ناظم آيو ناز سان پربدليو ڪين نظام
اسان سنڌين جي ڀل ته دنيا جهان ۾ ساک سٺي نه هجي پر دوش دشمن به اها ڳالهه مڃيندو آهي ته مهان نوازيءَ ۾ اسان سنڌين جو ته ڪو مٽ ئي ڪونهي.اڌ صدي اڳ اسان مهمان نوازيءَ جو اهڙو مظاهرو ڪيو هو جو ڏتڙيلن کي ڏيڍي ڏيکاري، پاڻ پنهنجو گهر ڇڏ وڃي گهٽين ۾ ويٺاسين ، تان جو اڄ پنهنجي ئي شهرن ۾ پنهنجو گهر ڪونهي. اسان انهن مهمانن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي زبان وڍي سندن ڄڀ پنهنجي وات سان چنبڙائي ڇڏينداسين، پنهنجا پٽڪا ۽ ٽوپيون لاهي هميشه لاءِ اگهاڙا ٿي پياسين.
اسان جي اهڙي مهمان نوازيءَ جي واکاڻ ٻڌي ڪنهن ڀر پاسي جي ماڻهن کي خيال ٿيو ته ڇو نه سنڌ وڃي چڙهه ڪري اچجن. پر هنن اها ڏاهپ ڪئي جو آڪهيون ڪاهي اچڻ بدران پهريون واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ پنهنجو هڪ ڏاهو سنڌ موڪليائون. همراهه هتي پهتو ته ان وقت رمضان جو مهينو هو. هڪ طرف سرڪاري سختي ۽ ٻئي طرف دين ايمان جو جذبو ، ملڪ جو ماحول ئي مٽجي چڪو هو . اوطاقن جي درن تي ڍنگهر، هوٽلن کي تالا ۽ گهرن جا دلا خالي. همراهه ٽپهريءَ تئين رلندو رهيو پر ڪنهن چانهه پاڻيءَ جي به صلاح ڪانه ڪَيَسِ هي همراهه پريشان ٿي ويو. نيٺ ڪنهن کي هٿ کان پڪڙي ماجرا معلوم ڪيائين ته ”سنڌ ته سکيو ستابو ملڪ آهي ، پر هتي هر ڪو بکيو اڃيو ڇو ٿو گذاري .“ سنڌيءَ ڇنڊ پٽيس ته ”اڙي بي ايمان تو کي خبر ناهي ڇا ته خير سان رمضان برڪتون کڻي آيو آهي.“ اهو ٻڌي ٻاهرين همراهه کُڙين تي کڻي زور رکيو ، هن کي ڏسندي سندس ملڪ وارا ماڻهو کيس وڪوڙي ويا. هر ڪنهن پئي سکئي ستابي ملڪ سنڌ جي مهمان نوازيءَ جي ڳالهه پڇيس. هن منهن ڀيلو ڪري کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪو رمضان آيو هو. جنهن کين اڃيو بکيو بڻائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪا نه آئي.هو منجهي پيا ته اهو رمضان ڪير آهي؟ڪٿان آيو آهي؟ ڪيترا ڏينهن سنڌ ۾ رهندو؟ ڇا ايڏو طاقتور آهي جو سندس حڪم تي هر ڪو بکون ڪاٽي ٿو؟ نيٺ انهيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ هنن پئنچائت ويهاري. جنهن فيصلو ڪيو ته ڪنهن ٻئي ڏاهي کي سنڌ موڪليو وڃي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي اچي.
