ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف “
“
گل حيات جي لائبريريءَ ۾ جيڪي پي ايڇ ڊي جا مقالا موجود آھن انهن مان ڊاڪٽر پروفيسر سيد محمود شاھ بخاريءَ جو مقالو بہ موجود آھي. ھن علامه غلام مصطفا قاسمي جي نگراني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي. سندس ھي تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي چڪو آھي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جن آڳاٽي پي ايڇ ڊي ڪئي, انهن منجهان ھيءُ ھڪ آھي,باقي ٻين جا نالا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آھن.
سيد مولانا تاج محمود شاھ امروٽي سنڌ جي انهن نامور سياسي مدبرن مان ھڪ آھي، جن تحريڪ آزادي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. ھن بزرگ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي وڏي مدد ڪئي ۽ کيس افغانستان ڏانهن نڪري وڃڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سيد تاج محمود شاھ امروٽي ھيو تہ اتر سنڌ جو پر ان جي سياسي ۽ مذھبي حيثيت سنڌ توڙي ھند ۾ مڃي ويندي ھئي. ھو سيڪيولر سياستدان ڪونہ ھيو پر پڪو مسلمان ۽ مذھبي مدبر ھيو. جڏھن سنڌ ۾ ” شڌي تحريڪ“ شروع ٿي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪن ڪٽر ھندن خاص طور تي سنجوڳي شيخن کي وري ھندو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سنڌ ۾ مذھبي متڀيد وڌيو ۽ ھندو- مسلم لاڳاپا مجروح ٿيا. مولانا تاج محمود امروٽيءَ شڌي تحريڪ کي ايڏي ڇوٽ نہ ڏني تہ اھا مسلمانن جو مذھب مٽائي. ھن انهيءَ جي ردعمل ۾ انهن ھندو ماڻھن جي رھبري ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اسلام کي دين طور قبول ڪرڻ لاءِ آماده ھئا . انھي تحريڪ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تاج محمود امروٽيءَ کي ھندن جي ھنگامن سان بہ منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيسن سان بہ منهن ڏيڻو پيو. ھو ھڪ روحاني رھبر ۽ ھادي مرشد ھيو ان ڪري بدعتن خلاف وڏو ڪم ڪيائين ۽ اتر سنڌ ۾ اسلامي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
مولانا تاج محمودامروٽي با اثر روحاني شخصيت ۽ سياسي اڳواڻ ھيو .ان ڪري اتر سنڌ جي مکيه ٽن ضلعن : سکر, شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ “خلافت تحريڪ“ ۽ ان کان پوءِ ”جميعت العلماءُ “ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس سياسي قد بت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ مولانا تاج محمود امروٽي آل انڊيا سطح جي اجلاسن جي صدارت ڪئي ۽ خلافت تحريڪ خواه جميعت العلماءُ جيڪي بہ فتوائون جاري ڪيون آھن انهن تي ھن دستخطون ڪيون ۽ انهن جي توثيق بہ ڪئي. ھن مثالي مذھبي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر 5 نومبر 1929 تي وفات ڪئي ۽ سندس وفات وقت سنڌ جديد سياست ۾ پنهنجو سياسي تشخص بڻائي چڪي ھئي.
ڊاڪٽر محمود شاھ بخاريءَ جو تحقيقي مقالو پنجن بابن ۾ ورھايل آھي . ھن پھرئين باب ۾ حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي زندگيءَ جو احوال ڏنو آھي ۽ ان ۾ ولادت کان وٺي وفات تائين سندن تفصيل ڏنا آھن . مقالي جي ٻئي باب ۾ سيد محمود شاه امروٽي بزرگ جي تبليغي خدمتن تي ڀرپور روشني وجهندي ڪن انهن واقعن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪي هندو- مسلم اختلافن واري تاريخ ۾ وڏي شد مد سان ذڪر ڪيا ويندا آھن.
مولانا تاج محمد امروٽي هڪ مشهور ۽ مڃيل روحاني شخص هئو، ان ڪري هن جي مکيہ خليفن جي احوال ۽ ذڪر لاءِ هڪ الڳ ٽيون نمبر باب رکيو ويو آھي. چوٿين باب ۾ ھن بزرگ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو اپٽار ڪيو آھي. جنهنجي پڙھڻ کان پوءِ پتو پئي ٿو تہ مولانا تاج محمود جو کوڙ سارو قلمي پورهيو اڃا اڻ ڇپيل آھي ۽ سندس لائق پونئيرن کي اهو شايع ڪرائڻ گهرجي. مقالي جي پنجين باب ۾ حضرت امروٽيءَ جي قومي خدمتن جا تفصيل ڏنا ويا آھن.
مولانا تاج محمود امروٽي پهرين صف جي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻن مان هڪ هئو. ٿيڻ تہ ايئن گهربو هو تہ سندس نالي پٺيان ڪنهن يونورسٽيءَ ۾ چيئر قائم ڪئي وڃي ها. سندس پونئير “مولانا تاج محمد امرٽي انسٽيٽيوٽ“ ٺاهي پاڻ بہ هن عظيم انسان تي تحقيق ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان اهي جيڪڏھن چاهيندا ۽ گهرندا تہ گل حيات ساڻن ڀرپور سهڪار ڪندو