تون دکي ٿيءُ نه دجال
چون ٿا ته قيامت اچڻ کان اڳ دجال ايندو، جيڪو اک کان ڪاڻو هوندو ۽ ماڻهن کان ايمان ڦريندو. دنيا قحط جهڙين حالتن مان گذرندي هوندي ۽ هن کي مانيءَ ڀور ڏيڻ جو اختيار هوندو.هو هڪ هٿ سان ماني ڏيندو ته ٻئي هٿ سان ان جي موٽ ۾ ايمان وٺندو ويندو. انهيءَ دجال جي دور ۾ اسان هجون يا نه هجون، پر جيڪا ڳالهه پڪ سان چئي سگهون ٿا، اها هيءَ آهي ته دجال جي آمد جي اسان مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي. هو جيڪڏهن اڄ به کڻي اچي ته کيس ڪا به تڪليف ڏسڻي ڪانه پوندي، ڇو ته اسان ماني ڀور لاءِ ، رزق يا ملازمت حاصل ڪرڻ لاءِ ايمان جهڙي معمولي الائي غير معمولي شئي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ! بلڪ دجال کي ڪنهن به دک نه ڏيڻ لاءِ اسان ماڻهن کي اهڙي ريت ذهني طور تي تيار ڪرڻ به شروع ڪيو آهي ۽ پاڻ دجال جي خليفن طور ڪم ڪندا رهون ٿا !!
آدم روز به روز وڌندو پيو وڃي ۽ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ آمدني ۽ ڪمائيءَ جا ذريعا وڃن پيا گهٽبا. هڪ ڪمائڻ وارو آهي ته ڏهه کائڻ وارا آهن، ڳالهه رڳي خالي پيٽ ڀرڻ جي هجي ته ڪيترا اها پلصراط به ٽپي وڃن، پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اڳ واريون ”عياشيون“ هاڻي ”ضرورتون“ بڻبيون پيون وڃن. ريڊيو، ٽيليويزن، بجلي، فون ۽ اڪثر حالتن ۾ پنهنجي سواريءَ جو بندوبست هاڻي آرام يا آسائش ڏيندڙ شيون نه ، پر ضرورتون بڻجي چڪيون آهن. رکي ۽ رڳي پيٽ ڀرڻ جي ڀيٽ ۾ انهن تي وڏو خرچ ٿئي ٿو ۽ ماڻهو اهڙي خرچ ڪرڻ تي مجبور آهي. انهيءَ حساب سان ۽ اٽي لٽي خواهه اجهي، جي خرچ پکي جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهو ۽ وچولي طبقي جي ملازمن جي آمدني کي ڏسبو ته يقين نه ٿو اچي ته پوءِ به ماڻهو زندهه ڪيئن آهي؟ ٻه اڍائي هزار روپين جي آمدني وارو ماڻهو بيماري، شادي غمي ۽ ٻين حادثاتي خرچن کان پوءِ ڇا بچائيندو هوندو ۽ ڪيئن پورائو ڪندو هوندو؟ هو جيڪڏهن پگهار کڻي بازار ۾ ويندو ته انهيءَ مان مهيني لاءِ بصر وٺي سگهندو يا ٻه بوٽ، جيڪڏهن اٽو وٺندو ته لوڻ مرچ لاءِ ٽڪو به ڪو نه بچندس، گيهه وٺندو ته ڀاڄيءَ لاءِ ٻئي هٿ آسمان ڏي کڻي. اهو آهي اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ مهانگائيءَ جو عالم .
انهيءَ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ شايد ڪنهن حد تائين اسان لاءِ ممڪن ٿي سگهي ها، جيڪڏهن انگريزن اسان جي تعليم کي تباهه نه ڪيو هجي ها ۽ اسان مان پورهئي جي عظمت جو احساس موڪلائي نه وڃي ها. انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏو گڏ حڪمت يا طب لازمي پاڙهي ويندي هئي. ان کان علاوه هٿ جي پورهئي کي عيب نه ڄاتو ويندو هو، پر آهستي آهستي اسان جي ۽ اسان جي نظرين خواهه قدرن جي ٻيڙي ٻوڙي وئي تان جو تعليم يافته طبقو ڪک ڀڃي ٻيڻي ڪرڻ کان به رهجي ويو. ڪيترين حالتن ۾ ته تعليم يافته ماڻهن کي جڏهن معمولي ملازمتون ملي ويون ته انهن رت جي رشتن کي به سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. معمولي تعليم ۽ معمولي ملازمت جو اهڙو جادو اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو، اهوئي سبب آهي جو ماڻهن جون ذاتيون بدلجي ويون ۽ سندن پيءَ ماءُ هنن جي حاضري ڀرڻ کان به محروم ٿي ويا.
