textgram 1565425712
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  آريا سماجين جي ستيارت پرڪاش بابت تحريڪ“

 
۱۹۳٦ ۾ سنڌ جي مسلم اپر ڪلاس سنڌ کي ممبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرائي صوبائي خود مختياري ورتي تہ اسان جو اھو مٿيون طبقو ھڪ ئي وقت تي انگريزن ۽ ھندن جي نظرن ۾ اچي ويو. ھندن کي اھو جائز شڪ ھيو تہ سنڌ ۾ مسلمانن جي اڪثريت آھي, ان ڪري ھميشه ھو حڪومت ۾ رھندا ۽ اسان اقليت ٿي رھنداسين ۽ اقليت ھئڻ جي ناتي سان اسان گھڻو غير محفوظ رھنداسين. اڳتي ھلي ايئن ئي ٿيو ”مسجد منزل گاھ تحريڪ“ ھندو- مسلم جو رت وھايو, ڀڳت ڪنوررام ۽ ھاسارام پمناڻي شھيد ٿيا ۽ سنڌ، ھندو- مسلم ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي.
انگريزن جي وري انهي مقصد خاطر سنڌ جي مسلم اقتدار- ڌڻين تي نظر ھئي تہ جيئن اھي آپي کان نڪري انگريزن جي لاءِ آزار نہ بڻجن ۽ ڪو اھڙو اتحاد نہ ٺاھن جو جيئن اھي سنڌ کي الڳ ۽ آزاد ملڪ جي منزل طرف وٺي وڃن. سورھيه بادشاھ جي تحريڪ خلاف تڪڙي ۽ سخت قدم کڻڻ جي پٺيان انگريزن جي اھا ئي سوچ ھئي تہ متان سندن حڪمرانيءَ ۾ سنڌي ڏنڊي جي زور تي باقي ھندستان کان اڳ ۾ سنڌ کي الڳ ۽ آزاد ملڪ نہ بڻائي وڃن . انگريزن ان ڪري ھندو مسلم خدشن ۽ اختلافن مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ ھو سنڌي ھندو توڙي مسلمان کي پاڻ ۾ ويڙھائيندا ۽ حڪومت ڪندا آيا.
     ستيارت پرڪاش جي چوڏھين  چيپٽر ۾ اسلام جي خلاف مواد موجود ھيو. انڪري جڏھن ھن ڪتاب جي انهي دور ۾ ٻيھر ڇپائي ٿي تہ انهن صوبن ۾  گوڙ وڳوڙ ٿيا جن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ ھئا.  پنجاب ۾ ستيارت پرڪاش جون ڪاپيون ساڙيون ويون ۽ لاھور ۾ پرمانند کي قتل ڪيو ويو .جج Mr.Khosla مسلمان قاتلن کي بري ڪيو. ھو سيشنس جج ھيو ۽ ان کي پروموشن ڏئي لاھور ھاءِ ڪورٽ جو جج بڻايو ويو.
    سنڌ سرڪار ۱۱ نومبر ۱۹۴۴ تي ستيارت پرڪاش جي چوڏھين چيپٽر تي بندش لڳائي. ان کان پوءِ آريا سماجي ميدان ۾ ڪاھي پيا ۽ سنڌ جي طول و عرض ۾ وڳوڙي حالتون پيدا ڪري ڇڏيائون.ٻين صوبن جي آريا سماجي اڳواڻن سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ لاءِ پنهنجا جٿا ڏياري موڪلڻ شروع ڪيا. سنڌ جي آريا سماجين جو اھو موقف ھيو تہ سنڌ سرڪار انگريزن جي ھٿن ۾ کيڏي چڪي آھي. انهن انهي ڪري سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان خلاف احتجاج ڪرڻ جو آغاز ڪيو ۽ کين ٻين صوبن منجهان مالي امداد ملڻ شروع ٿي. جنهن جا انگ اکر گل حيات ۾ موجود آھن. آرياسماجين انفرادي طور تي ڪتاب تي لڳل بندش جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي. وڏن شھرن ۾ ڪو ھڪ آرياسماجي ڪارڪن ڪنهن چونڪ تي بيھي ستيارت پرڪاش جو بندش پيل چوڏھون چيپٽر زور سان پڙھندو ھيو ۽ حڪومت ان کي پڪڙي وڃي جيل ۾ وجهندي ھئي ۽ جڏھن اھو “معافي نامو“ لکي ڏيندو ھيو تہ ان کي آزاد ڪيو ويندو ھيو.
