ماضيءَ جي مزار |
پيارا ٻارو ! ڌرتيءَ جو گولو ته هڪڙو آهي ، پر ان تي ڪيتريون ئي قومون رهن ٿيون . جيڪي پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي آڌار تي پنهنجا خاص ملڪ وسائن ٿيون . هر هڪ قوم کي پنهنجون ريتون ۽ رسمون ، ۽ پنهنجا عقيدا ۽ حوصلا ٿين ٿا .انسان ته مڙئي هڪجهڙا ٿين ٿا ، پر رسمون ۽ رواج ، عقيدا ۽ اصول ، تهذيب ۽ تمدن انهن کي الڳ الڳ قوم بڻائن ٿا . |
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ملڪ ۾ اهڙي قوم رهندي هئي ، جنهن کي پنهنجي حڪومت هلائڻ جو هڪ عجيب و غريب ڍنگ هوندو هو . قوم جو ڪو به خاندان حڪومت ڪو نه هلائيندو هو . ليڪن قوم مان هڪ ڀلي ۽ ذهين ماڻهوءَ کي ملڪ جي واڳ سونپي ويندي هئي . جيڪو حڪومت يا ملڪ کي پنهنجي جاگير يا ورثو نه سمجهندو هو . پر ڌرتيءَ واسين جي خدمت ڪندو هو . جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته هو ملڪ جو انتظام ماڻهن جي خواهش مطابق نه ٿو هلائي سگهي ، يا سندس ڄمار وڏي ٿي وئي آهي ته پوءِ هو نئين حڪمران تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو . |
چون ٿا ته انهيءَ ملڪ جي حڪمران کي اچي خيال ٿيو ته هاڻي حڪومت جي گدي نئين نسل جي حوالي ڪجي ، ته جيئن اهو نئين تقاضائن مطابق قومي ڪاروبار هلائي سگهي . سو هن پنهنجي وزيرن اميرن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون ته جلد از جلد هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن نئين حڪمران جي چونڊ ٿي سگهي. |
حاڪم جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي ، هڪ عام درٻار جو بندوبست ڪيو ويو . جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو اچي حاضر ٿيا . رسم ۽ رواج مطابق حڪمران کي پهرين ڏينهن عوام جي اڳيان هڪ سوال پيش ڪرڻو پوندو هو ، ۽ ان کان پوءِ ماڻهن کي موقعو ڏنو ويندو هو ته هو هڪ هڪ سوال تي پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏين ۽ جو خوشنصيب انهيءَ سوال جو پورو پورو جواب ڏيندو هو ،ان کي حڪومت جي واڳ سونپي ويندي هئي. انهيءَ رسم مطابق وقت جي حڪمران هن ريت پنهنجو سوال پيش ڪيو : |
پيارا وطن واسيو ! هي انهيءَ وقت جي ڳالهه آهي ، جڏهن آءٌ ننڍو هوس . عيد جو ڏينهن هو ، رواج مطابق بابو سائين پنهنجي وڏن جي قبرن تي قل پڙهڻ لاءِ قبرستان وڃي رهيو هو . مون به ساڻس گڏجي وڃڻ لاءِ ضد ڪيو . گهر جي سمورن ڀاتين ڪوشش ڪئي ته جيئن آءٌ قبرستان نه وڃان . ڇو ته آءٌ ننڍو هئس . ۽ سندن خيال مطابق مقام ڏانهن وڃڻ ڪري ، مون تي جنن ڀوتن جو پاڇو پئجي ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري ڪنهن خرچي ٿي ڏني ته ڪنهن نون ڪپڙن وٺي ڏيڻ جا دلاسا پئي ڏنا . ڪنهن ٿي چيو ته هلي ٿا ملاکڙو ڏسون . هنن ڪيتريون ئي لٺيون چٺيون ڏيکاريون پر ورين ڪي ڪو نه . ڇو ته جا ڪوريءَ جي من ۾ اُڻي به اها ، سو آءٌ به اڙي هڻي بيهي رهيس . انهيءَ ڪري لاچار ٿي سڀني چيو ته ڇڏيو منڊي کي واريءَ ۾ ته ڪل پويس . مون گد گد ٿيندي پنهنجي چولي سان اکين مان وهندڙ ڳوڙها اگهي کڻي بابي جي چيچ پڪڙي . پوءِ ٿياسين روانا قبرستان ڏي . |