پر اهڙين حالتن کي بدلائڻ ۾ حڪومتون ئي اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، جيڪڏهن حڪومتون تعليمي نظام ۾ منصوبه بندي ڪن ها ۽ معاشري جي گهرجن خواهه آدمشماري کي ڌيان ۾ رکي اڳواٽ فيصلو ڪن ها ته کين ڪهڙي شعبي ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا ماڻهو گهرجن ، ته پوءِ اسان جا ادارا بيروزگارن جي کيپن ڪڍڻ جو ذريعو نه بڻجن ها. اسان جا اڻ ڳڻيا انجنيئر، ڊاڪٽر، ٽيڪنيشنس ۽ باقي تعليم يافته ماڻهو نوڪريءَ لاءِ در در جون ٺوڪرون نه کائيندا وتن ها. پر جيڪڏهن گهڻو وقت اڳ فني ۽ هنري تعليم کي عام ڪيو ويو هجي ها ۽ پورهئي جي عظمت جو تقدس رکيو ويو هجي ها ته به حالتون ههڙيون سنگين نه هجن ها.
هر ڪنهن پارٽيءَ، ڌڙي يا حڪومت ۾ آيل ماڻهو اهو پئي جواز ڏنو آهي ته کين موقعو ئي ڪڏهن ڏنو ويو آهي ته اهي سڪون سان ويهي حڪومت هلائن ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪا نه ڪا منصوبه بندي ڪري سگهن. سندن وات گلاب اها ڳالهه سورهن آنا سچ آهي. واقعي هن ملڪ ۾ جمهوريت جي ڀيٽ ۾ مارشل لا جي ڄمار وڏي رهي آهي، پر جيڪڏهن جمهوريت کي اک ڇنڀڻ ۽ گهڙي پلڪ جو موقعو مليو آهي ته مخالف ڌر ۽ اقتدار واري ڌر پاڻي پٽ واري لڙائي لڙي وقت گذاريو آهي.انهيءَ ڄنڊا پٽ ۾ مصروف رهڻ ڪري واقعي حڪومتن کي نه موقعو مليو ۽ نه وري مهلت ملي.
پر هر ڪنهن حڪومت کي اڳ واري حڪومت طرفان ڀرتي ڪيل ملازمن کي ڪڍڻ جو موقعو ڪيئن ٿو ملي؟ اهو ظلم ۽ ڏاڍ فقط ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته پنهنجن ماڻهن کي راضي رکي سگهجي! سياسي تضاد ۽ اختلاف ته سياستدانن ۾ ٿيندا آهن، عوام ۽ عوام جو ملازمتي طبقو ته عملي سياست کان پري هوندو آهي. بيروزگاريءَ جي سٽيل عوام لاءِ رشوت يا سفارش کان سواءِ اسان رستو ئي ڪو نه ڇڏيو آهي. تعليم يافته بيروزگار طبقو ته سياسي لاڳاپن جي لٺ کڻي نوڪريون ڪو نه وٺي سگهندو آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي رشوت، سفارش يا لياقت تي نوڪري ملي وئي ته هن ويچاري ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو سالن جا سال نوڪري ڪندي، ڪڏهن اوچتو هن کي آرڊر ملي ته وڃي گهر ويهه . هي فقط ظلم ناهي، پر دجال جي خلافت جو حق ادا ڪرڻو آهي. اهو ڪنهن به حڪومت جو شيوو نه هئڻ گهرجي ته جيڪو مٿس ايمان آڻي، نوڪري فقط ان کي ملي سگهي يا ان جي نوڪري بچي سگهي.
راڄ ۽ ڀاڳ ورهائبا ڪو نه آهن، اهڙي ريت عوام جي به ايئن تقسيم ڪري نه ٿي سگهجي. ملازم طبقو ته عوام مان فرمانبردار ۽ ٻڌي ٻانهي جهڙو طبقو ٿئي ٿو. هن گونگي ۽ بيوس طبقي کي بيروزگاريءَ جي مڏي ڪاتيءَ سان ڪهڻ ڪنهن به حڪومت جو ڪارنامو نه سڏيو ويندو. ڪاش ڪرسيءَ تي ويٺل وقتي اقتدار ڌڻي اهو به سوچن ته اهي فقط ۽ فقط پنهنجي پارٽي جا يا پنهنجي ووٽ بينڪ جا خير خواهه نه ٿا ٿي سگهن، ڇو ته قسم کڻڻ کان پوءِ هو سڀ جا آهن ۽ سڀ لاءِ آهن. جيڪڏهن سڄي قوم جو قسم کڻي به فقط پنهنجن کي نوازيندا ته پوءِ وري هڪ ڏينهن ووٽ وٺڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ انهن کي عوام ڏانهن اچڻو پوندو. ڪاش قانون ۾ يا آئين ۾ اهڙي گنجائش رکي وڃي، يا رکيل گنجائش تي لازمي عمل ڪرايو وڃي ته ڪو به جڏهن ملازمت ۾ اچي ته ان کي مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان نوڪريءَ مان نه ڪڍيو وڃي ۽ ايئن اڻ ڳڻين گهرن جي چلهه وسائي ماڻهن کي پيٽ سان پٿر ٻڌڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
(ڪالم ” وڏا وڻ وڻڪار جا “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 03.09.1994)