حڪومتون ملازمن لاءِ ويري يا واهرو؟

 

صديون اڳ تنهن دور جي حڪمران سنڌ جي هڪ بزرگ کان پڇيو هو ته حڪومت کي ڪيئن مضبوط ۽ قائم رکجي؟ موٽ ۾ بزرگ صلاح ڏني هيس ته چار قلعا يا ڪوٽ ٺهراءِ يعنيٰ چئن شعبن ڏانهن ڌيان ڏئي. فوج کي انعام اڪرام ڏئي پنهنجو بڻاءِ، عوام کي عدل ۽ انصاف آسان ڪري ڏي.دشمنن تي ڪڙي نظر رک ۽ دليون خواهه ذهن بدلائيندڙن کان صلاح ۽ دعائون وٺ.

هي صلاح انهيءَ وقت ڏني وئي هئي جڏهن ڌاريا ڌاڙا هڻي ملڪن تي قبضو ڪندا هئا ۽ ڏيهي حڪمران عوام جي امنگن، احساسن ۽ حقن جو خيال رکڻ ضروري نه ڄاڻندا هئا. هاڻي حالتون ٻيون آهن، خاص طورتي پاڪستان ۾ حڪمرانيءَ جا انداز ئي نرالا آهن. حڪمراني يا حڪومت ڪرڻ جا ڏانءَ هتي ايترا ته بدلبا رهيا آهن، جو هن ملڪ کي جيڪڏهن سياست ۽ حڪمرانيءَ جو تجربيگاهه چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هتان جي عوام مارشل لائن جون مهربانيون به ڏٺيون ته بنا آئين جي حڪمرانيون به ڏٺيون، هتي جيڪو به حڪمران آيو، پنهنجي بغل ۾ نئون ڪتاب ۽ هٿ ۾ نئين بندوق کڻي آيو . هتي حڪومتون ڪڏهن پٽي تي ڏنيون ويون ته ڪڏهن انهن کي مسخري جي ٽوپي بڻائي هڪڙي جي مٿي تان لاهي ٻئي جي مٿي تي رکي وئي . اهڙي صورتحال ۾ صديون اڳ وارو بزرگ زندهه هجي ته شايد هو ڪي ٻيون صلاحون ڏئي ها.

حڪومت ڪهڙي به هجي پوءِ اها ٿاڦيل هجي يا باسيل، چونڊيل هجي يا چور دروازي کان آيل ، هر ڪنهن حڪومت کي پنهنجي پاليسين لاڳو ڪرڻ، امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجي عملدارن يعنيٰ ملڪ جي ڪامورا شاهي يا سرڪاري ملازمن تي ڀاڙڻو پئي ٿو. حڪومتن جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪامي جو گهڻو دارومدار انهيءَ طبقي تي ٿئي ٿو. اهي عملدار ئي آهن جيڪي جيڪڏهن پنهنجيءَ تي پون ته حڪمرانن جي غداريءَ جهڙن عملن کي به عوام دوستيءَ جو عمل ڪري پيش ڪن ۽ ناراض ٿين ته ڳجهي طرح کنيل قرض به پڌرا ڪري ڏيکارن.

انهن عملدارن جا به ٽي قسم آهن، هڪڙا با اختيار ۽ اقتدار جا حصيدار ٻيا ”انڌي بجي ۾ خوش“ جهڙا يعنيٰ ڪجهه اختيار ۽ ڪجهه بي اختيار طبقو ۽ ٽيون هيٺيان ملازم يعني سرڪاري مرشدن جا سرڪاري طور تسليم ڪيل ڏن ڏيندڙ مريد ، اهي فقط حڪمن مڃڻ لاءِ هوندا آهن.

عملدارن جو مٿئيون طبقو بادشاهن برابر آهي. هو ڪٿي به هوندا يا ڪٿي به بدلي ٿيندا، سندن حيثيت ۽ هشمت گهٽڻي ڪانهي . وچئون طبقو نقلي رعب تاب جو ڌڻي ٿئي ٿو ۽ هنن جي ڪرسي طلسم جهڙي ڪشش رکندي آهي ۽ اهڙن ئي عهدن تي مارا ماري لڳندي آهي. هن عهدي ۾ اهڙو ته انوکو اثر آهي جو مٿين آفيسرن ۽ هيٺين ملازمن جي گارين ٻڌڻ باوجود عهديدار پنهنجن ڪرسين کي چمبڙي پيا هوندا آهن. انهيءَ ئي طبقي ۾ ڪي اهڙا به عهدا هوندا آهن، جيڪي عهدا نه پر عذاب برابر هوندا آهن. اهڙن عهديدارن کي هر ڪو ، بليڪ ميل ڪري سگهندو آهي. اهي عملدار انڌي جي جوءِ برابر ٿيندا آهن. عوام به انهن تي ناراض ته تنظيمون به انهن تي ڏمريل .تر جو وڏيرو ڪاوڙجي ته به اهڙي عملدار جي چيلهه ڀڃي ڇڏي . جيڪڏهن انهيءَ عملدار جا زير دست به ناراض ٿين ته به هن جا لاهه ڪڍي ڇڏن . بالا عملدارن لاءِ هي زرخريد ساٿي ۽ حڪمرانن لاءِ منشي!.

