FB IMG 1566642344267
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ” شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو
 
ھالا جي مخدومن سان ڪنهن جو واسطو ھجي نہ ھجي پر اھا ڳالھ سندن دوست تہ ڇا پر دشمن بہ مڃيندا تہ  ھالا جي مخدومن ۽ گادي نشينن سنڌ جي روحاني،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي. گادي نشينن مان مخدوم طالب المولا اھو بزرگ ھيو جنهن ھالا جي درگاه کي سنڌ ۾ علم دوست ۽ ادب پرور ثابت ڪري ڏيکاريو.ھن بزرگ “جميعت الشعراء“ جي پليٽ فارم کان وٺي “بزم طالب المولا“ جي پليٽ فارم تائين سنڌي ڪلاسيڪل ۽  عروضي شاعريءَ کي وڏي ترقي وٺرائي. 
مخدوم طالب المولا “سنڌي ادبي بورڊ “ کي منفرد اداري بنائڻ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ سنڌ جي علمي خواه ادبي تحريڪن ۾ وڏي دلچسپي ورتي.ھن بزرگ پنهنجي شفقت ۽ محبت سان وڏن وڏن ۽ ناميارن عالمن،محققن ۽  شاعرن جو ھڪ وسيع حلقو ٺاھيو ۽ انهن جي صلاحيتن کي سنڌي ٻولي ۽ شاعري جي ترقي  لاءِ ڪم آندو. 
مولانا غلام محمد گرامي ماضي قريب جي دور جو وڏو شاعر ۽ قلم-ڌڻي ھيو .مخدوم طالب المولا ھن جي ايڊيٽري ۾ “شاعر“ نالي سان سنڌ جو دوماھي ادبي رسالو جاري ڪرايو جنهن جو پھريون پرچو جولاءِ 1956 ۾ نڪتو. انهي رسالي جو “رفيق حيات“ اسپيشل نمبر بہ نڪتو جيڪو سندس فرزند مخدوم محمد امين فھيم جي شادي جي موقعي تي ڪڍيو ويو ھو ۽ اھو رسالي جو چوٿون نمبر پرچو ھيو. ھن رسالي “شاعر“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. 
ھن رسالي لاءِ جن شاعرن ۽ عالمن اديبن لکيو انهن جي نالن جو جيڪڏھن وچور ٺاھجي تہ اھو ھينئن ٿيندو: علام آءِ.آءِ.قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ھري درياني دلگير، محمد صديق مسافر، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سرشار عقيلي،محبوب سروري،تنوير عباسي، محمد خان غني، مولائي شيدائي،ڊاڪٽر ابراھيم خليل،حاجي محمود خادم، محبوب علي چنا،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ,مولانا عبدالڪريم چشتي وغيره. ھي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان ڇپبو ھيو ۽ ان جو صدر دفتر امين منزل حيدرآباد ھيو.
  رسالي جو “رفيق حيات نمبر“ ھڪ شاندار پرچو آھي جيڪو 275 صفحن تي مشتمل آھي. ھن پرچي کي وري ٻيھر جيئن جو تيئن ڇپجڻ گهرجي.ھي خاص پرچو مخدوم محمد امين فھيم جي شادي تي تہ برابر ڪڍيو ويو پر ان ۾  جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو عورت، شاديءَ، پڙدي ۽ سھرن جي موضوعن تي وڏي معياري ۽ مستند معلومات ڏئي ٿو. مثال طور علام آءِ.آءِ. قاضيءَ “ عورت ۽ اسلام“ جي موضوع تي مضمون لکيو آھي،مولائي شيدائي وري “ عورت ۽ قديم سماج“ ۽ “ اسلام ۽ عورت“ جي موضوعن تي مقالا لکيا آھن. ساڳيءَ ريت غلام احمد پرويز وري “ عورت ۽ مرد جي حيثيت“  جي عنوان سان مضمون لکيو آھي.شادي جي موضوع تي وري غلام محمد گراميءَ ،انيس ڪوشل، علي ناصر زيدي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جا مضمون ڇپيا آھن. ھنن مضمونن ۾ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ شادين جون ريتون رسمون ٻڌايون ويون آھن.سنڌ ۾ شادي جون ڪھڙيون ريتون رسمون آھن؟ انهي موضوع تي وري ولي محمد طاھرزادي ۽ محبوب سروري جا مضمون ڏنا ويا آھن. ھن پرچي ۾ انهي دور جي مشھور شاعرن جا طرحي سھرا پڻ ڏنا ويا آھن. 
انهي نمبر کان سواءِ باقي پرچن ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو علمي ۽ تحقيقي دنيا ۾ وڏي اھميت رکي ٿو.پھرين پرچي ۾ موسيقي جي موضوع تي ابوالڪلام آزاد، علام آءِ.آءِ. قاضي، پروفيسر اڌارام، شاھد احمد دھلوي ۽ محمد صديق مسافر جا لاجواب مضمون ڏنا ويا آھن جيڪي موسيقي جي وصف ۽ اھميت تي روشني وجهن ٿا. ھن رسالي جي خاص ڳالھ ھي آھي تہ انهي ۾ مختلف شاعرن ۽ اديبن جا کوڙ سارا فوٽو ڏنا ويا آھن جيڪي ھن وقت ناياب فوٽن جي حيثيت رکن ٿا.
سنڌي ادب جو ھي اھو دور ھيو جڏھن نظرياتي اختلاف ادبي دنيا ۾ اڃا ڪونہ اڀريا ھئا ۽ سنڌي اديب ترقي پسندن يا رجعت پسندن جي ڪئمپن ۾ ڪو نہ ورھائيل ھئا .اھو ئي سبب آھي جو ھن رسالي ۾ تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري جو ڪلام بہ ڇپيو. تنوير عباسيءَ جي ڇپيل ڪلام مان ھي ملاحظہ فرمايو:
آ، گيت پريت جا ڳايون-
نغمن ۾ ھستيءَ کي سمائي، ھير سان سر کي ملايون،
جھرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون،
پاڻ سان گڏ، ھن جڳ کي ڀي گيتن جي سر ۾ سمايون،
آ گيت پريت جا ڳايون.
   مون کي موقعو ملندو آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ڪيل خزاني بابت دوستن کي ٻڌائيندو ھلندو آھيان ان ڪري اڄ مون “ شاعر “ رسالي جي چونڊ ڪئي ۽ اھو ٻڌايو تہ ھن رسالي ۾ ڪھڙي قسم جو مواد موجود آھي

Good Wishes