فرض ادا ٿي ويو!

 

ويچاري بدنصيب قوم کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ته هر ڪو ڪري ٿو ، ليڪن لڳي ٿو ته اسان جي اڳواڻن ، عقيدتمندن ۽ هڏ ڏوکين کي هوشيار ۽ خبر دار ڪرڻ وارو آهي ئي ڪو نه ! حقيقت ۾ اُهي انسان جيڪي پاڻ کي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جا خير خواهه ، خادم ۽ رهبر ڄاڻن ٿا ، جيڪڏهن جاڳي پون ته سٻاجهي سنڌ سڀاڳي ٿي پوي .

مقصدن جي برابري هئڻ باوجود هر هڪ شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو پورهئي جي ورڇ پٽاندڙ هڪ ٻئي کان الڳ ٿين ٿا . جيڪو ڪم سياست جي شعبي کي ڪرڻو آهي ، اهو ڪم علم ادب سر انجام ڏئي نه ٿو سگهي . اهڙيءَ ريت استاد وڪالت ڪري نه ٿو سگهي ۽ وڪيل ڪنهن مريض جي دوا ڪري نه ٿو سگهي . هي ڪم سياسي شعبي جو آهي ته اهو حقيقتن ،حالتن ۽ واقعن تي نظر رکندو هلي ته جيئن ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي جوڳي حفاظت ڪري سگهجي. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ته مٿي ۾ وارن جيتريون آهن ، پر ڪنهن به پارٽيءَ جي تنظيمي ڍانچي ۾ ”ريسرچ سيل“ ۽ ”برين پول“ جي گنجائش ڪانهي . بلڪ ڪيترين پارٽين جي جوڙ جڪ ته بنهه غير سائنسي بنيادن تي ٻڌل ٿئي ٿي . جڏهن اسان جي ڪن پارٽين جي اڳواڻن کي اها به خبر ڪانهي ته هڪ تنيظيم جا ڪيترا ۽ ڪهڙا شعبا هئڻ گهرجن ۽ اهي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندا رهن ، ته اهڙين حالتن ۾ ڪهڙي ٿي اميد ڪري سگهجي ته ڪو ”ريسرچ سيل“ به هجي ، ڪو ”برين پول“ به قائم ڪجي ، ۽ هڪ اڌ ”وجيلنيس ڪاميٽي“ به هئڻ گهرجي . نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪن خاص ڳالهين ، واقعن ۽ حالتن جو وقتائتو جائزو وٺي نه ٿو سگهجي ۽ نه وري ان مطابق ڪا ”عام راءِ “ هموار ڪري سگهجي ٿي ، تان جو جڏهن ڪا مصيبت مٿان اچي بيهي ٿي ته پاڻ کي روئڻ ۽ مٿي پٽڻ جو به موقعو ڪو نه ٿو ملي .

مثال طور اها خبر وڏي ڌام ڌوم سان ٽي وي وغيره تان نشر ٿي ته خانگي شعبي ۾ ڄامشوري وٽ پاور هائوس قائم ڪرڻ لاءِ ٻن ڪئمپن سان ڳالهه ٻولهه وڌائي وئي آهي . ڪنهن به هن اهم خبر جو نه ته نوٽس ورتو ۽ نه وري تجزيو ڪيو . ڪنهن به دانهن ۽ ڪوڪ نه ڪئي ته جيڪڏهن ڄامشورو ۾ پارو هائوس قائم ٿيو ته ان جو هتان جي مقامي آبادي جي تعداد ، سماجي حالتن، سندن لاءِ روزگار جي موقعن ۽ خود ماليات تي ڪيترو اثر پوندو ؟ اڳ جڏهن هن ئي آباديءَ جي ڀر پاسي ۾ ”خدا جي بستي“ قائم ڪئي وئي آهي ته هتي اڳ ۾ رهندڙ خدا جي بندن جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي . ٿورو پر ڀرو نوري آباد قائم ڪرڻ سان خود نوي ۽ ڄام تماچيءَ جا روح ڪيترو خوش ٿيا هوندا؟ اهو اسان جو نه پر اڳواڻن جو ڪم آهي ته هر قسم جي اهڙي ڳالهه جي پس منظر ۽ پيش منظر کي عوام جي اڳيان آڻين .

