textgram 1564741712
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن

 
     سنڌ جي تاريخ پڙھڻ کان ماڻھن جي دل کٽي ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آھي تہ تاريخ نويسن پنهنجي قلم کي ڪڏهن مذھبي ڪٽرپڻي جي مس مان ٻوڙي لکيو آھي تہ ڪڏھن اڌوري ۽ اڻ پوري معلومات تي ڳنڍ ٻڌي سڀ ڪجھ ڄاڻي لکيو آھي. ان ڪري سنڌ جي ڪيترن واقعن، ماڳن مڪانن ۽ ادارن بابت متضاد تشريحون ڪر کڻي بيهي رهيون آھن. اهي ماڻھن کي ماضيءَ جي ڳالهين ٻڌائڻ بدران ڪن مامرن تي منجهائي ڇڏن ٿيون. ماڻھون ڪنهن کي ڪوڙ سمجهن ۽ ڪنهن کي کوڙ سمجهن؟ ان ڪري عافيت ان ۾ ٿا سمجهن تہ تاريخ پڙھڻ تان ئي ارواح پلي ڇڏجي.
      مان اڄ مثال طور سکر روهڙيءَ ويجهو “ ستين جو آستان“ جو ذڪر ڪريان ٿو. جنهن کي هندن توڙي مسلمان ليکڪن پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ اھڙي نموني پيش ڪيو آھي، جنهن مان تضاد تہ اڀري سگهن ٿا، ليڪن سچي حقيقت اڳيان نہ ٿي اچي. پر مايوس ٿيڻ جي ڳالھ ڪانهي. ان تي سائنٽيفڪ تحقيق جي ضرورت آھي.
   چيو ٿو وڃي تہ عرب حڪمرانن جي اره زورائي ڪارڻ ڪيترين هندو عورتن ۽ ڇوڪرين پنهنجي عزت ۽ مذهب بچائڻ لاءِ اجتماعي آپگهات ڪيو ۽ “ستين جو آستان“ انهن جي اجتماعي آپگهات واري جاءِ آھي. 
     هاڻي هن بيان جو ٻيو رک ڏسو: ڪي مسلمان ليکڪ لکن ٿا تہ ڪن بي نڪاحين مسلمان عورتن جو اهو آستان هئو. هنن شادي نہ ڪئي ۽ اتي ستيون ٿي رهيون. ان ڪري هن جاءِ کي ستين جو آستان چيو ويندو آھي. 
         هندو ڇوڪرين ۽ عورتن جيڪڏهن پاڻ ماريو هجي ها تہ ان جاءِ کي “آستان“ ڇو چيو ويو؟ ان کي تہ “مساڻ“ سڏيو وڃي ها. آستان لفظ مان ان جي نسبت تہ مسلمانڪي مڪان سان ثابت ٿئي ٿي. 
     ٻي اهم ڳالھ هي بہ آھي تہ بلاشڪ هندو غلام بڻجي ويا. پر ڪاڪو ڀيرومل هينري ڪزنس جي ڪتاب “ائنٽيڪيوٽيز آف سنڌ “ ۽ جنرل هيگ جي ڪتاب “انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جا حوالا ڏئي لکي ٿو تہ بيشڪ حڪمران عرب هئا. پر سنڌ جي طول عرض ۾ اختيار ۽ ڪنٽرول هندن جو هئو. هن لکڻيءَ جي روشنيءَ ۾ سوال ٿو اڀري تہ هندو ڇوڪرين کي اجتماعي آپگهات ڪرڻ جي مجبوري ڪيئن پيش آئي؟ رچرڊ برٽن بہ اهڙي ڳالھ کي قبول نہ ڪيو آھي تہ ڪو هندو ڇوڪرين اجتماعي آپگهات ڪيو هو.
     “ تذڪره مشاهير سنڌ “ ۾ مولانا وفائيءَ بکر جي گورنر مير ابو القاسم نمڪين جو ذڪر ڪيو آھي.  پير حسام الدين راشدي پڻ ابوالقاسم جي سوانح تي تفصيلي مقالو لکيو آھي. چون ٿا هن در اصل “ ستين جي آستان “  واري هنڌ  کي هن صاف ڪرائي اهو مانڊاڻ مچايو هو. هن جاءِ کي “ ستين جو آستان “ پوءِ سڏيو ويو.
    سنڌ جي تاريخ ۾ کوڙ اهڙا واقعا ۽ بيان موجود آھن جيڪي هندن هڪ طرح لکيا آھن تہ مسلمانن ٻئي طرح لکيا آھن. محققن کي “ ٿرڊ پارٽيءَ“ جو ڪردار ادا ڪري  اهڙو منجهيل سٽ سلجهائڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ تي هندو يا مسلمان ٿي ڪم ڪرڻ بدران اسان کي  سچو سنڌي ۽ غير جانبدار محقق ٿي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن اسان کي سنڌ جي سچي تاريخ پڙھڻ نصيب ٿئي ۽ اسان مفروضاتي، اڌوري ۽ جانبدار تاريخ مان جند ڇڏائي سگهون

Good Wishes