ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”ناياب ۽ اهم رسالو ماهنامہ فردوس “
سياسي تبديليون ٻوليءَ ، علم ادب ۽ ثقافت تي گهرا اثر وجهنديون آھن. 1843، 1847، 1936 ۽ 1947 وارين سياسي تبديلين سنڌ جي ٻوليءَ، علم ادب ۽ ثقافت تي اهڙا اثر وڌا. 1947 کان سنڌي هندن لڏ پلاڻ ڪئي. انهن جي وڃڻ ڪري علم ادب ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ خال پيدا ٿي پيو. ڇو تہ انهن جو اخبارن، رسالن ۽ صحافت تي هڪ قسم جو ڌاڪو ۽ ڪنٽرول هئو. جن سنڌي ماڻھن انهيءَ کوٽ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، انهن مان هالا جو شھر ۽ ان جي رهواسين جي خدمتن کي نظرانداز ڪري نہ ٿو سگهجي. 1950 ڌاري اتان مخدوم طالب المولا جي سرپرستيءَ ۾ “ فردوس “ نالي هڪ رسالو جاري ٿيو. شروعات ۾ قاضي عبدالحي “ سليم “ ان رسالي جو ايڊيٽر هوندو هو. جڏھن تہ محمد شفيع “انور“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر هوندو هو. اڳتي هلي محبوب علي چنہ ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ شعبان “بخت “ ان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئنيجر ٿيو. فضل احمد بچاڻي بہ انهيءَ جو اسسٽنٽ مئنيجر ٿيو. اڳتي هلي احمد خان ميمڻ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ حاجي محمد هارون “ هاتف “ متعلوي هن رسالي جو مئنيجر ٿيو. سال 1957 ۾ رسالي جي في ڪاپي سوا روپئي جي هئي ۽ ان جو ساليانو چندو پنج روپيا هو. هي رسالو “ سنڌ يونيورسٽي پريس“۾ ڇپبو هو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هوندي هئي.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “ فردوس “ رسالي جا ڪيترا پرچا موجود آهن. خاص طور ان جا نڪتل “نمبر“ وڏي علمي ۽ ادبي معلومات وارا هوندا هئا. انهن نمبرن مان “ مخدوم نوح نمبر “، لطيف نمبر “ رسول نمبر “ ۽ “ افسانہ نمبر “ اسان وٽ گل حيات ۾ موجود آھن.
“فردوس“ رسالي جڏھن نائين سال ۾ پير پاتو تڏهن ان جو . افسانہ نمبر “ شايع ٿيو هو. ان ۾ شاعريءَ جي چوڏھن صفحن کان علاوه چار ڪهاڻيون ۽ اٺ افسانہ ڏنا ويا هئا. جيڪي افسانا شايع ڪيا ويا هئا، اهي آھن: “ هڪ روپيو “( قاضي محمد علي مورائي)، “ دستور محبت “ (نگر خان ڀٽي)، “ اختر “ ( رشيده حجاب)، “ آمنہ“ (شيخ محمد علي پاشا، “ نسيم “ (حسني محمد حافظ)، “ انتقام اڪبر گهانگهرو)، “ پريم“( عاصي سومرو)، “ طوفان “ ( پروفيسر جهامنداس ڀاٽيہ)، “ دوستي “ ( بيگم ڊاڪٽر ولي محمد عباسي)،
هن ئي پرچي ۾ جيڪي مضمون ڇپيا آھن، اهي معياري ۽ تحقيقي اهميت وارا آھن. جيئن تہ هي پرچو هئو ئي “ افسانہ نمبر“ ان ڪري هن ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو مضمون “ سنڌي آکاڻيءَ جي هڪ صدي“ بہ ڏنو ويو آھي. پروفيسر واءِ ايس طاهر علي جو مضمون “ رسم الخط “ بہ وڏي اهميت رکي ٿو.
هن رسالي جو “لطيف نمبر“ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1955 ۾ شايع ٿيو. هن پرچي ۾ “ ڪلام لطيف“، “ تعارف لطيف“، “ سوانح لطيف“، “ فيض لطيف“ ، “ مناجات لطيف “، “ شان لطيف “ ۽ “ راه لطيف “ جي عنوانن هيٺ لطيف شناسيءَ تي اهم علمي ادبي مواد ڏنو ويو آھي. اهڙي ريت رسالي جو “ مخدوم نوح نمبر “ ۽ “ رسول نمبر “ بہ پنهنجي جاءِ تي تمام اهم نمبر آھن. حضرت مخدوم نوح کي سمجهڻ ۾ هي نمبر پڙھندڙن جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو ۽ “ رسول نمبر“ وري دين دوستيءَ جي گلستان جي آبياري ڪري ٿو.
هي پراڻا رسالا ادبي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويا آھن. انهن رسالن ۾ شايع ٿيل مواد اڄ بہ علمي اڃ لاهڻ جي حيثيت رکن ٿا. هنن ۽ ههڙن رسالن ۾ شايع ٿيل نثر خواه نظم کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو