هي هيڻا پوءِ به ٻيڻا؟
شايد ڪو اهڙو چونڊيل نمائندو هجي، جنهن کي وزير ٿيڻ جو شوق نه هجي. هر ڪنهن جي حسرت ۽ خواهش اها هوندي آهي، پر پوءِ ڪي وڃي ڪرسي تي ويهن ۽ ڪي وري ڪرسي تي ويٺلن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪن.
ماضي قريب جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا ته وزارتن ٺهڻ ۽ ڊهڻ کان وٺي ويچارن وزيرن جي عقل جي ڊوڙ بابت انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ملنديون . ساڻن منسوب ڪيل قصن، ڪهاڻين ۽ ٽوٽڪن جا ٻه سبب هئا. هڪ ته ڪي وزير واقعي دنيا جو اٺون عجوبو هئا، بس مقدر کي نڀاڳ کنيو هو جو اهي وزير ٿي پيا. ٻيو سبب هي هيو ته وزير جي مخالف لابي هن جي ڪردار ڪشي لاءِ ڪوڙا ٽوٽڪا، قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور ڪري ڇڏيندي هئي.
جڏهن به جمهوري دور ايندو آهي ته ڪي نه ڪي عقل جا اڪابر وزير ، سندن عاقل بالغ دوست يا دشمن کل ڀوڳ جهڙا اڻ مٽ مثال ڇڏي ويندا آهن.
سنڌ جو هڪ تمام وڏو چڱو مڙس آهي، هن کي سياست جو ايترو ته تجربو آهي جو هن بي ڊي ميمبر ٿيڻ کان وٺي، صلاحڪار، صوبائي ۽ مرڪزي وزير ٿي ڏيکاريو . ڳالهه ٿا ڪن ته کائنس جڏهن موتمار بيماري ”ايڊز“ بابت سوال ڪيو ويو ته جواب ۾ هن چيو اسان جي ملڪ کي هاڻي ايڊ وٺڻ ۾ ڪو به مونجهارو ڏسڻو نه پوندو ڇو ته حڪومت جون پاليسيون هنڌين ماڳين مقبول ٿي چڪيون آهن.
مون پنهنجي پٽ سان گڏ ويٺي ٽي وي ڏٺي ۽ ”واءُ سواءُ“ جو پروگرام هلي رهيو هو.پروگرام ۾ غير ملڪي وفد جي هڪ وزير سان ملاقات ڏيکاري وئي. ان بعد وزير صاحب کان سنڌي ۾ سوال جواب ڪيا ويا. وزير موصوف فرمايو ته ”مان پنهنجي سيڪريٽري صاحب سان متفق آهيان، پوءِ هن پني تي لکيل جواب پڙهڻ شروع ڪيو. لکت ۽ اکر کيس ڪٿي ڪٿي سمجهه ۾ نه پئي آيا ۽ هو منجهي پئي پيو.“ اهو لقاءُ ڏسي مون واري ننڍي پٽ چيو ” بابا مون کي پڙهڻ نه ايندو آهي ته اوهان مار ڪڍندا آهيو، هو ڏسو وزير ڏسي به پڙهي نه ٿو سگهي .“ مون ڏانهس ڏٺو ۽ پٽ کي چيم ته تون به وزير ٿيڻ ٿو گهرين ڇا؟
لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ آڳاٽي وزير جو قصو ته سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن همراهه ڪڏهن ڪو مانڊول ڏٺو ٻڌو ڪو نه هو. وٽس وڏيرا ويا ۽ گذارش ڪيائون ته ” سائين اسان جا مانڊول سوڙها آهن، اوهان اهي ويڪرا ڪرائي ڏيو.“ ان تي وزير فرمايو ته ”ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي ، هيڏي کڻي اچو ته مان ٿو اوهان کي ويڪرا ڪري ڏيان.“
وزير هيڻو پوءِ به ٻيڻو، ڀلي ته ميلن ملاکڙن، جلسن جلوسن ۾ ماڻهو ڪنهن وزير کي چيڙائي رکن، پر پوءِ به ”ان جو منهن جنڊ ڏي“ مصداق ماڻهن کي وري به سندن در کڙڪائڻا پون ٿا.ضياءِ شاهيءَ جي دور ۾ مرحوم مير علي احمد ٽالپر سان ملڻ ٿيو . پاڻ ڊ فينس جو وزير هو. ڳالهين دوران مون کيس چيڙائي وڌو، ڳالهه معمولي هئي. مون کيس ايترو چيو هو ته ” مان مير علي احمد ٽالپر جو قدر ڪيان ٿو، باقي ڊفينس منسٽر کي ڪو نه ٿو سڃاڻيان ۽ نه وري ڪو منهنجو هن سان واسطو آهي.“ مير مرحوم ڳاڙهو ٿي ويو. ان وقت اسان جو هڪ وڏو اديب هن وٽ ويٺو هو، مير مرحوم چيو ته ”تون نوجوان اديب آهين، ۽ مون کي تنهنجي خودداري پسند آئي، پر پنهنجن وڏن اديبن جا پرڪار ڏس.“ ڏانهس اشارو ڪندي چيائين. ”هن کي ڏس ٻاهر گاريون ڏيندا آهن، ۽ هتي پير ٿو ويٺو چٽي ته کيس پٽ ڇڏائي ڏيان.“ مير اڃا ٿڌو نه ٿيو، ڪرسيءَ تان اٿي هڪ ڪتاب جي ڊمي کڻي آيو ۽ ان جو پهريون ورق ورائي مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنائين، ان تي لکيل هو ” سرڪار ! پاڪستان ۽ اسلام جي دشمن جي ايم سيد جو هي ڪتاب هن صورت ۾ وڏي جاکوڙ کان پوءِ پريس تان هٿ ڪيو اٿئون. ۽ اوهان کي ان لاءِ اڳواٽ عرض رکون ٿا ته جيئن ڪتاب جي پڌري ٿيڻ کان اڳ ان جو ڪو جوڳو تدارڪ ڪري سگهو ...............اوهان جا ..............
يقين ڪيو ته اهي ٻه نالا ايڏن ۽ اهڙن وڏن اديبن جا آهن، جن جي نالي وٺڻ کان اڳ مون کي ادب ۽ احترام لاءِ ٻه ٽي گرڙيون ڪرڻيون پونديون.
بهر حال شايد وزير هيڻا پوءِ به ٻيڻا آهن، ٻيڻا نه هجن پر پاڻ وهيڻا ضرور آهن . هر ڪنهن وزير باتدبير سان جيڪڏهن ڪو ناعاقبت انديش حلقو آهي ته ان صورت ۾ همراهه ڏاڍو ڏٺو ٿئي ٿو، اهڙن ئي خير خواهن وزيرن ۽ وزارت جي اهم منصب جو مان گهٽايو آهي.پاڻ اهي ديوارون به پڙهي آيا آهيون جن تي مطالبا لکيل هوندا هئا ته فلاڻي خان يا فلاڻي معتبر کي وزير بڻايو وڃي. اهڙي ريت اخبارن ۾ بيان به پڙهيا سون، جن ۾ بيان ڏيندڙ پنهنجي حلقي جي وزير خلاف لڳايل الزامن جي پر زور لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته هي وزير نهايت ايماندار، شريف ۽ پارٽيءَ جو پر خلوص وفادار آهي ۽ هن خلاف پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي. اهڙن بيانن مان ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته ويچارا ڪي وزير واقعي ويچارا آهن.
(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 22.10.1994)