وري ورئي ٿو واءُ، ڏکن سندو ڏيهه تي

 

ڪڏهن ڪڏهن منجهي پئبو آهي ته پاڻ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي، نٺر؟ ضدي؟ يا خود سر؟ افعال ته اهڙا اٿئون. جيڪا ڳالهه اقتدار ڌڻين کي وڻي،اها اسان کي ڀيت ئي ڪانه پئي !وس وارن چيو ته اسان ون يونٽ ٿا ٺاهيون پر اڱڻ تي اوپرا اٺ ڏسي اسان وٺي دانهون ڪيون ،پر ماڻهو اسان سان ملهه ڪري ويا. اسان جي ماڻهن هٿان ، اسان جا ماڻهو ڪي قيد ته ڪي اٺن تي چاڙهي ٿر پهچايا ويا . ميدان جو خالي ٿي پيو ته ون يونٽ جو ڳٽ کڻي اسان پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي ڳچي ۾ وڌو. پوءِ به اسان جي اڪثريت هوڏ تان نه لٿي ۽ ضد ڪري بيٺي ته ون يونٽ نه گهرجي.

اسان پنهنجي ٻولي بچائڻ لاءِ به اهڙو ضد ڪيو، بهارين اچڻ خلاف به اهڙي هوڏ ڪئي سين. ڪالا باغ ڊيم خلاف به اهڙا خود سر ٿي بيٺاسين. آمرن خلاف به جمهوريت دوستن کان اڳ ڪڍي وياسين. ايم آر ڊي ۾ ايترو حصو ورتوسين جو خود ايم آر ڊي ٺاهيندڙن به اهڙو حصو نه ورتو.پر اسان کي هر دفعي پنهنجي هوڏ، ضد ۽ خود سريءَ جي سزا به ملي آهي. هر دفعي اسان جو دشمن اسان جا ئي ماڻهو اسان خلاف ڪم آڻيندو رهيو . ايم آر ڊي کانپوءِ سنڌ کي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ شهري دهشتگردي جي اڏند کٽولي تي ويهاري اسان مٿان هڪ نسل پرست پارٽي مڙهي وئي. ٻهراڙين کي اڪيلو ڪري منظم نموني سان ڌاڙيلن جي تربيت ڪري کين اسلحو ڏئي سنڌ جي طول عرض ۾ ماڻهن جي حياتي مٺ ۾ ڪئي وئي. ڀريا ڏهه سال سموري سنڌ ۾ ڌاڙيلن ڏينهن رات ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو. ڪنهن جي به جان، عزت ۽ دولت محفوظ نه رهي. سنڌ واسين کي انهيءَ ۽ اهڙي سبق سيکارڻ ۾ پوليس کان وٺي ويندي اثر رسوخ وارن ۽ ڌارين دل کولي ماڻهن جي مدد ڪئي. اهڙي قرب ۽ احسان اسان جي قدرن، نظرين ۽ اصولن کي ته ڇا پر لغت ۽ لفظن کي ئي بدلائي ڇڏيو. ”سنڌو“ جي معنيٰ آهي وحشين ۽ درندن کان پناهه ڏيندڙ، خوشحال ۽ آباد ڪندڙ پر پوءِ ”سنڌو“ جي معنيٰ ٿي پئي وحشين کي پناهه ڏيندڙ.

هاڻي به اسان جا افعال ساڳيا آهن. ضد ۽ هوڏ کان مڙئون نه ٿا. مالياتي ايوارڊ جو مسئلو هجي يا پاڻيءَ جي ورڇ واري ڳالهه ، عام ماڻهو ته ڇا پر حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو به هوڏ ڪري بيهن ٿا. تان جو وزارتن ۽ گورنرين جي به پرواهه نه ٿا ڪن. ڪرسين تي ويٺا آهن ته به ڪڙڪي سان ڳالهائين ٿا . وري جڏهن ڪرسيون ڇڏين ٿا ته هنن جا منهن کلي ٿا پون. هوڏي طبيعت واري قوم جي سوچ جي اها وڏي تبديلي آهي ۽ اها تبديلي حالتن جي ڌرتيءَ ڌٻڻ جو اهڃاڻ آهي.هاڻي حالتن جو اٺ ڪهڙي پاسي پيو ليٽي؟ اها ڳالهه ته هن وقت هر ڪو ڏاهو سمجهي چڪو آهي.