اهي ئي عملدار آهن، جيڪي پنهنجي عزتن ۽ حيثيتن ۽ ذلتن جا بدلا وٺي ڄاڻن ۽ حڪومتن کي ڪامياب يا ناڪام بڻائي سگهن . حڪومت جڏهن به اهڙن عملدارن جي ويري ٿي ته پوءِ سندس ڪو واهرو ٿي نه سگهندو.پر جيڪڏهن حڪومت انهن عملدارن جي واهرو ٿئي ته سندس سڪرات سولي ٿي سگهندي. هنن عملدارن جوئي سڌو سنئون عوام سان واسطو ۽ واهپو ٿئي ٿو. حقيقت ۾ هي ئي اونڌي يا سنئين ڪري سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ صديون اڳ وارو بزرگ موجود هجي ها ۽ اڄ جي ڪا حڪومت کانئس صلاح وٺي ها ته بزرگ اوس اها ئي موٽ ڏئي ها ته هر ڪا حڪومت هنن يا ههڙن عملدارن جي واهرو ٿي نه ٿي سگهي ته ويري به نه ٿئي ، ڇو ته ان مان نقصان وري به حڪومت کي ئي پوندو.

حقيقت ۾ عوام کي جيڪي به سک ۽ ڏک ملن ٿا، عوام تي جيڪي به عنايتون ۽ نوازشون ٿين ٿيون ، اُهي عملدارن جي هن طبقي جي طريقه ڪار جي جادو جو اثر هوندو آهي. ان ڪري جيڪڏهن عملدارن جي هن طبقي جا ملازمتي حق محفوظ آهن ته اهو عوام جي حقن تي تڪڙو ۽ دليريءَ سان ڌاڙو نه هڻندو . جيڪڏهن ايندڙ ويندڙ هنن تي عتاب نه ڪندو ته هي ڏسي وائسي عوام لاءِ عذاب نه ٿيندا.

بدقسمتيءَ سان جيڪا حڪومت آئي آهي، اهاهنن لاءِ سوٽو کنيون آئي آهي ۽ هنن کي پاڻ سڌارڻ جون تلقينون ڪندي وڃي پنهنجي گهر پهتي آهي. هي طبقو هر ڪنهن کان بليڪ ميل ٿي پوءِ پاڻ باباءِ بليڪ ميل ٿي وڃي ٿو. ٻين جا دڙڪا ۽ دهمان ٻڌي، ڏسي پاڻ بيرحم ٿي پئي ٿو. کيس اهو يقين نه هوندو آهي ته ڪڏهن ٿو گهر ويهي يا ڪڏهن ٿو بدلي ٿئي، انڪري وقت کان اڳ پنهنجي گهر ڀرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪندو آهي. عملدارن جي انهيءَ ”مڊل ڪلاس“ کي اسان پاڻ ڪرپٽ ڪيو آهي ۽ انهن کي اهڙي ريت ڪٺور به پاڻ بڻايو آهي. ”مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ مصداق انهن کي حڪومت، حزب اختلاف، اعليٰ عملدار، زيردست، صحافي، وڏيرو، تنظيمون ۽ مفاد پرست پنهنجي پنهنجي نهن تي نچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ هو ٽلي ٽلي انهيءَ جي ناچ تي نچندا آهن. جيڪي سندن واهرو ٿي سگهندا آهن ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪري سگهندا آهن.

هنن کي سڀ جي غلام بنائڻ بدران جيڪڏهن عوام جو خادم بنائڻو آهي ته پوءِ کين انهن قيدن مان آزاد ڪرائڻو پوندو. سندن ترقيءَ ۽ تبادلي کي ڪنهن نه ڪنهن طريقه ڪار مطابق بنائڻو پوندو. ۽ کين انهيءَ ڪرڻ جي آزادي ڏيارڻي پوندي، جنهن لاءِ کين مقرر ڪيو ويو آهي. يا جنهن ڪرڻ جي قاعدي، قانون ۽ آئين اجازت ڏني آهي. ٻئي صورت ۾ عملدارن جو هي مڊل ڪلاس ڪرپشن ۽ ڪڌن ڪمن جو بي تاج بادشاهه ٿي پوندو ۽ هو ڪنهن جو به نه هوندو، فقط ۽ فقط پنهنجي لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو.

ملازمت ڍانچو انهيءَ وقت تباهه ۽ برباد ٿي ويو، جڏهن سينارٽيءَ جي ٻيڙي ٻوڙي، پنهنجي من پسند ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻين مٿان ٿاڦيو ويو. جونيئر ماڻهو جڏهن با اختيار پوزيشن ۾ آيا ته تجربي نه هئڻ ڪري ڪيترن ماڻهن جا ڳيجهو بڻجي پيا. ان ڪري ادارن جي ڪم جي رفتار متاثر ٿي. نه فقط ايترو پر حق کان محروم ملازمن وس پڳي ٿاڦيل جونيئر آفيسر لاءِ انتظامي مسئلا به پيدا ڪيا.

ملازمتي ڍانچي کي بچائڻ ۽ وري برقرار رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ”ڊائريڪٽ اپائنٽمينٽ“ واري حڪمت عملي رد ڪئي وڃي ۽ سينارٽيءَ کي اوليت ڏني وڃي. ڪو سينيئر آفيسر جيڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان نا اهلي ثابت ڪري چڪو آهي ته هن کي اها اڳواٽ خبر هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي نا اهليءَ ڪري پروموشن يا پوسٽ ماڻي نه سگهندو.

عملدارن جي اهڙيءَ ريت مقرريءَ سان گڏو گڏ هي پڻ ضروري آهي ته ادارن ۾ ٿيندڙ انتظامي مداخلت کي ٻنجو ڏياريو وڃي ۽ اداري اندر زير دستن کي بليڪ ميل ٿيڻ يا حزب اختلاف بڻجڻ کان بچايو ويو. اهو فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن بالا آفيسر ۽ زيردستن کان ملازمتي قاعدن قانونن جي پابندي ڪرائي وڃي. اجائي هنبوڇي هڻندڙن جي دل شڪني ڪئي وڃي ۽ عهدي جو غلط استعمال ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

 

 

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 12.01.1995)

 

 

 

Good Wishes