textgram 1573635698

 
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”ماڻھو ماکي ۽ مکڻ- چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ.
 
  چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو جنهن ڪيترن ”سيلف ميڊ“ ماڻھن کي جنم ڏنو. ھي اھو دور ھيو جڏھن نئون نسل پنهنجي خانداني غربت ۽ ڏکين حالتن کي محسوس ڪيو ۽ اھو ڏٺو تہ عام ماڻھو جو الله کانسواءِ ڪو حيلو وسيلو ڪونهي تہ انهن پنهنجي مڙسي سان پاڻ کي ٺاھيو، محنت ۽ مشقت ڪئي ۽ انهي جي نتيجي ۾ وڏو نالو ڪمايو. چاچا علي اڪبر ڍڪڻ جو واسطو غريب خاندان سان رھيو پر ھن پنهنجي خاندان کي محترم ۽ عزت وارو خاندان بڻائي ڏيکاريو.
    بابا سائين ۽ چاچا علي اڪبر ڍڪڻ جي دوستي ۱۹۷۰ کان شروع  ٿي. پاڻ ٻئي انهي زماني ۾ انگريزي استاد ھئا ۽ تعليم کاتي جي لازمي حڪم مطابق لاڙڪاڻي جي ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙھائڻ آيا. بابا سائين ۽ ڊاڪٽر ڍڪڻ جي پڙھڻ ۾ ڏاڍي چٽا ڀيٽي رھي انهيءَ مثبت مقابلي ٻنهي کي ڊاڪٽر بڻايو . چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ان کان پوءِ ھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عاشق ھجڻ جي ناتي سان ھن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏھن ان ۾ ڪامياب ويو تہ شھيد ڀٽي سندس ٿيسز ڏسي قدرداني طور ھن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ بالا عملدار طور مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ليڪن اسٽيٽ بئنڪ وارن کيس انهي کان گھٽ عھدي تي رکيو. ڊاڪٽر ڍڪڻ مايوس نہ ٿيو پر پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان اسٽيٽ بئنڪ جا وڏا عھدا ماڻيائين. 
      ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي لياقتن ۽ صلاحيتن کان بابا سائين چڱي ريت باخبر ھيو. ان ڪري مٿس بار رکندو رھيو تہ ھو اخبارن لاءِ لکي .سندس شروعاتي ڪالم ڪراچيءَ جي ھفتيوار اخبار ” آزاد “ ۾ ڇپيا.  چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ جو شمار ملڪ جي مشھور اقتصادي ماھرن ۾ ٿئي ٿو. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ سندس لياقتن ۽ صلاحيتن مان اسان ڀرپور فائدو وٺي نہ سگھيا آھيون. چاچا علي اڪبر ڍڪڻ سنڌ ۾ معاشي ترقي ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ گھڻو ڪجه لکيو آھي. انهي لاءِ پاڻ انگريزي ۾ رسالو بہ ڪڍيائين ۽ اھڙي ھڪ تنظيم بہ ٺاھيائين. انهي لاءِ ھن پنهنجي ذاتي مالي وسيلن مان ڪم ورتو ۽ ڪنهن سرڪار يا درٻار ڏي ڪونہ ڏٺو. قدرت کيس لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آھي ۽ ھن جوقلم ۽ ذھن ڪڏهن بہ چپ نہ رهيا آھن. چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ جي سڄي ڄمار لکڻ پڙھڻ ۾ گذري آھي تمام گھڻو لکيو اٿن ۽ تمام سٺو لکيو اٿن. تازو ھن جي قلمي تحريڪ لاکيڻي لطيف سائين جي پيغام کي دنيا تائين پھچائڻ جو روپ وٺي چڪي آھي. ھن شاھ لطيف تي جيڪو ڪم ڪيو آھي انھي سندس قلمي پورھي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. بيقدريءَ جي ھنن حالتن ۾ ھن ڪڏھن بہ دل ڪانہ ھاري آھي نہ وري ڪو پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگهيئڙن کي ڏکيو ڏوراپو  ڏنو اٿن. مون سان سندس ڳالھ ٻولھ فيس بوڪ تي ٿيندي رھندي آھي ۽ اڪثر ڪري مون کي تاڪيد ڪندو آھي تہ  “پنهنجي والد جو گھڻو خيال رکندو ڪر . ھو ڏاڍو ڪم ڪري ٿو ۽ بيقدريءَ جي حالتن ۾ پٽ جي حيثيت ۾ تون ئي سندس خيال رکجان . باقي اھا اميد نہ رکجان تہ ھن جي جائز قدرداني ٿيندي“. چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي انهن لفظن پٺيان اسان جي معاشري جي بي حسيءَ جي ڀيانڪ تصوير نظر اچي ٿي. چاچو ڍڪڻ  بہ انهن حالتن مان گذري رھيو آھي.  ان ڪري کيس ڀرپور اندازو آھي تہ سندس دوست ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ, يعني منهنجي والد تي ڇا گذرندي ھوندي. پر چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ ۽ بابا سائين تہ سيلف ميڊ ماڻھون آھن. انهن ٻنهي ناسازگار حالتن ۾ ڪنهن جي مدد کان سواءِ پاڻ کي ٺاھيو آھي ۽ پير ڄمائي سنڌ جي خدمت ڪئي آھي. جيڪڏهن کين محبتون نہ مليون آھن تہ  ھنن نفرت کي بہ اڪثير سمجهي ڪم آندو آھي. انهن کي مدد گھٽ پر مخالفت وڌيڪ ئي ملي آھي. 
چاچا علي اڪبر ڍڪڻ پنهنجي زندگي با مقصد گذاري آھي ۽ سنڌ جي پنهنجي صلاحيتن مطابق خدمت ڪئي آھي . عمر ۽ حالتون ھن جي سوچ ۽ لوچ تي اثر انداز ٿي نہ سگهيون آھن.ڀلا ۽ بھادر ماڻھو ائين ٿيندا آھن. مان سندس عظمت ۽ خدمتن تي کيس دل جي گھرائين سان سلام پيش ڪيان ٿو ۽ دعاگو آھيان تہ جڳ جڳ جيئي

Good Wishes