عدم طرف وڌندڙ اسان جا قدم
اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن. هڪ طرف غربت آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ آهي. تعليم هجي يا تجارت ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.
اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي به ٿو ۽ ايئن لوچي به ٿو. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ به اسان منزل ماڻي ڇو نه ٿا سگهون؟ پوءِ به اسان جا انفرادي، اجتماعي ۽ قومي ڏک پنجن منجهان پندرهن ڇو ٿا ٿين؟
ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي ”وسيع تر انفراديت“ جو دور آهي ! ان ڪري هر ڪو ماڻهو فقط پاڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو. ان ڪري اجتماعيت ۽ قوميت هن لاءِ بي معنيٰ دائرا بڻجي پيا آهن. ڪو به قوم کي ۽ اجتماعي حالتن کي ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي ڍاهڻ نه ٿو چاهي.
ٿورو اڃا غور ڪري ڏسبو ته اسان مان ڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ انفراديت کان ٿورو ٻاهر نڪري، پنهنجي برادري ۽ ذات پات جي ڀلائي ۽ خيرخواهي لاءِ به سوچن ٿا. ان ڪري ذاتين پاتين جي بنيادن تي تنظيمون ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي ڏاڍ مڙسي مڃرائڻ لاءِ قبائلي جهيڙن ڪرڻ تائين اڳتي وڌي اچن ٿا. ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي بت ۾ ننڍي کنڊ جي مذهبي حالتن روح ڦوڪيو.انهيءَ نظرئي جا ابا ڏاڏا هندو ئي آهن. پر اڄ ڪلهه هندو توڙي مسلمان ذات پات جي زنگ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن. بلڪ انهيءَ انسان دشمن نطريئي جا مبلغ بڻجي چڪا آهن.
جهڙي ريت انفراديت پرستي پوري انسانيت جي نفي ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ذات پرستي وري ظلم، ذيادتي، بي انصافي ۽ بد امنيءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسان چوندا آهيون ته ڪو لڪل ۽ غير سنڌي هٿ سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي ٿو. بي شڪ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي اڃا ختم ڪانه ٿي آهي. ان کان سواءِ اسان جي سياسي ڪلچر اهڙي نظام کي قائم رکيو آهي. جنهن ڪري ماڻهو ذاتين ۽ برادرين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. پر ذاتين پاتين ۾ اختلافن ۽ تضادن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ اسان پاڻ ئي ٿيون ٿا.
پر پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي ٽوڪري ايجنسين کي کڻائيندا آهيون.بنهه ايئن جيئن ڏوهه پاڻ ڪندا آهيون، پر ٿڪ لعنت شيطان تي ڪندا آهيون، جڏهن ته شيطان ڪنهن کي هٿ کان وٺي گناهه نه ٿو ڪرائي.
انفراديت ۽ ذات پات لاءِ ڏوهه ثواب ڪرڻ کان علاوه اسان ٿورو اڳتي وڌي ڪنهن گروهه يا لابيءَ لاءِ به پاڻ پتوڙيون ٿا. هن بدعت سنڌ ۾ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ وارا گروپ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ادارا، ريڊيو ۽ ٽي وي اهڙن ماڻهن لاءِ مڙهه مقام بڻجي چڪا آهن. مجال آهي ڪنهن نئين ۽ اوپري ماڻهوءَ کي جو هنن جو ڪڙو ٽوڙي سگهي. ادارن ۾ عهدا ۽ رتبا ملندا ته مخصوص ماڻهن کي،ريڊيو يا ٽي ويءَ تي پذيرائي ٿيندي ته مخصوص لابين جي.ٻيو وتي ٻاهريان چڪر ڏيندو. هر ڪنهن هنڌ پير يا ڪنهن وڏيري جي درٻار لڳي پئي آهي. ٽوپي ٽانڊو ڪندو ته ڳالهه ۾ اثر پيدا ٿيندس ۽ پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملندس.
