيل دانهن ڪوڪ يا ڳاله حڪمرانن کي سمجهائيندا هئا.
اڳتي هلي “ پارسي گهوڙي چاڙھسي“ جو دور آيو ۽ سرڪاري ملازمت ڪرڻ لاءِ فارسي پڙهڻ کي ضروري ڄاتو ويو. پر ان سان سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ۽ ادبي حيثيت متاثر نہ ٿي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ علم ادب تخليق ٿيندو رهيو. اهو سلسلو “ پهاڪن“ ۽ “ اصطلاحن“ کان شروع ٿيو ۽ “ڳاهن“ چوڻ تائين پهتو. “ڳاه“ کان پوءِ “بيت“ جي صنف ايجاد ٿي. پوءِ “ وائي“ ۽ “ ڪافي “ لکي چئي وئي.
جڏھن ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تہ سنڌي ماڻهون درٻاري ۽ سرڪاري ٿيڻ جي احساس ڪمتريءَ ۾ فارسي پڙھڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳا آھن تہ انهن “ ٻولي بچايو “ تحريڪ هلائي . ابوالحسن 1700 ڌاري سنڌي الفابيٽ ٺاهي، جنهن جي نتيجي ۾ خاص طور تي ٺٽي جي ديني عالمن سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ جي ديني ۽ تدريسي حيثيت کي ثابت ڪيو ۽ مڃرايو. هي اهو دور آهي جنهن ۾ لاکيڻي لطيف سنڌي ٻوليءَ جو گهڻ-رخو ڪيس ڳاتو ۽ سنڌ جي حڪمت ، نظريئي ۽ پيغام کي سنڌي ٻوليءَ بيان ڪيو.
ان کان جلد پوءِ سنڌي ماڻھن دنيا اڳيان پنهنجي “ لساني رواداريءَ “ جي حڪمت عملي پيش ڪندي، مختلف ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سچل سرمست اهڙي حلقي جي اڳواڻي ڪئي. هنن ڪوششن اهو ثابت ڪيو تہ سنڌي ماڻھون “ ٻولين کي الله جون نشانيون “ سمجهن ٿا ۽ انهن جو احترام ڪن ٿا.
انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هنن شروعاتي ڏھاڙن کان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، تدريسي ۽ سماجي ڪارج کي تسليم ڪيو. 1848 کان هنن پنهنجي عملدارن لاءِ سنڌي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ کي ضروري قرار ڏنو. 8 مئي 1848 تي ممبئي سرڪار سول ۽ ملٽري عملدارن کان سنڌيءَ جي امتحان وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي. انهيءَ “امتحاني ڪاميٽيءَ“ پهريون دفعو عملدارن کان سنڌيءَ جو امتحان ورتو.
هن زماني ۾ “ سنڌي لپي“ ڪا نہ جڙي هئي، پر ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. ڪئپٽن اسٽئڪ “ سنڌي گرامر “ لکي ۽ 19 جنوري 1849 تي سرڪار کي خط لکيو تہ سندس ڪتاب جي قيمت مقرر ڪئي وڃي ۽ هن کي انهيءَ ڪم جو معاوضو ڏنو وڃي.
6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر (نمبر 1825) ڪڍي سنڌ جي فوجي ۽ سولين عملدارن کي سنڌيءض جي امتحان ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو. اهڙا امتحان پوءِ سال ۾ هڪ دفعو ٿيندا هئا. 16 اپريل 1857 تي اهو لازمي قرار ڏنو ويو تہ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمت جي لاءِ درخواست ڏيڻ وقت تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل “سنڌي پاس“ سرٽيفيڪيٽ ضرور پيش ڪن. ابتدائي دفتري لکپڙه سنڌي ٻوليءَ جي امتحان جي موضوع تي ڀري پئي آھي. انهيءَ جا سمورا تفصيل ھتي ڏيڻ مناسب نہ آھن مان ھڪ ٻن پوسٽن ۾ انهن سرڪيولرن جو بہ ذڪر ڪري چڪو آھيان جيڪي سنڌ جي ڪمشنر ضلعي عملدارن کي لکيا ھئا تہ اھي پنهنجي آفيسن ۾ سنڌي ٻولي ڪتب آڻن. اهو امتحان ملازمن کي سالياني انڪريمينٽ ڏيڻ يا پگهار ۾ اضافي جو ذريعو هوندو هو. نارائن جڳنناٿ جنهنجي نالي تي ڪراچيءَ ۾ اسڪول بہ آھي، ان جڏهن سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيو هو تہ سندس پگهار ۾ اضافو ڪيو ويو هو. حسن علي افنديءَ ۽ ڏيارام ڄيٺمل سنڌي ٻوليءَ جي ڏڍ تي وڪالت جا امتحان پاس ڪيا ۽ مشهور وڪيل ٿيا.
جڏھن انگريزي زبان عام ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان خاص طور تي استادن مقرر ڪرڻ لاءِ لازمي بڻايو ويو. انهيءَ امتحان کي “ فائينل امتحان “ چيو ويندو هو. جيڪو ايوب جي دور ۾ ٺاهيل “ شريف ڪميشن “ رد ڪيو، بلڪ سنڌي ٻوليءَ کان تدريسي ۽ تاريخي حق کسي ورتو.
اڳي جڏھن هتي يونيورسٽي ڪانہ هئي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ اسان جا وڏا پڙھندا هئا تہ سنڌ جي ماڻھن تحريڪ هلائي هئي تہ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پڙھائي بہ وڃي ۽ امتحان بہ سنڌيءَ ۾ ورتا وڃن