ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ گل حيات“
مون هن کان اڳ هڪ پوسٽ لکي ٻڌايو هو تہ باباسائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ نہ پر چاليه پنجيتاليه سال اڳ انڊيا جي سنڌي ادبي حلقن ۾ نہ فقط ڄاتو سڃاتو ويندو هو، پر اتي سندس دوستيءَ جو وڏو حلقو بہ قائم ٿيو. جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، اي. جي اتم، ڄيٺو لالواڻي، تيرٿ وسنت ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جا نالا ذڪر لائق آھن.
انهيءَ ياريءَ جو سلسلو تڏھن شروع ٿيو، جڏھن بابا سائين پي ايڇ. ڊي ڪندو هو. بابا سائين جي تحقيق “ 1947 تائين ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ“ تي هئي. ان ڪري 1843 کان 1947 تائين جيڪي اديب ۽ شاعر ڪراچيءَ ۾ رهيا، انهن جو کيس احوال ۽ قلمي پورھيو گهربو هو. انڊيا جي اديبن ۽ ليکڪن سندس دل کولي مدد ڪئي. جسونت ڪمار نالي هڪ مهربان وڏي مڙسي ڪئي ۽ بابا سائين طرفان تيار ڪيل پروفارما هن اتي سائيڪلاسٽائيل ڪري انڊيا ۾ رهندڙ اديبن ۽ شاعرن ۾ ورهايا ۽ بابا ۽ انهن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪيائين.
جسونت ڪمار جي مدد سان بابا جي ڪوششن رنگ لاتو. نامور ليکڪن اهي پروفارما پنهنجي هٿ سان ڀري موڪليا. منگهارام ملڪاڻيءَ، پوپٽي هيرانداڻيءَ ۽ گنگارام سمراٽ ڪيترو وقت بابا سان خط و ڪتابت ذريعي علمي ۽ ادبي بحث ڪيو. اهو خزانو اڄ بہ گل حيات ۾ موجود آھي.
ڊاڪٽر ارجن شاد انهن مهربانن مان آھي، جن بابا سان پاڻ رابطو رکيو.
ڊاڪٽر ارجن سڪايل پيشي جي ڪري ڊاڪٽر ۽ فطرت جي ڪري شاعر آھي. هن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ بحيثيت شاعر واري حيثيت جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس احوال ۽ شعر موجوده دور جي لکيل ادبي تاريخن ۽ ائنٿالاجين ۾ موجود آھي. جن کي علم عروض ۽ ڇند وديا تي وڏي مهارت حاصل آھي. هن کي شاعريءَ ۽ نثر تي انعام بہ مليا. هن “ سنڌو جي ڪناري“ فلم ۾ رول بہ ادا ڪيو.
بابا سان سندس دوستي تڏھن ٿي، جڏھن هو ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمائي چڪو هو. ڊاڪٽري ڪرڻ کان پوءِ بابا “ سنڌ جي هندن جي شاعري“ نالي ڪتاب لکيو. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر ارجن شاد بابا سان گهڻيون خطو ڪتابت ذريعي ڪچهريون ڪيون. هو هڪ خط ۾ پنهنجو احوال ڏيندي لکي ٿو تہ “ مان سنڌ ۾ 1945 ۾ ھفتيوار اخبار “ نوجوان“ ٽنڊو آدم جو ايڊيٽر هئس ۽ اتي “ ٽنڊه آدم جو اتهاس“ ڪتاب بہ ڇپرايو هيم“
اڄ سندس جنم ڏينهن آھي. هو 1924 تي سکر ۾ ڄائو هو.