اسان جي سهڪار سر پرستي، تعاون ۽ امداد جي ڪهاڻي اهائي آهي. سهڪار ۽ سر پرستيءَ جي منڊي گهوڙي انفرادي غرض، ذات پات ۽ گروهه کان ٻاهر نڪري ئي ڪانه ٿي سگهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جا اجتماعي ۽ قومي مسئلا حل ٿين ئي ڪونه ٿا ۽ اسان روز به روز وڌيڪ آزار، سور ۽ درد ڏسندا رهون ٿا. اهڙين حالتن ۾ اسان جو هر قدم عدم طرف وڌندو رهي ٿو.
عدم طرف وڃڻ جو مطلب ٿيندو مري وڃڻ يا هي جهان ڇڏي وڃڻ. جڏهن اسان قومي ۽ اجتماعي مسئلن ڏانهن توجه نه ٿا ڏيون ۽ هٿ پير نه ٿا هلايون ته زندهه قوم ڪيئن ٿا ٿي سگهون؟انهيءَ حساب سان اسان زندهه قوم آهيون ئي ڪو نه ڇو ته اسان جيئرا آهيون ته پاڻ لاءِ، زندهه آهيون ته ذات پات يا گروهه لاءِ. قوم لاءِ اسان جو زندهه هجڻ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ۽ نه ان کي ڪو ضروري ڄاڻون ٿا.
اسان جو هر قدم هن ڪري به عدم طرف وڌي ٿو، جواسان ۾ ڪٿي به ورڪنگ رليشنشپ نظر نه ٿي اچي.اسان ڪامن فيڪٽرس کي اڳيان رکي تعاون نه ٿا ڪيون. ان ڪري هنڌين ماڳين، اسان جي قول ۽ فعل، اسان جي رويئي ۽ انداز ۾ عدم کانسواءِ ڪجهه به ڪونه آهي.
بک، بيروزگاري ، جهالت، بد امني جان ۽ مال جي تحفظ جو اونو ۽ ٻيا اهڙا مسئلا ، سمورن جا مسئلا آهن.ايئن ڪونه آهي ته ڪو فرد واحد، ڪا هڪڙي ذات يا ڪو هڪ گروهه انهن مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. جڏهن مسئلا ۽ مونجهارا هڪجهڙا آهن ۽ هر ڪنهن لاءِ آهن ته پوءِ اسان پنهنجي انفراديت، ذات ، گروهه لاءِ ڇو ٿا سوچيون؟ پوءِ اسان جو هر قدم عدم جي رنگ ۾ رتل ڇو آهي؟اسان کي عدم تعاون، عدم اعتماد، عدم دلچسپي ۽ عدم سهڪار ڇو پسند آهن؟ اسان کي هر اهو لفظ ۽ هر اهو عمل ڇو ٿو وڻي جنهن جي اڳيان عدم اچي ٿو؟لفظ عدم سان اسان جي ايتري محبت ڇو آهي؟ عدم طرف وڌندڙ اسان جو هر قدم اسان کي ڪٿي پهچائيندو؟
عدم تعاون، عدم دلچسپي ۽ عدم تعلق اسان مان هر ڪنهن کي ويڳاڻو ۽ وياڪل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان هڪ هوندي، اسان هڪ قوم مان هوندي به الڳ الڳ ۽ جدا جدا آهيون. اسان مان هر ڪو بي يارو مددگار ٿي پيو آهي. ڪو ڪنهن جي سار نه ٿو لهي، ڪو ڪنهن جي مدد نٿو ڪري، ڪو ڪنهن جي ڪم نه ٿو اچي. جڏهن ته ٻيءَ دنيا ۾ ايئن ڪونهي.باقي دنيا ۾ ڀل ته ڪنهن کي ڪنهن جو منهن نه وڻي،ذات پات مان هجي نه هجي، پر جيڪڏهن قومي ڪم ڪندو ته کيس پاڻ هرتو تعاون ملندو. هن جي همت افزائي ٿيندي.پر اسان ڪنهن کي کنگهنداسين به ڪو نه ، اسان ماڻهو آهيون پر ڪنهن جي به ڪم جا نه آهيون. اسان شايد عدم آهيون ۽ عدم جا راهي آهيون.
(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي)،