اهڙيون خبرون روز به روز ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون . ليڪن اسان جي چڱن ڀلن اڪابرن جي مٿن کان گذري وڃن ٿيون. ساڳئي ريت مختلف اخبارن ۾ وقت به وقت نهايت ڇرڪائيندڙ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ مواد پڻ شايع ٿيندو رهي ٿو . پر ڪو به انهن جو نوٽس نه ٿو وٺي ۽ هر ڪنهن جي ڄڻ جونئن به ننڊ پئي آهي . مثال طور جنوري 1991ع ۾ هڪ معاصر انگريزي اخبار ۾ محترم ايم . واءِ اورڪزئي جو خط شايع ٿيو . جنهن ۾ هن صلاح ڏني ته پاڪستان جيڪو هن وقت چئن صوبن تي مشمتل آهي ، تنهن کي ڏهن صوبن ۾ ورهايو وڃي ، محترم اورڪزئي جيڪو هتي آءِ . جي پوليس رهي چڪو آهي ، سو پهريون شخص ڪونهي ، جنهن ورهاست جي ڳالهه ڪئي آهي . کانئس اڳ ڪيترا مهربان ۽ قدر دان قينچيون کڻي سنڌ يا ٻين نقشن کي ڪتري چڪا آهن . انهن مان مير نبي بخش زهري ، مرزا جاويد بيگ ، رشيد احمد قدوائي ، ۽ جميل نشتر جا نالا ذڪر لائق آهن . انهيءَ خيال کي سرڪاري سطح تي هوا ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ سابق مارشل لا جي دؤر ۾ انصاري جي قيادت ۾ جيڪا آئيني ڪميشن ويهاري وئي ، تنهن وري پاڪستان کي ڊزن کن صوبن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي .

محترم اورڪزئي جي انهن خطن کان پوءِ ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر محمد عذير جو ساڳئي اخبار ۾ خط شايع ٿيو ، جنهن وري اورڪزئي جي انهيءَ راءِ کي ٽيڪو ڏيندي صلاح ڏني آهي ته هڪ سؤ پنجويهه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي صوبو ٺاهيو وڃ . سندن انهيءَ گوهر افشاني کان پوءِ ”فرينڊس آف سنڌ فورم“ جي اڳواڻ ڪراچي واسي ايس ايس جعفريءَ جو ساڳئي موضوع تي خط شايع ٿيو ، جنهن جو لب لباب ته ساڳيو آهي ، البت سندس اندازِ بيان انوکو آهي . هي صاحب فرمائي ٿو ته ” جا ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سا اها آهي ته اهي ماڻهو جيڪي بين الاقوامي معاملن جي ڄاڻ رکن ٿا ،سي ٻين ملڪن جي تجربن مان سبق ڇو نه ٿا پرائڻ . نائجريريا کي اڻويهن صوبن ٺاهڻ کان اڳ گهرو لڙائيءَ مان گذرڻو پيو ...........“ فاضل خط نويس جي تحرير مان جيڪا خوشبوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي ، اها بنهه ظاهر ، نمايان ۽ پڌري آهي .

