ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”آڳاٽي دور ۾ ناڻي, تورڻ ۽ ماپڻ جون جدولون. “
وقت وقت ۽ زماني زماني جي ڳالھ آھي. ھر ڪو دور پنهنجي سماجي, معاشي ۽ اقتصادي ضرورتن جي مطابق جدولون ٺاھيندو آھي ۽ پنهنجي سڪن يا ناڻي جا نالا بہ بدلائيندو آھي ۽ تور خواھ ماپ جا پنهنجا پئمانا ٺاھيندو آھي.
ناڻي ۽ سڪي جي حوالي سان ھن وقت اسان وٽ پنجن,ڏھن ۽ پنجاھ روپين جا سڪا بہ آھن تہ ان کان مٿي وري ڪاغذي نوٽ بہ آھن. ايوب جي ڏھاڙن ۾ اسان جي ڪرنسيءَ کي بين الاقوامي ڪرنسي سان ملائڻ لاءِ ڊيسيمل سسٽم لاڳو ڪيو ويو .
آڳاٽي زماني ۾ مقامي ناڻو ڪوڏيءَ,چونڪ,دمڙيءَ پائيءَ, ڪسيري,ٽڪي, آني, روپئي تي مشتمل ھيو. انهيءَ اڳئين زماني ۾ ناڻي جي جدول ھن ريت ھئي:
۱ لاري ڪوڏي برابر ۱/۳ ڪوڏي.
۴ڪوڏيون = ۱چونڪ.
۷ ۱/۲ ڪوڏيون = ۱ دمڙي.
۵ چونڪ يا ۲۰ ڪوڏيون= ۱ پائي.
۲ دمڙيون = ۱ ڪسيرو.
۲ ڪسيرا = ۱ آڌيلو.
۲ آڌيلا = ۱ پيسو يا ڏوڪڙ.
۲ پيسا يا ڏوڪڙ= ۱ ٽڪو.
۲ ٽڪا = ۱ آنو.
۱٦ آنا = ۱ روپيو.
۵ روپيا = ۱ ٻٽلي.
۳ ٻٽليون يا ۱۵ روپيا = ۱ مھر.
منهنجي خيال ۾ اسان ” حق مھر “ جو جيڪو اصطلاح ڪم آڻيندا آھيون ان جي معنا شايد اھا ھوندي تہ اسان ٿيندڙ ونيءَ کي ڪيترا پئسا کيس حق طور ڏئي رھيا آھيون.
انگريزن جي زماني ۾ وري اھا جدول ھن ريت قائم ڪئي وئي :
۳ پايون = ۱ پيسو.
۴ پيسا يا ۱۲ پايون = ۱ آنو.
۱٦ آنا = ۱ روپيو.
انهي کان سواءِ ٻيا سڪا پڻ چالو ڪيا ويا جھڙوڪ:
ٻياني = ۲ آنا.
پائلي = ۴ آنا.
آڌيو = ۸ آنا.
نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھيءَ آھي تہ پائي, آڌيلو, پيسو ۽ ٽڪو سڀئي ٽامي جا سڪا ھوندا ھئا. باقي چانديءَ مان ٺھيل ھوندا ھئا. مھر ۽ ٻٽلي سون جا سڪا ھوندا ھئا. مھر ۽ روپئي جي تور ساڳي ھوندي ھئي يعني ھڪ تولو. سڀني سوني ۽ روپي سڪن ۾ يارنهن ڀاڱا نج سون ھوندو ھيو ۽ ھڪ ڀاڱو مٺ ھوندو ھيو.
سون جي تورڻ جي جدول وري ھن ريت ھوندي ھئي:
۴ منڱ = ۱ رتي يا چيڻوني.
۸ رتيون = ۱ ماسو.
۱۲ ماسا = ۱ تولو يا رپيو ڪلدار.
۸۰ تولا = ۱ سير.
اڳ ۾ ان ۽ وٿن جي تورڻ جي جدول ھن ريت ھئي:
۵ تولا يا دڪا = ۱ آنو.
۴ آنا = ۱ پاءُ.
۴ پاو يا ۸۰ تولا = ۱ سير.
۴۰ سير = ۱ مڻ.
۸ مڻ = ۱ کنڊي.
سوا تولو = ۱ پاءُ آنو.
۴ پاءَ آنا = ۱ آنو.
اڳئين زماني ۾ زمين جي ڊگهائيءَ جي ڪڇڻ جي جدول ھن ريت ھئي:
۲ وکون = ۱ قدم.
۹۵۰ قدم = ۱ ميل .
۲ ميل = ۱ ڪوه.
۴۷۵ قدم = ۱ سڏ.
۲ سڏ = ۱ ميل.
۴ سڏ = ۱ ڪوه يا ڳاٽو.
وري ٻني جي ڪڇ جي جدول ھن ريت ھئي:
۴ آڱر = ۱ مٺ.
۳ مٺيون = ۱ گرانٺ.
۲ گرانٺيون = ۱ نري يا ٻٽو ھٿ.
۵ نريون = ۱ ڳنڍو يا نيپيري ڪانو.
۲۰ ڳنڍا = ۱ ويسو.
۲۰ ويسا = ۱ جريب.
اسان سنڌي ادب ۾ ” ڇاڙڪي“ , ”پل“ ” گھڙي“, ”رت“ ۽ ” تٿ“ جا لفظ پڙھندا ۽ ڪتب آڻيندا آھيون . جنهن جي اسان مان ڪيترن کي مطلب جي خبر ڪان ھوندي آھي. ” ڇاڙڪي“ چئن آڱرن جي ويڪر جيتري ٿيندي آھي. شاھ لطيف فرمايو آھي تہ ” ڇپر تن کي ڇاڙڪي“ . ھن جو مطلب آھي تہ عظيم انسانن جي لاءِ جبل بہ چئن آڱرن جي برابر آھي. ھڪ ” گھڙي“ ۾ ڏھ ”پل“ ٿين ٿا. ٻين لفظن ۾ ”پل“ جو مطلب ٿيو ھڪ ”گھڙي“ جو ڏھون حصو. ھڪ “پھر“ ۾ ساڍيون ست گھڙيون ٿينديون آھن ۽ ڏينهن رات ۾ سٺ “گھڙيون“ ٿينديون آھن. انهن سٺ گھڙين کي ھڪ ”تٿ“ چئبو آھي ۽ تٿين جا نالا آھن: ايڪم,ٻيج,ڏيج, چوٿ, پنجئن, ڇٽ , ستئن, اٺئن, نائن, ڏسئن, گيارس, ٻارس, تيرس, چوڏس, پورنما, اُماس.
اھي ڪجھ اڳئين زماني جون ڳالھيون ھيون ۽ وڃن ٿيون دلن توڙي ڪتابن مان ختم ٿينديون. ان ڪري چاھيم تہ ھيءَ پوسٽ لکي پنهنجي ماضي جي ڪن ڳالھين کي محفوظ بہ ڪيان ۽ پنهنجي دوستن سان بہ ونڊيان.