آئون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مقام ڏانهن وڃي رهيو هئس . مون کي ڪا به خبر نه هئي ته مقام ڇا ٿيندو آهي ؟ اسان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو مقام ڏانهن وڃي رهيا هئا . انهن مان ڪيترن کي هٿن ۾ گلن جا هار هئا . مون ائين سمجهيو هو ته اهي جڏهن مري ويل مائٽن سان ملندا ته سندن ڳچيءَ ۾ هار پارائيندا، ڇو ته هن کان اڳ حج کان موٽي آيل حاجين جي ڳچيءَ ۾ هار پوندا ڏٺا هيم، ۽ مري ويلن لاءِ اهو خيال هو ته جيڪي ماڻهو مري ويندا آهن ، تن کي ڌڻي تعاليٰ پاڻ ڏانهن گهرائي وٺندو آهي ، ۽ اهي عيدن براتن تي ڌڻي تعاليٰ کان موڪل وٺي مقام ۾ اچي پنهنجي مائٽن سان ملندا آهن . |
بابي جي هٿن ۾ گل نه هئا . هونءَ به احساس هيم ته منهنجي اچڻ تي پاڻ خوش نه هئا ، ان ڪري مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ ڄاڻي ساڻن هلڻ لڳس ۽ کانئس انهيءَ پڇڻ جو خيال لاهي ڇڏيم ته اسان گلن جا هار ڇو نه کنيا آهن . |
اسان مختلف قبرن تان ٿيندا اچي هڪ قبر جي مٿان بيٺاسين . بابي انهيءَ قبر جي سيرانديءَ کان بيهي ڪجهه پڙهيو. آءٌ انهيءَ سوچ ۾ ٻڏي ويس ته هن قبر مان اول ڪير نڪرندو ، ۽ کيس سڃاڻي به سگهندس يا نه ؟ آءٌ اڃا انهيءَ انتظار ۾ هئس ته بابي دعا گهري ۽ مون کي پنهنجي پويان هلڻ جو اشارو ڪيو . بابي جو غصو اڃا منهنجي ذهن تي چٽِل هو . ان ڪري مون کانئس مري ويل جي نه موٽي اچڻ بابت ڪجهه به نه پڇيو . اسان ٻي قبر جي مٿان وڃي بيٺا سين ته بابي پاڻ ٻڌايو ته اها منهنجي ڏاڏي جي قبر هئي ۽ پهرين تربت مامي جي هئي . هن قبر تي به مون انتظار ڪيو، ليڪن اتان به ڏاڏو ڪو نه اٿيو . پوءِ ٻين ماڻهن کي به ڏٺم ته اهي به اسان وانگر رڳو دعا گهرندا پيا وڃن . هن هيڏي ساري قبرستان مان ڪو به ڪونه پيو اٿي . تڏهن ياد پيم ته هڪ دفعي امڙ ٻڌايوهو ته مري ويلن جا روح اسان کي ڏسي سگهندا آهن ، ليڪن اسان کين ڪو نه ڏسي سگهندا آهيون . پوءِ ڪنهن به قبر ڦاٽڻ يا مڙدن جي ٻاهر نڪر ڻ جو خيال لاهي ڇڏيم . ٻن ٽن قبرن تي فاتح پڙهڻ کان پوءِ اسان هڪ مقبري ۾ داخل ٿيا سين. مقبرو نهايت شاندار ٺهيل هو . ياد ٿو پوي ته ان ۾ گلن چٽيل نيريون سرون لڳل هيون ۽ ڀتين تي ڪجهه لکيل هو . ٻين قبرن جي ڀيٽ ۾ بابو اتي وڏي ادب ۽ احترام سان گوڏا ڀڃي ويهي رهيو ، ۽ آءٌ وري شاندار مزار کي ڏسڻ لڳس . مزار تي رنگ برنگي ڪپڙا پيل هئا ، انهيءَ جي چوڌاري ڪاٺيءَ جو ڪٽهڙو ٺهيل هو . انهيءَ مزار تي دعا گهرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به ٻيءَ قبر تي نه ويا سون ۽ پوءِ قبرستان ڇڏي گهر ڏي موٽياسين . |
