سنڌ ۾ سماجي ڪمن جي صورتحال
قديم سنڌ ۽ هند جي ماضي جا ورق ورائڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته هن خطي ۾ پئنچائتي نظام موجود هئو، جنهن جي موجوده دور واري يونين ڪائونسلن واري نظام سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. قديم زماني جون پئنچائتون گهڻي ڀاڱي حڪومتي اثر کان آزاد هيون، پر موجوده دور ۾ يونين ڪائنسلون سرڪاري پئنچائتن برابر آهن. ڪنهن به دور جي حڪومت ۽ ڪنهن به ملڪ جي حڪومت عوام جا دک درد پوريءَ ريت حل نه ڪيا آهن. ان ڪري خاص طور تي مغربي ملڪن انهيءَ ڏس ۾ مثال قائم ڪري، ”پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ“ واري اصول کي پنهنجي سماج جو بنياد بڻايو ، انهيءَ جذبي ڪيترن ئي قسمن جي تنظيمن کي جنم ڏنو. اڄ ڪلهه مغرب ۾ اهي تنظيمون غير سياسي هوندي به ملڪ ۽ دنيا جي سياسي نظام تي اثر انداز ٿين ٿيون.
سنڌ ۾ پڻ اهڙيون تنظيمون قائم ٿيڻ شروع ٿي چڪيون آهن. جن کي اسان ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهرين قسم ۾ اهي تنظيمون اچي وڃن ٿيون جيڪي نج پنهنجي ذريعن وسيلن تي هلن ٿيون ۽ انهن جي کانئن سواءِ ٻيو ڪو به پر گهور نه ٿو لهي. ٻئي قسم ۾ اهي تنظيمون اچي وڃن ٿيون جن کي سرڪار طرفان مالي ، معلوماتي ۽ فني امداد ملندي رهي ٿي. ٽئين قسم ۾ اهي تنظيمون شامل آهن، جيڪي ٻاهرين ملڪن جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري تنظيمن جي سهڪار سان زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ سماجي خدمتون سر انجام ڏين ٿيون. انهن ٽنهي قسمن جي تنظيمن سنڌ ۾ ڪهڙو سماجي انقلاب آندو آهي؟ اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي .
سڀ کان پهرين ڳالهه جيڪا ذهن ۾ رکڻي آهي، اها هيءَ آهي ته سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جو ڄار نه ته سرڪاري حڪمت عملي سبب وڇايو ويو آهي ۽ نه وري اهو سماجي شعور ۽ تعليم جو نتيجو آهي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ وڏي پئماني تي سماجي تنظيمن جو قيام ٿورن ماڻهن جي شوق ۽ دفتري ڪرپشن جي مليل جليل رنگ جو نتيجو آهي . ان ڪري ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته اهڙين تنظيمن جي قيام ڪرپشن ۽ پرماريت کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. حڪومت طرفان ڪڏهن به اهڙا انگ پڌرا نه ڪيا ويندا آهن ته حڪومت طرفان ڪهڙين تنظيمن کي ڪيتري مالي ۽ فني معلومات ملي، ۽ ان مان عوام کي ڪيترو لاڀ مليو. اهڙيءَ ريت تنظيمن وٽ به ڪو اهڙو طريقيڪار ڪونهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته انهن ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. سڄي سنڌ ۾ ”سگا “ ،”سڪ پريت“ ۽ ڪا هڪ اڌ اهڙي تنظيم هوندي،جنهن جي ڪارڪردگي سڀني جي اڳيان پڌري آهي، باقي نه ته ٿيو ڀلو ۽ ڪا به سماجي تنظيم پاڻ کي انهيءَ جو ذميوار نه ٿي ڄاڻي.
خادمي ۽ مخدومي ۾ زمين آسمان جو فرق ٿيندو آهي. پاڻ جن سماجي حالتن مان گذري رهيا آهيون، انهن پٽاندڙ ته ڪو ماڻهو ڪنهن کي پنهنجو ٻرو به ڪو نه ٿو ڏئي پر ٻيءَ لاءِ وقت ، محنت ۽ ڏوڪڙن جي قرباني ڪير ڏيندو؟ ماڻهو ذاتي ۽ گروهي مفادن جي زنجيرن ۾ ايترا ته جڪڙيل آهن جو هنن کي سماج جي خدمت ڪرڻ جي مهلت ڪٿي ٿي ملي.
اهڙين حالتن ۾ روز به روز اڻ ڳڻين سماجي ڀلائي وارين تنظيمن جو قيام ڪنهن ٻئي ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو. هاڻي هي ڳالهه ڳجهي نه رهي اهي ته سماجي ڀلائي وارين تنظيمن کي مالي ۽ فني امداد ڏيندڙ سرڪاري ادارا ۽ انهن جا عملدار ڪميشن وٺن ٿا. اهڙا عملدار تنظيمن جي آڊٽ اهڙيءَ ريت ڪن ٿا ، جن ۾ عهد يدارن کي به کائڻ کپائڻ جو موقعو ملي ٿو. ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سماجي ڀلائيءَ لاءِ ملندڙ رقم چڱو حصو عملدار ۽ عهديدار گڏي کائي وڃن ٿا. سنڌ ۾ جيڪڏهن سماجي ڀلائيءَ جو ڪو ڪم ٿئي ٿو ته ڪاڳرن تي ۽ فائلن ۾. انهن جو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ، ماڻهن ۽ ادارن تي ڪنهن به قسم جو مثبت اثر نه ٿو ٿئي.
