ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي رهين ٻين جو
دانهن مٿان دانهون ۽ ڪوڪن مٿان ڪوڪون ٿيون پون ته سماج کي بدلايو ، ظلم لڳو پيو آهي . انسان ذات پات جي رنگ ۾ وٺجي ويو آهي ، غربت جي غار جو منهن اڃا بند نه ٿيو آهي ، جهالت روز بروز وڌندي پئي وڃي ، ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڏينهن ئي نه ٿا کٽن . پرماريت پنهنجا پر پکيڙي ويٺي آهي ، ڪٿ به امن ۽ سڪون جو نالو نشان نظر نه ٿو اچي ، لافاني قدر ختم ٿيندا پيا وڃن ، غريب جو اوهي واهي ڪونهي ، ڏاڍي لٺ کي ساڳيائي ٻه مٿا آهن ، وغيره وغيره .
سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي حالتون ڇو نه ٿيون بدلجن ۽ آخر ڪار اهي ڪڏهن بدلبيون ؟ انساني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اهڙو ڪو سوال ئي ڪو نه ٿيندو آهي جنهن جو جواب موجود نه هجي . هر سوال جو جواب ٿيندو آهي ته پوءِ هن سوال جو به جواب هئن گهرجي ، جيڪو واقعي آهي به .
حالتن جي بدلائڻ ۾ ڪنهن کي عمل دخل حاصل آهي ؟ انهيءَ مسئلي تي اسان جي معاشري ۾ اڻ ڳڻيا اختلاف موجود آهن . هڪڙن جو خيال آهي ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو ۽ ٻين جو خيال آهي ته حالتون انسان کي بدلائين ٿيون ، ان ڪري انسان حالتن اڳيان بي بس ، مجبور ۽ لاچار آهي . جيڪي چون ٿا ته حالتن کي انسان بدلائي ٿو انهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن انسان هٿ ٻڌي حالتن جي تبديليءَ جو انتظار ڪندو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته هو هڪ بي جان شئي آهي ، جنهن پاڻ کي حالتن جي وهندڙ درياهه ۾ جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي . دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن ، انهن پٺيان شعوري ڪوشش موجود هوندي آهي ، انهيءَ قوم جا ڏاها پهريون ذهني ۽ فڪري انقلاب آڻيندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ پوءِ ٻي تبديلي ايندي آهي .
جيڪڏهن ڏاهن انسانن جي شعوري ڪوشش ڪا تبديلي آڻڻ جو واحد ذريعو هجي ها ته پوءِ لاکيڻي لطيف جي پيغام جي موجودگيءَ باوجود اسان جو ههڙو حشر ڇو ٿيو آهي جو پيرن هيٺان شهرن جي ڌرتي ڇڏائيندي وڃي ، وات مان زبان سسندي وڃي ٿي ۽ راتين جي ننڊ خواهه ڏينهن جو سڪون تباهه ٿيندو پيو وڃي . هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو لطيف سائين ته اسان سان سچو رهيو ، ليڪن اسان ساڻس ۽ سندس پيغام سان سچا نه رهيا آهيون . اسان لطيف سائين جو نالو روڊن ، ريلن ، هوٽلن ۽ هاسٽلن ، ڪارخانن ۽ ڪتاب گهرن ، جماعتن ۽ ادارن تي ته رکيو آهي ليڪن سندس پيغام کي سمجهي ان تي عمل نه ڪيو آهي . لطيف سائين اسان جي ثقافتي چر پر ۽ هلچل جو اهڃاڻ ته وڃي رهيو آهي ، ليڪن اسان کانئس قومي ،انقلابي ۽ عالمي شاعر هئڻ واري حيثيت کسي ورتي آهي . اها حيثيت ڪنهن کسي آهي ؟ قوم ؟ نه ، ڪڏهن به نه ، بلڪ اسان پاران سفيد پوش ٻه اکر پڙهيل ڪڙهيل ، پاڻ کي سيبتن ، ڏاهن ، ۽ سياڻن سڏائيندڙ انسانن ! جيڪي قوم جو دک درد رکڻ جي دعويٰ ڪيون ٿا ، جيڪي قوم جي روشن آئيندي جي خوابن ڏسڻ لاءِ پيٽ ڀري کائي سمهون ٿا .