ڏاڏي سائينءَ جي قبر جيان بابي ٻين قبرن بابت ته ٻڌايو هو ، ليڪن هن مزار متعلق ڪا ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين . ان ڪري مون پاڻ کانئس انهيءَ شاندار قبر بابت پڇيو . جنهن تي بابي سائين ٻڌائڻ شروع ڪيو ته : ” پُٽ ! مون کي خبر نه آهي ته هيءَ قبر ڪنهن جي آهي ، ليڪن وڏن کان ٻڌندا پيا اچئون ته اها هڪ پهتل ٻانهي جي قبر آهي . انهيءَ پهتل ٻانهي لاءِ اسان ڪيتريون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچئون . هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته اهو فقير هڪ مالدار ماڻهو هو . وٽس ان ۽ ڌن جي ڪا به ڪمي ڪانه هئي . هڪ دفعي ڇا ٿيو ته ٻئي ڳوٺ وارن سان سندس جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ هن جو لکن جهڙو پُٽ مارجي ويو . سندس سون ورني پُٽ جي مارجي وڃڻ جو ٻڌي سڄي ڳوٺ خون جي پلاند وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو . کين خبر پئي ته دشمنن جي ڳوٺ جي هڪ ڄڃ انهيءَ رات سندن ڳوٺ کان گذري رهي آهي . ان ڪري سڀني فيصلو ڪيو ته ڄڃ تي راتاهو هنيو وڃي . سڀئي متفق ٿيا. ۽ هر هڪ وڃي پنهنجيون ڪاتيون ڪهاڙيون تکيون ڪرڻ لڳو . هن فقير جي دل م اچي خيال ويٺو ته اجائي ڏاڍي خون ريزي ٿيندي . ان ڪري ڇا ڪيائين جو سج لهڻ سان گڏ دشمنن جي ڳوٺ هليو ويو ته جيئن ڄاڃين کي ڳوٺ جي منصوبي کان واقف ڪري :۽ کين رستي مٽ ڪرڻ جي صلاح ڏئي . چون ٿا ته هي جڏهن ڄاڃين وٽ پهتو ته ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ کيس ماري وڌائون . ”پُٽ ! دشمنن سان چڱائي ڪرڻ يعني پنهنجي ڳچيءَ تي ڪهاڙو هڻڻ سو هن فقير سان به ائين ٿي پيو . چون ٿا ته ڳوٺ وارن کي جو اها خبر پئي ته انهيءَ وقت ئي کڻي چڙهائي ڪياوئون ۽ ڪيترن ئي دشمنن کي دسي وڌائون .“ |
آءٌ وڏي دلچسپيءَ سان بابي سائينءَ جي اها ڳالهه ٻڌندو رهيس ۽ بابي وري ٻي ڳالهه شروع ڪئي :”ماڻهو هن شهيد لاءِ ٻي ڳالهه ٻڌائيندا آهن . گهڻن جو چوڻ آهي ته اهو ماڻهو عزت ۽ شهرت جو مالڪ هو . مهمان نواز به وري پنهنجي مٽ پاڻ هو . رحم دل به ڏاڍو هو . چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن ملڪ ۾ اچي راڄ –ڊوهه ٿيو . ان ڪري ، ماڻهن ۾ اچي ڏڦيڙ پيو . ماڻهو اهڙا ته اچي مٽيا ، جو هڪ ٻئي جا ويري ٿي پيا . ڀلا لوڙهو جو چور ٿئي ته گهر کي ڪير بچائي ؟ سو اهي ماڻهو به سڀ ليڪا لنگهي ويا . هڪ ٻئي جي گهرن کي ساڙيائون ۽ بيگناهه شهرن اچي لابارو وڌائون . چوندا آهن ته نه ظلم نه ظلم ڪندڙ قائم ، سو جن جنگ جوٽي هئي ، تن کي اها ڳچي ۾ پئجي وئي . پوءِ اهي ڊوهي ماڻهو ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لڳا . انهن ڀاڄوڪڙن جو هڪ قافلو اچي اسان جي ڳوٺ ٻاهرن ويٺو . انهيءَ وقت سندن حالتن ڏسڻ وٽان هئي . انگين اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا ته سڀئي هئا . هنن نه رڳو عزت وڃائي هئي ، پر ڌن ۽ دولت تان به هٿ ڌوئي ويٺا هئا . سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي آيا هئا . سندن اهڙي حال کي ڏسي شهيد فقير کي رحم آيو ، هن نه رڳو ديڳيون چاڙهي سندن ماني جهلي ، پر مٿي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي ٻنين ۾ مَنهَن به ٺهرائي ڏنا . چوندا آهن ته آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچاڻي ، سو هنن به ائين ڪيو . کڻي فقير جي ٻنين تي قبضو ڪيائون . هيريءَ جي هير ٽنگ ڀڳي به نه لهي . سو انهن ڊوهي ڀاڄوڪڙن هتي به پير پختا ڪرڻ کان پوءِ رنگ ڏيکاريا .ائين جهيڙي جي شروعات ٿي جنهن ۾ فقير مارجي ويو .“ |
”آءٌ ڪن ڏئي بابي جي ڳالهه ٻڌندو رهيس تان جو گهر پهتاسين . انهيءَ ڏينهن کان پوءِ آءٌ انهيءَ قبر بابت ماڻهن کان پڇندو رهيس ، ڪنهن چيو هو ته ڀائر پاڻ ۾ وڙهيا هئا ۽ اهو فقير ڀائرن هٿان مارجي ويو هو ۽ ڪنهن ٻڌايو ته انهيءَ فقير کي ننڊ ۾ ئي موت اچي ويو هو . آءٌ اڄ ڏينهن تائين انهيءَ مزار کي نه ته وساري سگهيو آهيان ، ۽ نه وري ان جو راز معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان . اوهان مان به انهيءَ راز کي سليو ۽ کولي ٻڌايو ته پنهنجي گادي تنهنجي حوالي ڪندس ۽ اهو ئي اسان جو نئون حڪمران ٿيندو“ . |
حڪمران پنهنجي حڪايت ٻڌائي پوري ڪئي ، ۽ ان کان پوءِ ميڙ مان هڪ هڪ ماڻهو اٿندو ، پنهنجي لياقت ، ذهانت ۽ صلاحيت مطابق منجهيل سٽ کي کولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو . ائين لڳاتار ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون درٻار لڳي رهي ماڻهن جي مهمانيءَ ۽ رهائش جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو . هڪڙيون ديڳيون لهن پيون ته ٻيون چڙهن پيون . هيڏي ساري ميدان ۾ تنبن جون ڪيتريون ئي قطارون لڳل هيون، ائين پيو لڳي ڄڻ ڪو نئون شهر اڏيو ويو آهي . مطلب ته سڀني جي سک جو خيال رکيو ويو هو . ڪنهن کي به ڪو ڏک ڪو نه هو . اگر ڪو ئي دکي هو ته حڪمران ڇو ته ٽن ڏينهن ٽن راتين گذرڻ کان پوءِ به کيس سوال جو جوڳو جواب نه ڏنو ويوهو . انهيءَ ڪري هو ڏاڍو غمگين ٿي ويو ۽ اوندهي منجي ڪري اتي ئي ويهي رهيو . اميرن ۽ وزيرن وڏا وس هلايا ته من حاڪم جو من ٻيءَ پوي ، ليڪن تريءَ تيل لڳو ئي ڪو نه . هيڏي حشمت وارو حاڪم ويرم ۾ مايوس ۽ ملول ٿي ويو . اکين مان آب جاري ٿي ويس . بيقراري ۽ بيچيني بي پاڙي وڻ جيان وڪوڙي ويس . ٻارڙن وانگي روئيندي