ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون“
“ بهتر روايتون قائم ڪرڻ لاءِ گل حيات ۽ ان جي بانيءَ جون نماڻيون ڪوششون “
اسان جي خاندان گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي نالي روشن ڪرڻ ۽ جس ڪمائڻ لاءِ ڪونہ قائم ڪيو آھي. منهنجو والد پنهنجي ڀائرن ۽ اولاد سميت آگسٽ 1990 کان وٺي بي لوثيءَ سان تعليم ۽ تحقيق جي عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي اهميت واري مواد جي ڊاڪيومينٽيشن ڪري رهيو آھي. هن ڪم ڪندي اسان جي ڪنهن مالي يا اخلاقي مدد تہ ڪانہ ڪئي آھي، البتہ منافقيتن ۽ مخالفتن جا پنهنجي مٿان چوماسي جا نہ کٽندڙ مينهن وسندي ڏٺا آھن.
پاڻ کي “ ميان مٺو “ چوڻ لاءِ مان اڄ ھيءَ پوسٽ لکي نہ رهيو آھيان. پر، قومي خدمت ۽ سنڌ-دوستيءَ جي حوالي سان اسان جيڪا حڪمت عملي جوڙي آھي ۽ جنهن تي ڏينهن رات بي لوثيءَ سان ڪم ڪري رهيا آھيون، ان بابت دوستن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ هي ٻہ اکر لکي رهيو آھيان.
اسان هڪ ڳالھ عملي طور تي ثابت ڪري چڪا آھيون تہ “ محدود وسيلن سان لا محدود نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ۽ مثالي ڪم ڪري سگهجي ٿو“. ڪا بہ حڪومت ، ڪو بہ اين جي او ۽ ڪو بہ فرد اها ڳالھ چئي ۽ ثابت نہ ڪري سگهندو تہ ڪنهن اسان جي مالي يا اخلاقي مدد ڪئي آهي. بابا هڪ غريب لوهر جو پٽ آھي ۽ سڄي ڄمار استاد تي رهيو. هن محدود مالي آمدنيءَ باوجود شاندار ادارو ٺاهيو. هن ڪنهن اداري کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجو قد بت نہ وڌايو ۽ نہ وري ان مان پنهنجا ڪتاب ڇپرائي عالم ۽ محقق جي حيثيت سان نالو ڪمايو. غريب جو ٻار هئو، ان ڪري مئٽرڪ کان پوءِ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي نہ سگهيو. ان ڪري غريبن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ گل حيات ٺاهيائين. تحقيق ڪرڻ وقت تڪليفون ڏٺائين، ان ڪري محققن کي انهن تڪليفن کان بچائڻ لاءِ گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيائين. ڳوٺ ۾ اهڙا سماجي ڪم ڪيائين، جن ڪري مثبت سماجي تبديلي کي ڪيترن ڳوٺاڻن محسوس ڪيو.
اسان جي سهڪار ۽ قربانين سان بابا گل حيات کي سنڌ جي تاريخ تي “ ڄاڻ جي کاڻ“ بنائي ڏيکاريو ۽ گل حيات جي اها حيثيت دنيا کان مڃرائي ڏيکاري. گل حيات طرفان ڪتابن ڇپرائڻ جو تجربو ڪيو، پر جڏھن محسوس ڪيائين تہ گل حيات جي سموري ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ ناممڪن آھي تہ گل حيات جي ويب سائيٽ ٺھرائي، ان تي سنڌ جي تاريخ تي هزارين صفحا اپلوڊ ڪرايا اٿس ۽ اهو سلسلو جاري آھي ۽ انشاءَ الله جاري رهندو.
گل حيات ڪا عام لائبرري نہ آھي. هن اداري ۾ اسان تاريخي تحقيق جي تقاضائن مطابق مواد گڏ ڪندا آھيون. مواد جو مقدار ۽ معيار ايترو تہ گهڻو آھي ، جو اهو هڪ ويب سائيٽ ۾ ڏيڻ ناممڪن لڳي ٿو. ان ڪري هاڻي اسان “ذيلي ويب سائيٽس “ ٺاهڻ شروع ڪيون آھن ۽ جن ادارن ۽ افراد جو گل حيات ۾ گهڻو مواد آھي، انهن کي الڳ ويب سائيٽ جي حيثيت سان رکڻ شروع ڪيو آھي. هن ۾ اسان پنهنجي رغبتن، نسبتن، دوستين ۽ دشمنين کي اثرانداز ٿيڻ نہ ٿا ڏيون.
ادارن بابت اسان جي معاشري ۾ هڪ مخصوص سوچ موجود آھي. اسان جا ماڻھون ادارن تي ڇتي تنقيد ڪرڻ کي پنهنجو جهڙوڪ “قومي فرض“سمجهندا آھن. صلاحون بہ هرڪو کوڙ ساريون ڏيندو آھي. پر ادارن جي عملي خدمت گهٽ ئي ڪئي ويندي آھي. بابا انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ هڪ نئين روايت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر آھن. هن اداري جي هڪ “آن لائين لائبرري“ اڳ ئي موجود آھي ۽ ان مان ڪيترا شاگرد ۽ محقق لاڀ پرائي رهيا آھن. پر سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي بي مثال خدمتن کان عوام کي با خبر رکڻ ۽ ان سان رابطي قائم رکڻ لاءِ هڪ الڳ ويب سائيٽ جي ضرورت هئي. ان ڳالھ کي ڳڻيندي بابا اسان جي سهڪار سان هڪ نئين ويب سائيٽ ٺاهي، بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيدالزمان “ عاطف“ کي بورڊ لاءِ تحفي طور ڏني آھي. انهيءَ ويب جي لنڪ آھي:
انهيءَ ويب تي هڪ نظر ڦيرائيندي اهو ذھن ۾ رکجي تہ سنڌ جي ادارن سان هن طرح بہ محبتون ۽ نسبتون قائم ڪري سگهجن ٿيون. اسان کي انهن ۽ اهڙين روايتن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجن ادارن جي اجائي مخالفت ڪرڻ بدران خدمت ڪرڻ گهرجي