     سنڌ حڪومت کي خطرو ھيو تہ اھا انفرادي تحريڪ متان ڪنهن وڏي گڏيل تحريڪ جو روپ وٺي ۽ ڪانگريس توڙي ٻيون ھندو پارٽيون انهي منجهان فائدو وٺي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بگاڙن ۽ پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪن. ان ڪري سنڌ جي سمورن تعلقن جي مختيارڪارن کي ھدايتون جاري ڪيون ويون تہ اھي ھن صورتحال تي نظر رکن  ۽ ھفتيوار مخفي رپورٽون لکي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ڏانهن ڏياري موڪلن, جيڪو انهن کي ترتيب ڏئي سنڌ سرڪار جي ھوم ڊپارٽمينٽ کي ڏياري موڪليندو. مختيارڪارن کي سختيءَ سان اھو تاڪيد ڪيو ويو ھيو تہ انهن کي فقط حالتن تي نظر رکڻي آھي ۽ جڏھن جتي ڪا گڏجاڻي ٿئي تہ انجي جاسوسي ڪري شرڪت ڪندڙن ۽ سندن تقريرن  جا متن نوٽ ڪري مٿي ڏياري موڪلن.
ھيءُ تہ ۱۹۴۴ جو زمانو آھي پر انهي کان ڏھ پندرھن سال اڳي سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ اڳواڻن تي اھڙي ريت  سرڪار نظر رکندي ھئي. نہ فقط ايترو پر ضلعي جا ماجسٽريٽ قلم ۱۴۴ لاڳو ڪرڻ جا اعلان اڳواٽ ڪڍي مختيارڪارن ڏي موڪليندا ھئا تہ جيئن اھي انهن ۾ تاريخون ھڻي اھڙن ھنڌن تي قلم ۱۴۴ ھڻي سگهن جتي وڳوڙ جو وڌيڪ خطرو ۽ انديشو ھوندو ھجي. ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ اھڙا حڪم ناما سنڌي ۾ جاري ڪندو ھيو ۽ جن جون ڪاپيون تعلقي جي اھڙن شھرن ۾ لڳايون ۽ ورھايون وينديون ھيون جتي امن امان جو مسئلو پيدا ٿيڻ جو انديشو ھوندو ھيو.
گھڻا سال اڳ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪليڪٽر بابا سائين کان ھڪ ليڪچر ڪرايو ھيو تہ “ اسان جي مختيار ڪارين ۾ تاريخي اھميت وارو ڪھڙو مواد موجود آھي“. ھن ليڪچر ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي تپيدارن,مختيارڪارن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ھئي ۽ اھو ليڪچر پوءِ مضمون جي صورت ۾ اخبارن ۾ بہ ڇپيو ھيو. مون ھيءَ ڳالھ انهي ڪري ڪئي تہ جيئن ھڪ طرف اھو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۽ انگريزن جي دور جي سياسي سرگرمين جو کوڙ سارو رڪارڊ اسان جي مختيارڪارين ۾ موجود آھي. ٻيو ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھيءُ آھي تہ مان پڙھندڙن کي بانور ڪرائي سگهان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ اھڙي مواد کي ڳولھي محفوظ ڪرڻ جي ساڃھ شروع کان رکي آھي. اڄ مون آريا سماجين ۽ ستيارت پرڪاش بابت جيڪو پڙھندڙن سان حال احوال اوريو آھي, اھو مون ڪتابن ۾ ڪون پڙھيو آھي پر گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان مستفيد ٿي لکيو آھي. ھن موضوع تي اسان وٽ فقط اھو مواد ڪونھي جيڪو مان ھن پوسٽ ۾ لکي چڪو آھيان. پر اسان وٽ ان دور جي اخبارن جا انهي مسئلي تي لکيل ڪالم ۽ ايڊيٽوريل ۽ سياسي پارٽيون ۽ انهن جا بحال ٿيل ٺھراءَ پڻ هل حيات ۾ موجود آھن. ستيارت پرڪاش تي ايترو مواد موجود آھي جنهن مان چڱو خاصو ٿلھو ڪتاب لکي سگهجي ٿو

Good Wishes