ساڳيو ئي مهربان ساڳئي ئي موضوع تي هن کان اڳ 1985ع ۾ به قلم کڻي چڪو آهي ۽ اڄ به انهيءَ راءِ تي اورچ نظر اچي ٿو . هن وقت هو اڪيلو نه آهي بلڪ پنهنجي هم خيال ساٿين جي صف ۾ شامل آهي . سالن جي انهيءَ سوچ جو سنڌ واسين ڪهڙو نوٽيس ورتو آهي؟ علمي ۽ قلمي ميدان ۾ ڪنهن به پنهنجي هنن قدردانن سان ٻولا چاري ڪئي آهي ؟ ڪنهن عوام کي ٻڌايو آهي ته سندن ڌرتيءَ لاءِ اهڙيون به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون .”جيڪڏهن سياستدان سانت ڪيون ويٺا آهن ته اسان جي صحافت ته اهو فرض ادا ڪري سگهي ٿي . ڇا ڪنهن به اخبار ۾ ڪو اهڙو هفتيوار ڪالم شروع ٿي نه ٿو سگهي ، جنهن ۾ پڙهندڙن کي اهڙي قسم جا بيان ، خط ۽ خبرون جيئن جو تيئن ڪنهن تبصري کان سواءِ ئي پڙهڻ لاءِ مهيا ڪيا وڃن ته جيئن اسان کي خبر پئي ته اسان لاءِ ٻيا ڪهڙي خير خواهي ڪندا رهن ٿا .

اهي خط ته رهيا پنهنجي ماڳ پر اخبارن جي پهرين صفحن تي وڏين سرخين ۾ انتهائي اهم خبرون شايع ٿين ٿيون . جن کي جهور کان جهور پوڙهو به ڪنهن عينڪ کان سواءِ پڙهي سگهي ٿو . پر نوٽس وٺڻ وارو وري به پاڻ کي ڪو نه ٿو ملي . مثال طور هڪ معاصر انگريزي اخبار جي پهرين صفحي تي شه سرخيءَ جي خبر لڳي آهي ته ”مردم شماريءَ جا اکر سنڌ ۾ سياسي طوفان آڻي سگهن ٿا .“ اسلام آباد جي نمائندي پنهنجي ڪهاڻي هنن لفظن سان شروع ڪئي آهي ته هڪ وڏو سياسي طوفان سنڌ صوبي جو منتظر آهي ، ڇو ته مردم شماري ڪندڙ سرڪاري اهلڪارن جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا آهن ، اهي شهري ۽ ٻهراڙي واري آدمشماري اڳوڻي صورتحال (توازن) ۾ وڏي تبديلي ثابت ڪن ٿا . جيڪا ڳالهه نه ته ايم ڪيو ايم ۽ نه وري سموري ملڪ لاءِ قبول ڪرڻ لائق آهي .“

هڪ ڏينهن اها خبر شايع ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي انهيءَ اخبار ۾ ساڳئي موضوع تي اداريو لکيو ويو . جنهن ۾ جهڙوڪ هڪ ئي وقت تي سنڌ اندر انهيءَ ڪم ۾ مصروف عملدارن ۽ اهڪارن جي ايمانداري ، طريقه ڪار ۽ محنت ۽ ٻئي طرف سنڌ واسين جي رواداري خواهه سرڪاري ڪمن ۾ سهڪار واري جذبي کي نظر انداز ڪندي ، ساڳئي ريت گهر شماريءَ جي ابتدائي نتيجن کي ناقابل قبول ۽ ڪوڙو قرار ڏنو ويو ، نه صرف ايترو بلڪ اها صلاح ڏني وئي ته سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي ڪم کي اڌ ۾ روڪيو وڃي .

جيستائين آدمشماريءَ جو ڪم روڪيو نه ويو ، ان وقت تائين اسان صبر ، تحمل، ۽ بردباريءَ جا نت نوان مثال قائم ڪندا رهيا سين . فيصلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪن اخبارن اداريا لکيا ، ڪن اڳواڻن بيان ڏنا ۽ اهڙي ريت خير خوبيءَ سان اسان پنهنجي قومي خدمت جو فرض ادا ڪري ڇڏيو !

زنده آباد قوم جا مدبرو !! شاد آباد قوم جا دانشورو !!!

(ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 20-04-1919)

 

 

Good Wishes