ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”ملا اسڪول مخزن - ڄاڻ جي کاڻ “
پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، بلڪ پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ بہ ويهارو سالن تائين سنڌ ۾ “ ملا اسڪولن “ جو رواج بہ هئو ۽ نالو بہ هئو. هنن اسڪولن مان پڙھي نڪتل شاگردن وڏا عهدا ماڻيان. هي سرڪاري اسڪول ڪونہ هئا، پر انهن کي سندن ڪارڪردگيءَ تي سالياني گرانٽ ملندي هئي ۽ انهن جي نظرداريءَ جو سرڪاري نظام هوندو هو. جڏھن “ خلافت تحريڪ “ هلي هئي ۽ ماڻھن سرڪار خلاف سهڪار نہ ڪرڻ واري تحريڪ هلائي هئي تہ ملا اسڪولن مان ڪيترن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. مطلب تہ انگريزن جي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ واريءَ جدوجهد ۾ انهن ملا اسڪولن بہ ڪردار ادا ڪيو هو.
اڄ ملا اسڪولن جو نالو بہ اسان کي ياد ڪونهي. اها بہ خبر ڪانهي تہ سنڌ ۾ اهي ڪٿي ڪٿي قائم ڪيا ويا هئا. ليڪن گل حيات انسٽيٽيوٽ اها مڪمل معلومات موجود آھي. هن معلومات مان پتو ٿو پئي تہ ملان اسڪولن جو تعلقي وار تعداد ڪجھ ھن ريت هئو : سکر (22)، شڪارپور (18)، ڳڙھي ياسين (27)، روهڙي (10)، پنو عاقل (32)، گهوٽڪي (21)، ميرپور ماٿيلو (12)، اٻاڙو (3)، ڪنڊيارو (37 )، نوشھرو (37)، مورو (23)، سڪرنڊ (28)، نوابشاه (3)، شھدادپور (6)، سنجهورو (4)، لاڙڪاڻو (16)، رتوديرو (17)، ڏوڪري (40)، واره (31)، شھدادڪوٽ (9)، ميروخان (24)، قنبر (41)، دادو (38)، جوهي (20)، سيوهڻ (18)، ڪوٽڙي ( 7)، ڪوهستان (اا)، ميهڙ (21)، ڪڪڙ (18)، جيڪب آباد (3)، ڳڙھي خيرو (6)، ڪشمور (2)، ڪنڌڪوٽ (26) ۽ ٺل (18). اهڙيءَ ريت گل حيات ۾ حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ضلعن جي تعلقن جي معلومات بہ موجود آھي. اها بہ معلومات موجود آھي تہ ملا اسڪول جي هلائيندڙ جو نالو ڇا هئو؟ ملا اسڪول ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ ۾ قائم هئا ۽ انهن کي ڪيتري سرڪاري گرانٽ ملندي هئي؟ پر جيڪڏھن اهي انگ اکر ڏيندس تہ ان لاء ھيءَ هڪ پوسٽ ڪافي نہ ٿيندي.
ملا اسڪول مخزن 1902 ڌاري جاري ٿيو. هن ۾ سنڌ جي استاد برادري لکندي هئي ۽ ان کان سواءِ هن رسالي ۾ سرڪاري حڪم ناما ۽ سرڪيولر بہ شايع ٿيندا هئا. هن مخزن ۾ شايع ٿيل نظم معياري ۽ علم عروض جي مطابق هوندو هو. نثر واري حصي ۾ مختلف سبجيڪٽس جي سمجهاڻين تي گهڻا ليک ڇپبا هئا. ان کان سواءِ تاريخي ۽ نصيحت آموز مضمون بہ ڏنا ويندا هئا. رسالي ۾ قرآني تعليم ۽ حديث فهمي بابت بهترين مواد شايع ٿيندو هو. ان ۾ قرآن شريف ۽ حديثن جو متن عربيءَ ۾ بہ ڏنو ويندو هو.
ملا مخزن ۾ سنڌ ، هند ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن تي بہ مضمون لکيا ويندا هئا. سنڌ مان تعليم کي ترقي ڏيندڙن جو گهڻو ذڪر هن رسالي ۾ موجود آهي. مثال طور نور محمد شيخ ۽ نور محمد لاکير جو تفصيلي ذڪر جيڪو هن مخزن ۾ مون پڙھيو آھي ، اهڙو ڪٿي نہ پڙھيو اٿم.
ملا مخزن کي مان “ ڄاڻ جي کاڻ “ هن ڪري چوان ٿو تہ هن رسالي ۾ تنهن دور جي سنڌ بابت ڏنل معلومات ناياب بہ آھي تہ گهڻي بہ آھي. مثال طور 1902 کان وٺي ايندڙ سٺ سالن تائين هن رسالي ۾ سنڌي درسي ۽ ادبي ڪتابن جا نوٽيفڪيشن شايع ٿيا. انهن مان “ سنڌي ڪتابن جي جامع بيبليوگرافي“ ٺاهي سگهجي ٿي. انهيءَ دور ۾ جيڪي اهم واقعا ٿيا، انهن جا تفصيل هن مخزن ۾ ڏنا ويا. مثال طور 1936 ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي. ان حوالي سان سرڪار جيڪي نوٽيفڪيشن ڪيا، انهن جو سنڌي ترجمو هن مخزن ۾ شايع ٿيو. هن دور ۾ جيڪي سرڪاري يا سنڌي اهم شخصيتون گذاري ويون، انهن جو تفصيل هن مخزن ۾ موجود آھي. عليڳڙه يونيورسٽيءَ مان جيڪي سنڌي گريجوئيشن ڪندا هئا، سندن هر سال نالا شايع ٿيندا هئا. اهڙيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ولايت مان پڙھي ايندو هئو تہ هن جو احوال بہ ڏنو ويندو هو. مثال 1933 ۾ سکر جو عبدالباقي شيخ محمد سليمان لنڊن مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيو. هو پهريون سنڌي مسلمان هئو جنهن سائنس ۾ اها ڊگري ورتي.
ملا مخزن جي ايتري تہ اهميت ۽ حيثيت آھي جنهن تي هڪ کان وڌيڪ پوسٽون لکي سگهجن ٿيون.