جيڪس هيس ڌاري........

 

ڪتابن جا ورق ورائي ڏسبا ، اخبارن جا صفحا اٿلائي ڏسبا ۽ ٽي وي يا ريڊيو جو سئچ آن ڪري ٻڌبو ته جتان ڪٿان اهي دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اينديون ته هر ڪنهن کي ويچاري قوم جو ڏک آهي ، سڀني جو هنيانءُ ٿو پيو ڦاٽي ، جيڪڏهن اهو حشر ۽ حال ٻه اڍائي سال اڃا رهيو ته قوم جي هڏ ڏوکين جو ماس ته ڇا پر هڏا به ڳري ويندا .

قلم ڌڻين وٺي قلمي ڪات ڪهاڙا کنيا آهن ته ستل قوم کي هر صورت ۾ اٿاريو ۽ جاڳايو وڃي . اخبارن جا سينا ”هوشيار ، خبر دار“ جي قلمي آوازن ڦاڙي وڌا آهن . اخبارن کي اڳيان رکي ڏسبو ته اسان جي ليکڪن گهڻي کان گهڻو جنهن موضوع تي لکيو آهي ، اهو موضوع آهي ”قوم جي بيداري“ پر ڪو ويچارن ليکڪن کان اهو به پڇي ته ڀائرو اوهان جنهن مجبور ، مفلس ، مظلوم قومن لاءِ جاڳرتا جي باهه ٻاري ڏني آهي ، اها ستي ڪٿي آهي ؟ ان کي آرام ڪڏهن نصيب ٿيو آهي اوهان ڇو اچي هن جي پٺيان پيا آهيو ، گهٽ ۾ گهٽ اوهان ته کيس ٿورو آرام ڪرڻ ڏيو . کيس آرام جي ضرورت آهي . ڇڏيوس ته اها پنهنجي ذهن ۽ دماغ کي تازو ڪري وٺي .

آئون پنهنجي اديبن ۽ ليکڪن جي انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪو نه ڪندس ته ڪو اسان جي قوم غفلت جي ننڊ ۾ آهي . ان جي برعڪس ان جو آرام ئي ڦٽل آهي . جيڪڏهن ڪنهن کي اعتباري نه اچي ته هو پنهنجي دل تي هٿ رکي پاڻ کان پڇي ته ڪيترا سال ٿيا آهن جو هن قرار سان ننڊ نه ڪئي آهي ؟ هن جون راتيون ڪيئن گذرن ٿيون ؟ ۽ هن جا ڏينهن ڪيئن گذرن ٿا ؟ جڏهن اسان مان به اهو ڪو نه ٿو مڃي ته هن کي آرام جي ننڊ نصيب آهي ته پوءِ قوم ڪيئن ستل چئبي ؟ ها قوم ستل ڪا نه آهي ، بلڪ اسان جي قوم ڇٻر مثال آهي ، جيئن جيئن ڇٻر کي گهوڙو ۽ گڏهه به کائي ، ڍور ۽ ڍڳو به کائي پر پوءِ به اها پاڻ - هرتو ڦٽي پئي ۽ کُٽي ئي ڪو نه . اسان جي قوم کي ڪنهن ڪنهن نه کاڌو ، لٽيو ۽ ڦريو آهي ؟ عملدارن رعيت آزارن سان ملي ڏسو ته جهڙوڪ مڏي ڪاتي وهائڻ کان به ڪين ٿا مڙن . ڪنهن ”چڱي مڙس“ ڏي وڃو ، پٽڪو ٻڌي ته مٿي سان وڃبو پر موٽ تي اهو چيلهه سان ٻڌل هوندو ، ڪنهن اقتدار واري ڳواڻ ڏي پنڌ ڪبو ته وعدن ۽ دلاسن جي بار سان ڪنڌ ئي ڀڄي پوندو ، بي اختيار بادشاهن سان ملبو ته ”نيٺ ته صبح ٿيندو “ جي نيرن ڪرائي تڪڙو زوانو ڪري ڇڏيندو . قوم جي ڪنهن به فرد کي ڪٿي به سهارو ملي ، سا ڳالهه اسان وٽ ٿيڻي ئي ڪانهي .

پر ، جيڪا ويڌن هر ڪو قوم سان ڪري ٿو ، اها ڏسي پٿر دل انسان به روئي پئي . آئون جڏهن اليڪشن کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي جي انهن بيانن کي اڳيان رکي پڙهڻ ويٺو آهيان ته ڇرڪ نڪتا ٿا وڃن . هن ڌرتي ۽ هي قوم جيڪڏهن واقعي اسان جي اڳواڻن ، رهبرن ۽ مدبرن جي هجي ها ته هوند ان جي ايتري توهين نه ڪئي وڃي ها ، ڪن قدردانن اهو چيو ته هن دفعي قوم سوچ کان ڪم نه ورتو ته کيس پڇتائڻو پوندو ، ڪن اهو فرمايو آهي ته قوم پنهنجي غلطيءَ جو ازالو ڪيو آهي ، ڪي وري اڃا تائين اهو فرمائي رهيا آهن ته هي قوم سڌرڻي ئي ڪانهي .