جن کي نالي ماتر اختيار ملي ٿو سي اهڙيون ڳالهيون ڪن ئي ڪن ٿا، پر بي اختيار ماڻهو به الائي ڇا مان ڇا چئي وڃن ٿا. ميان نواز شريف جي جلاوطني تي هر ڪنهن وڏي واڪ ڳالهايو آهي. سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ جي فرق کي شدت سان محسوس ڪيو ۽ انهيءَ تضاد کي اڀاريو آهي. سنڌي ماڻهو هاڻي ڏاڍو چيڙاڪ ۽ لاپرواهه ٿي پيو آهي. پنهنجي جان جي پرواهه به نٿو ڪري. اهو ئي سبب آهي جو آپگهات جا گهڻي کان گهڻا واقعا سنڌ ۾ ئي ٿين ٿا. سنڌي هاڻي هوڏي ۽ ضدي کان سواءِ اذيت پسند به ٿي پيو آهي. هن هر ڪنهن کي ناراض ڪري وڌو آهي.پاڻ کان به ناراض ٿي پيو آهي.

اهي آثار ٻڌائن ٿا ته وري ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي. وري ڏيهه تي ڏکن جا ڏينهن اچڻ وارا آهن. امن امان جون حالتون خراب ٿينديون . ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرا وڪوڙي ويندا . پر پوءِ دنيا ڏسندي ته ان لاءِ ڪو اسرائيل يا هندوستان کان ڪونه ايندو. ڪو اتر يا اولهه کان پٽڪو ٻڌي ڪونه ايندو. دنيا ڏسندي ته اسان جهڙا هوندا، اسان مان ئي هوندا جيڪي اسان کي سبق سيکاريندا. عملدر رعيت آزار ٿي ويندا. ماڻهو پاڻ کي چڱو مڙس چئي چڱن جو پٽڪولاهڻ شروع ڪندا. هنڌين ماڳين هٿ کس شروع ٿي ويندي. چوري ۽ زوري عام ٿي ويندي. مورخ ۽ تاريخ دان قلم ۽ ڪاڳر کڻي ويهن ۽ ڏسن ته جن ضلعن ۾ چونڊون ٿيون آهن، اتي انتقامي ڪارواين، چورين ۽ جهيڙن جو گراف ڪيئن نه تيزيءَ سان وڌڻ ٿولڳي. جتي به ٻه ماڻهو چونڊن ڪارڻ هڪٻئي سان ناراض ٿي پيا هوندا، اتي لچ ۽ لوفر جو به مڪو مچي ويندو .اختلافن جي آڙ ۾ اهو به ڏوهن ڪرڻ کان ڪين گهٽائيندو. ايئن اهي چونڊون اسان جي تقسيم جو ڪارڻ بڻجي پونديون.

اسان تي فقط اهي احسان ڪونه ٿيندا پر ڏوهن جي دنيا ۾ ٽين ڪلچر جو اضافو ٿيندو. ڌاڙن ۽ اغوائن جو دور ته اچڻو ئي اچڻو آهي، پر ڌڻي ڄاڻي اڃا الائي ڇا ٿيندو؟ انهن ڳالهين تي سوچڻ گهرجي. حالتن جي سيڙهه اڃا پنهنجا ڪنڊا اڀا ڪونه ڪيا آهن، ڏوهن جو اڃا مينهن اٺو ڪونهي . جيڪڏهن اسان چاهيون ته حالتن جو رخ مٽائي سگهون ٿا.