هي ٻيو همراهه جڏهن سنڌ پهتو ته محرم شريف جو مهينو هو.ماڻهن جي اڪثريت کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا، هنڌين ماڳين ماتمي جلوس پيا ٿين ، مومنن جا نيڻ آلا ۽ هر ڪو ماتم ۾ مصروف، همراهه پاسو وٺي ڪنهن کان پڇيو ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو روئڻ پٽڻ کان بس ئي نه ٿا ڪيو؟کيس جواب مليو ته توکي خبر ناهي ڇا ته محرم آيو آهي؟ همراهه نه ڪنهن کان موڪلايو ۽ نه ڪنهن کان وڌيڪ حال ورتو، سڌو منهن ڪيائين پنهنجي ملڪ. ماڻهن جڏهن حال احوال ورتس ته چيائين ته ” مون رمضان ته ڪونه ڏٺو، شايد اهو تخت تان لهي ويو يا گذاري ويو، پر سنڌ ۾ ڪوئي محرم آيو آهي جنهن ڪري ماڻهو روئن پٽن ٿا.“
وڏڙن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. هنن وري ٽيون ماڻهو سنڌ ۾ موڪليو . هو سنڌ پهتو ته عالمن ۽ اديبن سان مليو، صحافين ۽ سگهڙن سان مليو. استادن ۽ شاگردن سان مليو. قوم پرستن ۽ ترقي پسندن سان مليو. هن هرڪنهن کان بکن ۽ ڏکن، دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪارڻ پڇيو . هر ڪنهن وٽان کيس هڪ ئي جواب مليو ته ”ادا اسان جو نظام خراب آهي، جيستائين نظام نه بدلبو ۽ نه سڌرندو ان وقت تائين بک ۽ ڏک، آهون ۽ دانهون اسان جو مقدر بڻيل رهنديون.“
همراهه کي جهڙوڪ خزانو ملي ويو.ان ڪري نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو هڪ ساهي ۾ وڃي پنهنجي وطن پهتو. ماڻهو ته ڄڻ عيد جي چنڊ جيان هن جو انتظار ڪري رهيا هئا.همراهه پهچڻ سان ئي کنڀجي ويو. هر ڪو تهذيبن جي ماءُ عظيم سنڌ جي حالن احوالن وٺڻ لاءِ آتو هئو. هرڪو ايئن هن جي ويجهو اچي ويٺو ڄڻ هي سياري جي باهه هجي جو هر ڪو پيو هن ڏي سري پري ويهي. سڀني ڪن ڏنو ته هن ڳالهائڻ شروع ڪيو”واقعي سنڌ دکن دردن جي نگري بڻجي وئي آهي. پر پنهنجي وڍئي جو ڪهڙو ويڄ طبيب؟ اتي رمضان يا محرم مسئلو پيدا ڪونه ڪيو آهي.پر هنن جو نظام خراب ٿي پيو آهي. نظام اهڙو ته فريبي ۽ ڏنگو اٿن جو هنن کي هٿ ئي نه ٿو اچي. اهو نظام صاحب جيڪڏهن جهنگ جهر يا ڪنڊ پاسي مون کي نظر اچي ها ته ڪن پڪڙي سنڌين حوالي ڪيون اچان ها پر اهو نڀاڳو مون کي ڪٿي به نه مليو .“
هر هڪ پرڏيهيءَ رمضان، محرم ۽ نظام کي ماڻهون سمجهيو هو . بيشڪ اها سندن غلطي هئي. پر جيڪڏهن مان غلطي نه ٿو ڪيان ته پرڏيهي ”نظام“ کي ماڻهو ڄاڻي ڪوٽ کٽي ويا . جيڪڏهن اسان بدلجي پئون، ماڻهو سڌري پون ته نظام خود به خود بدلجي وڃي . اسان جو نظام هن ڪري نه ٿو بدلجي جو اسان ايئن ئي اهڙا ته تڪڙا رنگ بدلايون ٿا جهڙا سانڊو به ڪو نه بدلائيندو هوندو. اسان فقط رنگ ۽ ڍنگ بدلايون ٿا مگر پنهنجي وجود ۽ وجود جي اندر واري ارڏي، خود غرض ۽ مطلبي انسان جي حيثيت ۾ ساڳيائي آهيون. اسان مٽجون ۽ بدلجون ٿا وقت ۽ حالتن جي هٿان پر ڪڏهن وقت ۽ حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪيون . اسان وقت ۽ حالت اڳيان ابهم ٻار آهيون. اسان هر پنجين اٺين سال وري جنم وٺندا آهيون. يا ايئن کڻي چئجي ته اسان کي وري وري حياتي بخشي ويندي آهي ۽ هر نئين حياتي ملڻ تي اسان جي ڇٺي ڪئي ويندي آهي ۽ اسان تي نئون نالو رکيو ويندو آهي.ڪڏهن ”بنيادي جمهوريت“ جي پينگهي ۾ ويهاري ”چيئر مين“ نالو رکيو ويو ته ڪڏهن ”خدمت ڪاميٽي“ جو نالو ڏئي ماڻهن جي ڪلهي تي ويهاريو ويو. اڄ ٽئين چوٿين جنم ” ناظم“ نالو تجويز ڪيو ويو آهي.
اسان سادا ۽ سٻاجها ماڻهو سياست ڇا ڄاڻون؟ اسان کي ته ايتري خبر آهي ته جڏهن ڪنهن جهيڙي يا ويڙهه ۾ ڪو ماڻهو سادگيءَ ۾ شڪست کائيندو آهي ته چوندو آهي ته ”حريف مون سان سياست ڪري ويو“ معنيٰ ته هن سان دوکو ۽ فريب ٿيو. عام ماڻهو دوکي ۽ فريب کي سياست سڏي ٿو.