اڙي بابا ! هي ويچاري قوم ڪنهن ڏانهن قرآن شريف کڻي ڪو نه وئي آهي ته اوهان ان جا اڳواڻ ٿيو ، رهبر ٿيو ۽ اقتدار يا ايوان ۾ ويهي ، هن جي خدمت ڪيو . خدمت فقط سياست ، محلن ، ماڙِن ۽ بنگلن ذريعي ڪا نه ٿيندي آهي . جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو هاري ڪري ٿو ، جيڪو اونداهي رات ۾ لنڊيون لتاڙي گرمي ، سردي ۾ ڌرتي مان انَ اپائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو اديب ، شاعر ، ۽ صحافي ڪري ٿو ، جيڪو پنهنجيون ننڊون ڦٽائي قوم لاءِ لکي ٿو ۽ پنهنجي ٻچڙن جي وات جو گرهه کسي پنهنجي ئي پئسن مان پنهنجيون لکڻيون شايع ڪرائي ٿو ، جيڪڏهن قوم جي ڪو خدمت ڪري ٿو ته اهو معصوم ۽ مظلوم شاگرد ڪري ٿو ، جنهن کي جوڀن ۽ جوانيءَ تي پهچڻ کان اڳ ڪا نه ڪا ڌر سندس انسان دوستي يا وطن دوستي جي جذبن جو استحصال ڪري کيس قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ٿي ، جيڪڏه قوم جي ڪو خدمت ڪر ي ٿو ته اهو چونڪ تي بيٺل بوٽ پالش ڪندڙ ٻالڪ ڪري ٿو ، جنهن پنهنجي عمل سان ”محنت جي عظمت“ کي پئي ثابت ڪيو آهي . باقي اقتدار ۾ رهي ڪري به قوم کي معاف نه ڪرڻ ۽ اقتدار کان ٻاهر رهي به قوم جي لاک لاهڻ نه خدمت آهي ، نه محنت آهي ۽ نه وري عظمت ئي آهي .

چيو ويندو آهي ته ”جنهن جو کائجي ، تنهنجو ڳائجي .“ اسان جنهن جو کائون ٿا تنهنجو جي ڳائي نه ٿا سگهون يا ان کي ڪجه ڏئي نه ٿا سگهون ته ڏکوئيون ته نه . ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو لطيف سائين فرمائي ته ”جيها جي تيها ، مون مارو مڃيا .“ پر اسان انهن مارن تي ميارن رکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه ٿا ڪريون . اسان ڪا تحريڪ هلايون ته گوليون کائي اها ئي قوم ، جيل ڀري اها ئي قوم ، ۽ رت جي هولين مان گذري ته اها قوم . پوءِ به اها قوم غافل ! پوءِ به اها قوم غلطين جو مجمسو ! پوءِ به اها قوم جاهل ۽ بي سمجهه !!

ڌڻي تعاليٰ جڏهن آدم کي خلقڻ جو ارادو فرمايو ته ملائڪن هن تخليق جي مخالفت ڪئي ۽ عرض ڪيو ته هي زمين تي فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو . ڇا ، اها ڌڻي کي خبر نه هئي ته آدم جو اولاد دنيا ۾ وڃي ڇا ڪندو ؟ بلاشڪ کيس اها خبر هئي ، پر پوءِ به رب ڪريم جو انسان ذات تي اعتماد ته ڏسو جو فرمايائين ته آئون پنهنجو خليفو پيدا ڪري رهيو آهيان . مٽيءَ مان ٺاهيل پنهنجي ان خليفي کي باهه مان جوڙيلن کان سجدا ڪرايائين ! جنهن آدم کي مڃڻ ، سڃاڻڻ ۽ سندس حيثيت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ، اهو تڙيو ويو . هن دنيا ۾ اهي ئي روايتون باقي آهن ۽ باقي رهنديون ، هڪڙا ماڻهو الله جي روايتن ۽ خواهشن کي مان ڏيندي آدم ۽ آدم جي اولاد کي احترام ڏيندا ، ۽ ٻيا انسان اشرف المخلوقات ۽ الله جي خليفي کي پنهنجي پيرن جي پڻي ڄاڻيندا آهن . اها ڪسوٽي ئي ڪنهن جي عظمت ۽ حيثيت کي مڃائي به ٿي ته مقرر به ڪري ٿي . جڏهن عام انسان ۽ آدم جي اولاد جو به اسان کي ايترو احترام ڪرڻو آهي ته پوءِ پنهنجي قوم سان ته انهيءَ کان وڌيڪ عزت ۽ احترام سان پير کڻڻو پوندو ڇو ته فرد قوم جي ڪري ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ قوم کان سواءِ فرد جو وجود بي معنيٰ هوندو آهي . انسان قوم جي ڇپر ۽ ڇانو ۾ رهي ڏونگر به ڏاري سگهي ٿو ۽ پنهنجو مستقبل به سڌاري سگهي ٿو . هن جي بقا هن جو وجود قوم جي صدقي ٿئي ٿو ، پر ائين لڳي ٿو ته اسان جي قوم جهڙوڪارين جي قوم آهي ان ڪري ساڻس اهو ۽ اهڙو رويو رکيو پيو وڃي .

 

(ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 06-04-1991)

 

 

Good Wishes