هن جو اهو مطلب ٿيو ته واقعي ڪا شخصيت ۽ سندس شعوري ڪوشش حالتن جي بدلائڻ جو اڪيلو ذريعو نٿي ٿئي . بلڪ حالتن بدلائڻ ۾ ڪي ٻئي محرڪات ، ڪارڻ ۽ سبب به ٿين ٿا ، پر اها دعويٰ ۽ اها ڳالهه اسان جي معاشري ۾ قبول ڪرڻ جوڳي ناهي . اسان پنهنجي معاشري ۾ اهو تڪڙو مڃائي نه ٿا سگهون ته حالتن بدلائڻ ۾ شخصيت کي ثانوي حيثيت حاصل هوندي آهي . اهو مثال به سمجهائي نه ٿا سگهون ته ماڻهو وڻ مان انب تڏهن ئي پٽي سگهندو ، جڏهن وڻ ۾ انب هوندا ، حالتون تبديل تڏهن ڪري سگهبيون جڏهن حالتون سازگار هونديون . اسان جو معاشرو ”آدرش پرست“ ۽ ”آدرش پسند“ معاشرو آهي ، انهيءَ سوچ اسان جي عوام ۽ ان جي علمي ،ادبي ، ثقافتي ۽ سياسي اڳواڻن جي فطرت کي پڻ متاثر ڪيو آهي . عوام جو خيال آهي ته اديب ۽ شاعر جي قلم کي جنبش ايندي ته آهني ۽ فڪري انقلاب ايندو ۽ جي قومي اڳواڻ زبان کوليندو ته ظلم جا زنجير ٽٽي پوندا . اهڙيءَ ريت اسان جو علمي ، ادبي ۽ سياسي اڳواڻ به پاڻ کي انقلاب آڻيندڙ ڄاڻي ٿو .
هاڻي جيڪڏهن سنڌ صدين کان وٺي مردم خيز مٽي رهي آهي ۽ هن ڌرتيءَ علم ادب خواهه سياست جي ميدان ۾ املهه ماڻڪ ماڻهو پيدا ڪيا آهن ته پوءِ به ڪا تبديلي ڇو نه آئي آهي ۽ اسان دانهون ۽ ڪوڪون ڇو ٿا ڪريون . يا ته اسان جون دانهون ۽ ڪوڪون اجايو آهن يا وري انهن املهه ماڻڪ ماڻهن ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻاريو آهي .
اسان جي دانهن ۽ ڪوڪن ۾ ته وزن آهي ، البت انهيءَ ڳالهه تي سوچي سگهجي ٿو ته اسان جي علمي ، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي آدرشن ڪيتري قدر ٻوٽو ٻاريو آهي . ڪنهن اجائي اينگهه ڪرڻ بدران ٿورن لفظن ۾ ائين چوڻ ڪافي ٿيندو ته ٻوٽي ٻارڻ جو مقصد آهي ته پنهنجي قول ۽ فعل ، شخصيت ۽ ڪردار کي ملائي ، بي لوث بڻجي پنهنجي منزل طرف انتهائي خلوص ۽ پڪي ارادي سان اڳتي وڌڻ ۽ بس . هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ کي اڳيان رکي اچو ته اسان پنهنجي پنهنجي آدرشن جي ڪارنامن جو جائزو وٺون . ائين ڪرڻ سان پاڻهي اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا ۽ اهو احساس ٿيڻ لڳندو ته اسان کي پنهنجي آدرش دوستي ، آدرش پرستي ۽ آدرش پسندي واري نظرئي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي .
جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته حالتون نه بدليون آهن ۽ اسان اهي حالتون بدلائڻ گهرون ٿا ته ان جو هي مطلب پڻ آهي ته اسان هر انهيءَ آدرش کي نه ٿا مڃون ، جنهن جي دعويٰ آهي ته هو حالتن بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي . جڏهن اسان موجوده حالتن کي قبول نه ٿا ڪيون ته لاشعوري طور تي پنهنجي آدرشن کي قبول نه ٿا ڪريون ، پر جڏهن شعوري طور تي پنهنجي آدرشن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين ته پوءِ جهڙوڪ دنيا جي سمورن انقلابن ۽ تبديلين جي پهرين مڃيل اصول کي پنهنجو ڪري ورتوسين ۽ اهو اصول آهي ”نفي کان اثبات“ طرف وڌڻ .
هي ڳالهه جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۽ دين مان مثال ڏئي ڪجي ته مناسب ٿيندو . اهو ماڻهو ان وقت تائين مسلمان ٿي نه ٿو سگهي ، جيستائين ڪلمو نه ٿو پڙهي . اهو ماڻهو ان وقت تائين الله کي نه ٿو مڃي ، جيستائين سندس مڃتا کان هو اڳ اڻ ڳڻيا الله مڃڻ کان انڪار نه ٿو ڪري . يعني ته پهريون هر شئي ۽ هر الله کان انڪار ڪري ٿو ۽ پوءِ حقيقي الله جو اقرار ڪري ٿو . اهڙي ريت جيستائين اسان اڻ ڳڻين آدرشن جي مڃتا جا منڪر نٿا ٿيون ، ان وقت تائين حقيقي آدرشن جي مڃتا ڪري نه ٿا سگهون . اهو حقيقي آدرش ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي ؟ انهنيءَ جو جواب تلاش ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪري اهو اعلان ڪري ته جيئن آئون هنن حالتن مان خوش نه آهيان ، تيئن انهن حالتن پيدا ڪندڙ ۽ حالتن بدلائڻ وارن دعويدارن کان به خوش نه آهيان ، ان ڪري نه ته حالتن کي مڃان ٿو ۽ نه وري آدرشن کي مڃان ٿو .
(ڪالم؛ فالو آن هلال پاڪستان تاريخ 30-03-1991)