وڏي وزير کي چيائين :”افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ عقلمند انسانن جو ڏڪر پئجي ويو آهي . مون ته سرحدن جا پهرا هٽائي انسانن جي ذهنن تي هڻائي ڪو نه ڇڏيا هيم . ويتر انسانن جي ذهنن تان پهرا کڻائي وطن جي سرحدن تي هڻائي ڇڏيا هئم . مون ماڻهن جي زبان ، دل ۽ دماغ تي تالا ڪو نه هنيا هئا نه ڪوئي کائڻ ، سوچڻ ، لوچڻ ۽ چوڻ جي سگهه کسي هيم ، پوءِ ڇو منهنجي ملڪ جا ماڻهو چپ ٿي ويا آهن ، مون کي پنهنجي سوال جو جواب ڇو نه ٿو ملي ؟ “ امير۽ وزيرحيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ لڄ وچان سندن ڪنڌ جهڪي ويا ڄڻ ڪنهن سندن زبان تي مهر هڻي ڇڏي هجي . ائين گهڙي پلڪ ۾ درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي . جتي ٽي ڏينهن اڳ خوشيون ۽ شادمانيون هيون اتي هاڻي مايوسي هئي . ائين ٿي لڳو ڄڻ بهار ڏسندي ڏسندي خزان ۾ تبديل ٿي چڪو هجي . آخر ڪار حاڪم پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته آءٌ انهيءَ وقت تائين اوندهي منجي نه ڇڏيندس جيستائين منهنجي من جي مراد پوري نه ٿيندي . وزيرن، اميرن مٿا ملائي ويهي فيصلوڪيو ته ملڪ جي چئني طرف ماڻهو ڊوڙايا وڃن، جيڪي حاڪم جو هي سوال وڃي عوام اڳيان پيش ڪن . بس فيصلي ۽ حڪم جي ويرم هئي . هر هڪ وستي ۽ واهڻ ، ڳوٺ ۽ شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا ويا . حاڪم ۽ ان جا وزير ۽ امير انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ ويهي رهيا . |
سج لڙي ويو ، شام ٿي وئي ، ڏيئا ٻري ويا . ليڪن اميدن جو چراغ ڪنهن به ٻرندي نه ڏٺو . انهيءَ حالت ۾ سڄي درٻار ويٺي هئي ته اوچتو ڀير تي ڏونڪو لڳو ، حاڪم جي اکين ۾ جوت اچي وئي ، هو خوشيءَ وچان ٻهڪي پيو . درٻار جي رونق ئي بدلجي وئي ، اجڙيل آستان ۾ وري زندگيءَ جي لهر ڊوڙي آئي . |
حاڪم حڪم ڪيو ته ڀير تي ڏوڪو هڻندڙ کي هڪدم ادب ۽ احترام سان آندو وڃي ، اميرن ۽ وزيرن جو ن صفون سڌيون ٿي ويون جو جتي هيو اتي ئي ادب ۽ احترام سان اٿي بيهي رهيو . ماڻهن جي هجوم مان هڪ شخص نهايت حليمائي ، صبر ۽ تحمل سان اڳتي وڌندو رهيو . سندس لباس مان ائين پئي لڳو ته هو ڪو غريب ماڻهو هيو . پيرن ۾ ڦاٽل جتي ۽ مٿي تي پراڻي ٽوپي . اکيون ويڪريون ۽ جسم ۾ جانٺو جوان . مطلب ته سونهن ۽ سادگيءَ جو مجسمو پئي لڳو . حاڪم تخت ڇڏي هيٺ لهي وڌي اچي آڌر ڀاءُ ڪيس . حاڪم کلي کيس ڀاڪر پاتو . ائين پئي لڳو ڄڻ ڪي وڇڙيا ڀائر مليا هجن . حاڪم ته اهڙو گد گد پئي ٿيو ، ڄڻ کيس نئون جنم مليو هجي . |
حاڪم وڃي تخت تي ويٺو ۽ غريب شخص مٿيري جاءِ تي بيهي حاڪم جي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو . حاڪم بيچين ٿيندي غريب شخص کي چيو ته :”اي عقلمند انسان ! ٻڌاءِ ته تون اسان جي درد کي ڄاڻين ٿو ؟ جو سوال مون پوريءَ قوم جي اڳيان پيش ڪيو آهي ، ڇا تون ان جو جواب ڏئي سگهندين ؟“ |