سياست دوکي ۽ فريب جو ٻيو نالو هجي يا نه هجي پر هي به حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه اها گلن جي سيج به ڪانه رهي آهي. سياست ۾ نالي ڪمائڻ وارو ڀلي ته پنهنجي حياتي تان هٿ نه به کڻي پر کيس پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن تان هٿ کڻڻو پوندو. وري ان ۾ وڏي کان وڏو عمل دخل پنهنجي ئي افعالن جو هوندس. دنيا جهان جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نه ملندس ، جيڪو سياسي حوالي سان اسان جي ملڪ ڏنو آهي. هن دور جي ٽن وڏين پارٽين جا اڳواڻ هن وقت ملڪ ۽ ماڻهن کان پري آهن. بلڪ ست سمنڊ پار آهن.
اسان جي نئين سياسي نظام ۾ نئين ڪردار ”ناظم“ جو اضافو ٿيو آهي. ڏسڻو هي آهي ته اهو ناظم ڪهڙا ٿو رنگ بدلائي ۽ ڪرسي ڇڏڻ کان پوءِ ڪٿي ٿو پهچي؟ ڏينهن ۽ مهينن ۾ بنگلن ۽ گاڏين جو مالڪ ٿو ٿئي يا جلاوطنيءَ جي اڳواٽ درخواست ڏئي پوءِ ٿو ڪرسي تي ويهي. ”ناظم“ پنهنجو يا قوم جو ڪهڙو ٿو حشر ڪري، اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهندو . پر جا ڳالهه اسان ٻڌائي سگهون ٿا سا اها آهي ته ”نظام“ وارو گڏهه ساڳيو ئي آهي. هاڻي کڻي هن جا آٿر بدلايا ويا آهن.پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اها تبديلي هاڻي انهن کي به نه ٿي وڻي ، جيڪي پاڻ به اها آڻڻ لاءِ آتا هئا.
ضلعي حڪومت جي ڳالهه ملڪ جي وڏين وڏين پارٽين ڪئي، ڪن پارٽين ته ان کي پنهنجي چونڊن واري منشور ۾ به شامل ڪيو. پر هاڻي جڏهن اهو ڪم ٻيون قوتون ڪري رهيون آهن ته ضلعي حڪومتن جا روحاني راز ٻڌائڻ وارا به انهيءَ مان نقص ڪڍي رهيا آهن.
مزي جي ڳالهه اها آهي ته ضلعي حڪومت جي ڳالهه ڪا سياسي پارٽي ڪري يا غير سياسي پارٽي ڪري، ٻئي عوام کي اعتماد ۾ ڪونه وٺنديون. ٻئي پنهنجي مرضي ۽ رضا خوشي جو مظاهرو ڪنديون آهن. جڏهن فوج اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها سندن خيال ۾ ڪرپٽ ۽ پنهنجي توڙي عوام جي دشمن قيادت مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ مقامي سطح تي غير سياسي ۽ عوام دوست قيادت اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. پر پتو پوءِ پوندو آهي ته جيڪڏهن پير نه ته سندن خليفا، وڏيرا نه ته سندن ڪاراوا، سياستدان نه ته سندن آشيروادي اڳتي وڌي ايندا آهن. نظام تبديل ڪونه ٿيندو آهي پر ناظم شطرنج جي مهرن جيان مٽجي ويندا آهن. جيڪي دقيانوسي، رجعت پسند، جاگيردارانه، وڏيرا شاهي ۽ پير شاهي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو باعث ٿيندا آهن. هن کان اڳ هر دور ۾ ايئن ئي ٿيو آهي. هتي ڳالهه پڻ تاريخ جي اهم باب جي حيثيت رکي ٿي ته ” نعم البدل سياسي قيادت“ پيدا ڪرڻ واري ڪوشش هڪ اهڙي سياستدان کي جنم ڏنو جنهن جي هٿن کان صدر ۽ چيف جسٽس ته ڇا پر فوجي ادارا به غير محفوظ ٿي پيا.
هن وقت جيڪا مقامي سطح تي تبديلي اچي رهي آهي، اها نظام جي تبديلي ته ڪانهي. پر هر هنڌ نئين ”ناظم“ جي آمد ضرور آهي. اهو ناظم وڏي ناز ۽ انداز سان ايندو . ڏسڻو آهي ته ناظم جي بوتي ۾ جان اچڻ سان ڪنهن جي ٿي جان وڃي. دقيانوسي نظام جي يا عوام جي؟ يا ايئن ٿيندو ته وري ڪو پرڏيهي سنڌ گهمڻ ايندو ۽ وطن واپس ٿي، پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائيندو ته سنڌ واقعي دک ۽ درد جي نگري آهي ، ليڪن ان ۾ ڏوهه رمضان، محرم ۽ نظام جو ڪونهي پر اتي ڪوئي ”ناظم“ آيو آهي، جنهن سڀني جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.
(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،
تاريخ : 17.12.2000)