ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”يونيورسٽي کان يونيورسٽي تائين. “
الڳ ۽ اڪيلي نماز پڙھڻ بدران باجماعت نماز پڙھڻ کي ان ڪري افضل چيو ويو تہ ان مان ٻين ماڻھن کي اتساه ملي ٿو ۽ باجماعت نماز پڙھڻ نيڪي جي تبليغ ٿي پئي ٿي. انھي اصول پٽاندڙ چڱو ڪم ڪجي تہ اھو دنيا جھان کي ٻڌائجي. ٻين لفظن ۾ نيڪي ڪجي تہ ڀلي لڪائي ڪجي پر نيڪ ڪم نہ لڪائجي ليڪن ٻڌائجي.
مان گل حيات انسٽيٽيوٽ جي خدمتن ۽ ڪار گذارئ بابت جيڪي پوسٽون لکندو آھيان ان جو اھوئي مطلب نہ ھوندو آھي تہ پاڻ کي ”ميان مٺو“ چئجي. ليڪن دنيا جھان کي اھو ٻڌائڻو هوندو آھي تہ محدود وسيلن سان لا محدود نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ۽ منهنجي ذھن ۾ اھو سوال اڀرندو آھي تہ جيڪڏھن ھڪ غريب لوھر جو ٻار گل حيات جي ذريعي قومي,تاريخي ۽ تحقيقي خدمت ۽ محبت جا مثال قائم ڪري سگهي ٿو تہ ٻيا سرڪاري ادارا ۽ ھلنديءَ وارا محقق ان کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگه رکندي بہ ايئن ڇو نہ ڪا ڪن؟.
بابا سائينءَ کي ڪراچيءَ مان موٽائي وٺي اچڻ وارا منهنجو فيصلو ان ڪري درست ھيو جو ھن جڏھن کان وٺي گل حيات ۾ ويھي خدمت ۽ محبت جو مچ مچايو آھي تہ ڪيترا سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق جا پروانا ھن مچ تي اچي گڏ ٿين ٿا.
گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قيام کان وٺي لڳاتار تدريسي ۽ تحقيقي ڪم ۾ محققن, تحقيقي شاگردن ۽ صحافين وغيره جي علمي اڃ ۽ پياس پوري ڪرڻ جي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. اھڙي شاھدي ۽ ثابتي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جي الائي ڪيترن مقالن جي مھاڳن ۾ موجود آھي. ھيءَ ڳالھ بابا سائينءَ ۽ گل حيات جي ان ڪري منفرد بڻائي ٿي تہ باباسائين تحقيق جي حوالي سان ھڪ کان وڌيڪ نسلن جو مددگار ۽ استاد رھيو آھي. مثال طور بابا سائين سان گڏ ٻن پروفيسرن جي تصوير کي اڄوڪيءَ پوسٽ جو ٽائيٽل بڻايو اٿم. بابا سائين جي سڄي ھٿ تي عبدالباسط مجاھد ۽ کاٻي پاسي تي سيد اڪمل شاھ موجود آھي. اھي جڏھن پي ايڇ ڊي ڪندا ھئا تہ اسلام آباد مان ڪھي اچي گل حيات پھتا ۽ اسان سندن وس پڳي مواد ۽ معلومات ڏيڻ کان سواءِ تحقيقي رھنمائي ڪئي. اھي ٻئي اڄ ڊاڪٽر آھن ۽ اسلام آباد علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھن. ڊاڪٽر سيد اڪمل شاھ جي نگراني ۾ حراچنا نالي ھڪ شاگردياڻي ايم فل لاءِ ريسرچ ڪري رھي آھي ۽ ھن کي بہ گل حيات مواد خواه معلومات ڏيڻ ۾ ڪائي ڪنجوسائي ڪانہ ڏيکاري آھي. ڊاڪٽر اڪمل جو واسطو ھڪ نسل کان ھيو ۽ حرا چنا جو واسطو ٻئي نسل سان آھي. جنهن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ گل حيات ماڻھن جي نسل در نسل خدمت ڪئي آھي. انهي سلسلي ۾ ٻيو مثال ھي ڏئي سگهجي ٿو تہ اسان جر دور جو ھڪ تمام وڏو شاعر ۽ قلم ڌڻي ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين وٽ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر احسان دانش جو بابا سائين ڪو- سپر وائيزر رھيو. مطلب ڊاڪٽر شاد صاحب ۽ سندس پٽ جو واسطو ٻن نسلن سان آھي ۽ بابا انهن ٻنهي نسلن جي فردن سان محبت ۽ خدمت جو رشتو نڀايو.
جڏھن کان بابا سائين وري گل حيات ۾ موٽي آيو آھي تہ نہ فقط سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان صحافي ۽ اديب اچڻ لڳا آھن, پر مختلف يونيورسٽين جا شاگرد ۽ استاد بہ ھتي ڪھي اچن ٿا. “شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي“ جا شاگرد ۽ استاد آيا تہ مون ان تي ھڪ الڳ مضمون لکيو جيڪو “عوامي سنڌ “ اخبار ۾ ڇپيو. شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان گريجوئيشن, ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ استاد بہ سٺي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ ھتان بابا جي تحقيق صلاحن کان سواءِ مواد ۽ معلومات بہ حاصل ڪن ٿا.
مون کي خوشي آھي تہ بابا ۽ گل حيات سنڌي قوم جي نسل درنسل خدمت ڪري رھيا آھن ۽ اھڙي ريت مختلف يونيورسٽين ۽ لرنيڊ باڊين سان ڀرپور ۽ غير مشروط تحقيقي سھڪار ڪرڻ ۾ مصروف آھن. اسان “ حال پريان نال “ مصداق قومي خدمت ڪريون ٿا. ڪنهن کي وڻي ٿي تہ “واه واه “ ڪري ٿو. ڪي هن ڪم کي ڏسي چپ بہ ڪونہ ٿا چورن ۽ ڪي وري ڪاوڙ لاهڻ لاء بهانا ڳولهن ٿا. پر پنهنجو “ مڃتا يا مخالفت “ سان مطلب ڪونهي. اسان جو “ محبت ۽ خدمت “ ۾ ويساه آھي ۽ اها ڪندا رهنداسين.