انهيءَ تي غريب شخص وراڻيو ته :”اي خير خواهه ۽ قوم جا هڏ ڏوکي حاڪم ! تنهنجو ملڪ ڏاهن جو ڏيهه آهي . آءٌ ته انهن جي جتيءَ ۾ پير پائي نه ٿو سگهان . مون اوهان جو وڏو ڏوهه ڪيو آهي جو وقت سر اچي اوهان جي اڳيان حاضر نه ٿيس . ليڪن آءٌ به ڇا ڪريان . مون ته اهو سوچي دير ڪيم ته ڀل مون کان ڪوئي وڌيڪ عقلمند ۽ اڪابر اچي اوهان جي سوال جو جواب ڏئي ۽ ملڪ جي واڳ سنڀالي . ليڪن اهو ڪڻو منهنجي ئي نالي نڪرڻو هو ، ان ڪري اڄ اچي حاضر ٿيو آهيان . |
منهنجا سائين ! اوهان نهايت عقلمندي ۽ دانشمنديءَ سان هڪ قبر جي تمثيل ۾ قومن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا ڪارڻ ٻڌايا آهن . انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهان ڏينهن رات هڪ ڪري ، رت ولوڙي ، ڇڙ وڇڙ قوم ۾ ايڪو ۽ الفت پيدا ڪئي ۽ ان کي قوم بڻايو اوهان جوخيال آهي ته اوهان کان پوءِ هن ملڪ جو ڪو اهڙو حاڪم مقرر ٿي جيڪو قوم جي ٻڌيءَ کي قائم رکي سگهي ، ۽ نئين حاڪم کي قومن جي تباهه ٿيڻ جي سببن جي ڀلي ڀت خبر هجي . |
اوهان پنهنجي فلسفي کي هڪ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ، اوهان جو پيش ڪيل شهيد درويش هڪ قوم جو مثال رکي ٿو . اوهان انهيءَ جي مرڻ جا چار سبب ٻڌايا آهن ، جيڪي قومن جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ آهن . اوهان جڏهن چئو پيا ته انهيءَ درويش کي ٻئي ڳوٺ وارن ماريو هو . ان جو مطلب هي آهي ته قوم جو خاتمو ڌارين جي حملي سان به ٿي سگهي ٿو . اوهان جڏهن ٻڌايوپياته درويش ڊوهي ۽ ڀاڄوڪڙ ڌارين کي پناهه ڏني ، جن سندن خاتمو آندو ، تنهن جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم جڏهن ڌارين ڊوهي ڀاڄوڪرن کي پناهه ڏيندي ته اها نيڪي نانگن پالڻ برابر ٿيندي ۽ اهي ڌاريا اڳتي هلي راڄ ڊوهه ڪري قوم کي تباهه ڪندا . اوهان جڏهن چئو پيا ته درويش کي ننڊ ۾ موت اچي ويو هو ته ان جو مطلب هي آهي ته ڪا قوم غفلت سبب به تباهه ٿي سگهي ٿي . اوهان جو ٻڌايو هو ته درويش کي پنهنجي ڀائرن ماريو هو ، ان جو مطلب هي آهي ته قوم پاڻ ۾ وڙهي به پنهنجي قوميت ، اتحاد ۽ وجود جو خاتمو آڻي سگهي ٿي . |
غريب شخص جي اها وضاحت ٻڌي حاڪم مبارڪ مبارڪ جا لفظ ورجايا . ۽ سموري درٻار ۾ خوشيون ۽ شادميانيون ٿي ويون . حاڪم چيو ته :” بيشڪ مون کي اهو ئي غم هو ته مون کان پوءِ هن ملڪ جو حڪمران اهو ئي شخص ٿئي جو قوم ۽ ملڪ جو اتحاد قائم رکي سگهي . هاڻي منهنجي من جي مونجهه لٿي . تون ماضيءَ جي مزار جي مام ڄاڻي ثابت ڪيوآهي ته حڪومت تون ئي هلائي سگهين ٿو . ان ڪري جيئن صبح ٿيندو ، تيئن هن ملڪ تي تنهنجي ئي حڪمرانيءَ جو سج چمڪڻ لڳندو .“ |