اسان فقط هوڏي ۽ ضدي ئي نه آهيون، پر گهمنڊي به آهيون. اسان کي گهمنڊ آهي ته اسان جيڪا به تحريڪ هلائي آهي اها ڪامياب ويندي ، پر ائين ڪو نه ٿيو آهي

اسان چيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي ٿئي پر ايوب شاهيءَ جي دور ۾ ته ان کان ذريعه تعليم هئڻ جو به حق کسيو ويو. اسان چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي ٻولي بڻايو وڃي ته اسيمبلين ۾ بل پاس ڪري اسان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ٻن ٻولين جو صوبو آهي. انهن مان هڪڙي قومي ٻولي آهي ۽ ٻي يعنيٰ سنڌي علاقائي زبان آهي. اهڙي ريت ون يونٽ اسان جي.

تحريڪ جي روشنيءَ ۾ ڪونه ٽوڙيو ويو. اها اقتدار ڌڻين جي تنهن دور جي سياسي مجبوري ۽ ضرورت هئي. بيشڪ اسان تحريڪون هلائي ڪونه ڪو در بند ڪيو پر اقتدار ڌڻين ٻيو در کولي ڇڏيو. اسان چيو سين ته سٺ نه چئو ٻين ٽي ويهان چئي حساب ڪتاب برابر ڪري ڏيکاريو.ان ڪري اسان گهمنڊي ضرور ٿيون پر اوترا جيترو گهمنڊ ڪرڻ جو حق آهي. ايندڙ دور جون حالتون اسان جي انهيءَ ۽ اهڙي گهمنڊ جي سار سنڀال لهڻ لاءِ اسان جي در تي بيٺيون آهن. هي اسان جي هوڏي طبيعت سان به ضرور ڪا نه ڪا هيڪاندي ڪنديون.اسان جي گهمنڊ ،ڏاهپ ۽ ادرڪ جو امتحان ٿيڻ وارو آهي.اها وقت جي تقاضا آهي ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن ، سماج سڌارڪ ۽ دانشور مونن ۾ منهن وجهي ايندڙ ڏکين حالتن جو ٽوڙ ڪڍن.هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان کي باهمي برداشت ۽ صبر کي عام ڪرڻو آهي. سهپ ۽ سهڪار کي دلين ۽ دماغن ۾ ويهارڻو آهي. اسان کي ڏسڻو آهي ته جيئن احساس محرومي اسان کي هڪ ٻئي جو ويري نه بڻائي ڇڏي. اسان اڳ ئي لالچ ۽ لوڀ جو شڪار ٿي پاڻ ون يونٽ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪالا باغ ڊيم رٿا جي سوچ ڏني آهي.ايئن نه ٿئي جو هاڻي ڪا لالچ ۽ڪو لوڀ ابتر ٿيندڙ حالتن کي هٿي ڏيڻ جي ڪارڻ بڻائي ڇڏي.

آئون آخر ۾ وري پنهنجو انومان ۽ انديشي تي موٽي اچان ٿو.ڌڻي ڪري ته ايئن نه ٿئي ۽ شال منهنجي سوچ غلط نڪري. پر حالتون اهو ٿيون ٻڌائن ته وري ورئي ٿو واءُ، ڏکن سندو ڏيهه تي، اغوائون عام ٿينديون.امن امان جون حالتون خراب ٿينديون. چوريون ۽ زوريون وڌي وينديون. ڇو ته اسان سوچڻ ۽ لوچڻ شروع ڪيو آهي. دنيا اسان جي سوچن جو رخ بدلائڻ لاءِ مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪندي. اسان کان سوچڻ وسري ويندو ۽ اسان جان بچائڻ لاءِ آتا ٿي پونداسين. اسان جيڪڏهن ڪي به ڏوڪڙ ميڙيا آهن ته اهي واري مٺ بڻجي ويندا. دنيا چاهيندي ته اسان جو کيسو به خالي هجي ته هٿ به خالي هجن. دماغ به سوچڻ ڇڏي ڏئي ۽ دل به محسوس ڪرڻ ڇڏي ڏئي.

(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ، تاريخ : 07.01.2001

 

 

Good Wishes