انقلاب دوست قوتون اهڙين سماجي تنظيمن ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ کي انقلاب دشمن قدم ڄاڻينديون آهن. اسان جيڪڏهن اهڙن انقلابي ساٿين سان هم خيال نه ٿيون، پر پوءِ به اهو چوڻو پوندو ته سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جي بي ربط، حد کان وڌيڪ تنقيد کان بچيل قيامِ سنڌ ۾ سماجي تباهي آندي آهي. نظر داري ۽ نگهباني واري نظام نه هجڻ ڪري تنظيمن جي قيام معاشري ۾ ڪرپشن ۽ پرماريت کي عام ڪيو آهي. علاوه ازين ملڪي حڪومتون يا غير ملڪي مالي امداد ڏيندڙ ادارن کانئن مدد وٺندڙ فردن يا تنظيمن ذريعي اسان مٿان پنهنجا ويچار ۽ نظريا مڙهيا آهن ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪيا آهن. انهي الزام تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته اسان ورتو ڪيترو آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ معاضي طور ڏنو ڪيترو آهي؟ هر قسم جي سماجي تنظيمن کي اڄ يا سڀاڻي انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻو پوندو .جڏهن خود حڪومت ٻين حڪومتن ۽ ادارن کان مشروط قرض وٺي انهن جي شرطن مطابق، سياسي ۽ اقتصادي سڌارا آڻين ٿيون ته پوءِ مالي امداد ڏيندڙ ادارا مفادن کانسواءِ ڇو مدد ڪندا؟ بيشڪ اهي سياسي مفاد نه به وٺندا هجن پر انهيءَ ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو اهي ادارا پنهنجي مرضي مطابق اسان جي سماج کي بدلائڻ گهرن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي مرضي ۽ پسند وارن پراجيڪٽس ۾ مدد ڪندا آهن ۽ اسان جي ضرورتن واري پراجيڪٽس کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن.
اسان جي هر ڪا تنظيم ڪا ٻاهرين ملڪن وارن امدادي ادارن کان امداد نه ٿي وٺي. اسان جي سماجي تنظيمن جي اڪثريت حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کان امداد وٺي ٿي. تنظيم ڪنهن کان به مدد وٺي، مدد ڪندڙ ادارو ملڪي هجي يا غير ملڪي پر اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻيون آهن ته ايرينگن پائڻ جي آسري تي پنهنجا ڪن نه ڪٽائجن. تنظيمي ۽ سماجي ڪم مان فائدو سماج يا قوم کي ملي ۽ امداد ڏيندڙ يا وٺندڙ عوام خلاف ڪنهن ايجنسي جو روپ اختيار نه ڪن.
سرڪار ۽ سماجي ڪارڪنن کي اها ڳالهه پڻ ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته خدمتن جي ميدان ۽ ڪارڪردگيءَ جي ميدان ۾ ورجاءُ نه ٿئي.جيڪڏهن ساڳئي قسم جو ڪم ساڳين حدن اندر هڪ کان وڌيڪ تنظيمون ڪنديون ته اها پڻ عوام ۽ قوم خلاف هڪ قسم جي سازش ٿيندي. اهڙي صورت ۾ جهڙوڪ ڪارڪنن جون صلاحيتون، ذريعا ۽ وسيلا تقسيم ٿيندا ويندا ۽ اهي پنهنجي قوت ۽ اثر کي وڃائي ويهندا. ان ڪري ساڳين مقصدن وارين چپي چپي تي قائم ٿيندڙ سماجي تنظيمن مان عوام کي ڪنهن به قسم جو لاڀ نه ملندو. ان جي برعڪس اسان کي ايئن ڪرڻ گهرجي ته ٿورن مفاصلن تي ساڳين مقصدن لاءِ قائم ڪيل سماجي تنظيمن کي هڪ ٻئي ۾ ملائي ڇڏجي ته جيئن صلاحيتن، ذريعن ۽ وسيلن کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي سگهجي. گهڻين سماجي تنظيمن جي قيام جو مقصد ڪهڙو به هجي، پر ان جو برو اثر اهو ئي ظاهر ٿيڻو آ هي ته عوام اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن ۽ تنظيمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو. هر ڪو ماڻهو هڪ سر جي مست ٺاهڻ ۾ ايمان رکندو ۽ ڪڏهن به ڪا ”جامع مسجد“ جڙي ڪانه سگهندي.ان ڪري سماجي ڪارڪنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هو جيڪڏهن سنڌ ۾ سماجي انقلاب آڻڻ چاهين ٿا ته اڳ ۾ انهن ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي فعال بڻائن، جيڪي عوام جي سهڪار لاءِ عرصي کان وجهائينديون رهن ٿيون.
اسان وٽ جڏهن اڃا سماجي تنظيمن جو ڪم ئي رولي ۾ آهي ته پوءِ ڪيئن ٿا چئي سگهون ته سماجي ڪمن جي صورتحال صحيح ۽ بهتر آهي.اسان جيڪڏهن پاڻ سان، پنهنجي سماج سان ۽ قوم سان سچا آهيون ته پوءِ موجوده صورتحال کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. ٻئي صورت ۾ تاريخ اسان جو نالو به استحصالي طبقن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيندي.
(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 10.10.1994)