FB IMG 1567572525478

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

 

     مون هنن پوسٽن ۾ ڪيترا دفعا اهو لکيو آھي تہ اسان ذاتي نفرتن ۽ محبتن خواه گروهي نسبتن ۽ رغبتن کان بالا ۽ بي پرواه ٿي ، انتهائي غير جانبداري سان سنڌ جي تاريخ تي مواد پئي ڪٺو ڪيو آھي. اڄ انهيءَ لاءِ ھيءَ منهنجي پوسٽ وڏيءَ شاهديءَ برابر آھي. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان هندو مسلمانن, سکن ۽ عيسائين کان علاوه سندن مذھبن تي بہ مواد گڏ ڪيو آھي. سنڌ جي مسلمانن ۾ اهل سنت کان علاوه اهل تشيعت وڏن فرقن جي حيثيت رکن ٿا.
      مذھب ۾ فرقا دروازن برابر آھن ۽ ان لاءِ “ ايڪ قصر، در لک“ وارو مثال ٺھڪي بيهي ٿو.  فرقن ۽ فردن جو صدين کان وٺي ساٿ رهيو آھي. ان ساٿ سماج ۾ ڏڦيڙ تڏھن پيدا ڪيو آھي، جڏھن فرد پنهنجي فرقي کي سچو ۽ ٻين فرقن کي ڪوڙو چئي ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کڻندا آھن ۽ ٻين فردن تي پنهنجا فرقا مسلط ڪندا آھن. جڏھن تہ سچ اهو آھي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي جنهن فرقي مان سڪون ملي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو تہ هو انهيءَ فرقي ذريعي رب راضي ڪري سگهي ٿو تہ ان فرقي کي مڃڻ ۽ ان فرقي تي هلڻ انهي انسان جو بنيادي حق بڻجي پئي ٿو. مذهب جي محل جي جنهن دروازي مان کيس سچ جو سج نظر اچي ٿو، ان کي انهيءَ دروازي تي رهڻ ڏجي. ٿي سگهي ٿو تہ ٻئي دروازي جو زاويو هن جي سوچ ۽ فڪر جي مناسبت ۾ نہ هجي. هتي “لڪم دينڪم، ولى دين“ واري حڪمت عملي سماجي امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.
       سنڌ ۾ اهل تشيعت جو آغاز غالبن سومرن جي دور کان ٿيو. هي اهو زمانو هو جڏهن اسماعيلي مبلغ پير ڪبير ، پير شمس وغيره سنڌ ۾ آيا. ارغون ۽ ترخان حڪمران شيعت جا پوئلڳ هئا. هنن جي توسط سان ڪيترا شيعا خاندان ۽ شخصيتون سنڌ ۾ آيا. حضرت قلندر شھباز جيڪو وڏو عالم هو سو جلالي قسم جو مولا عليءَ جو مداح هئو. هن پنهنجي ڪلام ۾ مولا عليءَ جي جيڪا ثنا ڪئي آھي، ان بہ سنڌ ۾ شيعت کي وڌڻ ۽ پکڙجڻ کي هٿي ڏني.
      ٽالپور حڪمران اهل تشيعت سان واسطو رکندا هئا. هنن ڪڏھن پنهنجو مذهبي فرقو عوام تي نہ مڙهيو. جيئن تہ سنڌ سندن رعيت جي اڪثريت سني هئي، انهن ٽالپور حڪمرانن لاءِ مذھبي مسئلا پيدا ڪيا. خيرپور ۽ ڪراچيءَ ۾ هندن کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جا هن دور ۾ جيڪي واقعا ٿيا، انهن جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجي آزادي وڃائي. ٽالپورن جي ڏھاڙن ۾ هندستان کان اهل تشيعت جا عالم آيا ۽ انهن کي خيرپوري سماج جو حصو بڻايو ويو. حيدرآباد ۾ وري مرزا قبيلي وارن کي سماج ۾ ايئن مان مرتبو مليو.
       گل حيات اهل تشيعت تي فقط اهو مواد ئي گڏ نہ ڪيو آھي، جيڪو سنڌ ۾ تخليق ٿيو آھي. پر اسان “ اهل بيت ڪارنر “ ۾ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي، اهو لاهور کان لکنو سان واسطو رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ گل حيات ۾ اهل تشيعت تي جيڪو ناياب ۽ نادر مواد موجود آھي، اهو چڱي ڀلي شيعي وٽ بہ شايد هجي. مان جيڪڏھن انهن ڪتابن ۽ رسالن جي رڳو لسٽ ئي ڏيندس تہ هيءَ پوسٽ ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويندي. ان ڪري انهي خزاني مان آئون فقط هڪ هفتيوار “ اخبار شيعہ“ جو ٿورو ذڪر ڪندس.
      ايم رضا عليءَ جي ايڊيٽري ۾ لاهور مان “ اخبار شيعہ “ نالي سان هفتيوار اخبار  نڪرندي هئي. ان جو مدير اعلى ا ملڪ صادق علي عرفاني هوندو هو. اردو ۾ نڪرندڙ هن هفتيوار اخبار جي قيمت هڪ روپيو هئي ۽ ساليانو چندو ڇھ روپيا هوندي هئي. گل حيات ۾ هن اخبار جا جيڪي پرچا موجود آھن اهي 68 سال پراڻا آھن.
        هن هفتيوار ڪي خاص نمبر ڪڍيا، جيڪي اهل تشيعت تي نادار مواد جي حيثيت رکن ٿا. انهن نمبرن مان جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن، اهي آھن: 1. “ محرم نمبر “، 2. “ علي نمبر“، “ اربعين نمبر “ 3. “ حسين نمبر “ ، 4. “ حسن نمبر“.  هي نمبر ايترا تہ ضخيم  آھن جو انهن مان هڪ هڪ نمبر جا سو کان مٿي صفحا آھن.
       هيءَ اخبار سنڌ ۾ بہ ايندي هئي ۽ سنڌ ۾ مقبول مشھور هئي. اهل تشيعت وارن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سرگرميون ٿينديون هيون. انهن تي هن اخبار ۾ تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون هيون. مون جن خاص نمبرن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾ تمام اهم ۽ اڻ ٻڌو پڙھيو مواد ڏنو ويو آھي

Good Wishes